بلاگنئون

طاقت کي ساڃاهه جي ضرورت

طاقت ۽ ساڃاهه جي ميلاپ سان هڪ پرامن معاشرو جڙندو آهي، رياست کي پنهنجي وجود جي حفاظت لاءِ طاقت جي ضرورت پوندي آهي، هڪ ڪمزور رياست پنهنجي بقا کي قائم نه رکي سگهندي آهي. رياست جي طاقت کي پڻ ساڃاهه ۽ عقل جي اثر هيٺ توازن ۾ هلڻو پوندو آهي. انهيءَ توازن ۾ ساڃاهه ۽ عقل جو پاسو ڪجهه ڳرو هوندو آهي. جيڪڏهن طاقت ساڃاهه جي مٿان غالب ٿي وڃي ته پوءِ معاشري ۾ تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿيندا آهن پوءِ جيڪو ماڻهو ۽ رياست جو رشتو آهي ان ۾ يقين، محبت، احترام گهٽبو ويندو آهي ۽ غير يقيني ۽ نفرت جو بنياد پوڻ شروع ٿيندو آهي، جيڪو ان رياست کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب بڻبو آهي. اهو پڻ سچ آهي ته طاقت ۽ ساڃاهه جو ٺاهه پڻ گهٽ هوندو آهي. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته طاقت جو بيجا استعمال ڪندي حملا آور علائقا فتح ڪري اتان جي ماڻهن کي غلام بڻائيندا هئا. اها ئي ريت ڪالونيل دور ۾ پڻ رهندي آئي. ٻي مها ڀاري جنگ کانپوءِ دنيا جي عقلمند ماڻهن فيصلو ڪيو ته طاقت کي توازن ۾ آڻڻ لاءِ قانون، اصول ٺاهيا وڃن. ڪوبه ملڪ ڪنهن ٻئي ملڪ تي حملا آور نه ٿئي، انهيءَ جي زمين ۽ ذريعن تي قابض نه ٿئي. اقوام متحده جي وجود کي قائم ٿيندي تقريبن اسي سال گذري چڪا آهن. دنيا ۾ ڪنهن حد تائين بهتري ضرور آئي آهي، ڪمزور ملڪن کي طاقتور ملڪن سڌو پنهنجي ڪالوني ۾ نه آندو آهي، پر اڻ سڌيءَ طرح طاقتور ملڪ اڄ به ڪمزور ملڪن جون پاليسيون ٺاهين ٿا، انهن جي ذريعن کي پنهنجي لاءِ استعمال ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي ته اڃان تائين دنيا مان جنگ جو خاتمو ٿي نه سگهيو آهي. هاڻي جن ملڪن جي اندر طاقت جو بيجا استعمال ٿئي ٿو ۽ اهو به پنهنجي ئي ملڪ جي ماڻهن کي قابو ڪرڻ جي لاءِ انهن کي خوفزده ڪرڻ جي لاءِ ته پوءِ انهن ملڪن ۾ انتشار نظر اچي ٿو. اهم سبب وري به معاشي آهي. هڪ طبقو جيڪڏهن ٻئي طبقي جي وسيلن کي صرف پنهنجي لاءِ ڪتب آڻيندو ته ڪمزور طبقو چپ ڪري ته نه ويهندو؟ پر طاقت کي عقل گهٽ هوندو آهي انهيءَ ڪري بجاءِ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ موجود قانون ۽ آئين کان مٿانهان فيصلا طاقت پنهنجي زور تي ڪندي آهي، وقتي طور تي ٺاپر نظر ايندي آهي، پر اهو انتشار، اها بيچيني ماڻهن ۾ موجود هوندي آهي ۽ جڏهن به کين موقعو ملندو آهي ته ان جو اظهار پڻ ڪندا آهن ۽ سندن رويو رياست سان محبت ڀريو نه هوندو آهي. انهن سڀني مسئلن کي ان رياست جا دشمن پوري طرح سان استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پنهنجي ملڪ پاڪستان جي رياست کي وجود ۾ آئي به تقريبن 77 سال ٿي چڪا آهن. تاريخ ٻڌائي ٿي ته طاقت جو استعمال ٿيندو رهيو آهي، آئين ۽ قانون جي ڳالهه ڪندڙن کي غداري جا سرٽيفڪيٽ ملندا رهيا آهن، ڀلي کڻي اها قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح ڇو نه هجي. مختلف فارمولائن تحت حڪومتون هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، نه حڪومتون مضبوط ٿيون، نه ملڪ مضبوط ٿيو. پهرين مارشلا ملڪ اندر لاڳو ٿي، ان جو نتيجو 1971ع ۾ ملڪ ٻه ٽڪرا ٿيڻ جي صورت ۾ سامهون آيو. ملڪ جي ساڃاهه وندن فيصلو ڪيو ته هاڻي ملڪ کي آئين ۽ قانون هيٺ هلائبو. 73 جي آئين کي متفقه طور منظور ڪيو ويو. “ياد رهي ته ان آئين کي چار ايم اين ايز ووٽ نه ڪيو هو.” پر انهيءَ آئين جي خالق پنهنجي ئي آئين ۾ ترميم ڪندي ٻن صوبن جي چونڊيل حڪومتن کي گهر ڀيڙو ڪيو ۽ انهن صوبن اندر وفاق ذريعي حڪمراني ڪئي. نتيجو اهو نڪتو ته آئين ڪمزور ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 77 جي مارشلا ملڪ کي ٻيهر طاقت جي بيجا استعمال جي اثر هيٺ آندو. 88 کانپوءِ 2008ع تائين حڪمراني جي لاءِ ميوزيڪل چيئر واري راند شروع ڪئي وئي، جنهن دوران ٽين مارشلا پهرين کان ڪمزور رياست کي آئيني، قانوني ۽ اصولي طور ڪمزور ڪري ڇڏيو. رياست اندر دهشتگردي جيڪا ضياءُ الحق جي مارشلا کان تحفي ۾ مليل هئي ان ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو. پرويز مشرف کي نائن اليون کانپوءِ جهڙوڪ موقعو ملي ويو ته هو پنهنجي مارشلا کي قانوني شڪل ڏئي آمريڪا کان سڀ کان وڌيڪ فنڊ حاصل ڪري ۽ هن ايئن ئي ڪيو. پاڪستان آمريڪا جي پراڪسي طور افغانستان سان جنگ ۾ شامل ٿيو. ڏاڍن ماڻهن کي تمام گهڻو فائدو پيو، پر عوام ۽ ملڪ بنهه ڪمزور ٿيو. بلوچستان جي صورتحال ۾ ڪجهه ٺاپر آئي هئي ۽ بلوچ سياستدان ملڪي سياست ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا هئا، شايد اها ڳالهه طاقت کي پسند نه آئي ۽ هڪ انفرادي زيادتي ڊاڪٽر عورت سان ڪينٽ اندر ٿيندڙ ڏاڍائي جي صورت ۾ سامهون آئي. کيس انصاف ملي نه سگهيو ۽ مجبور ٿي اها ڊاڪٽر ملڪ ڇڏي انگلينڊ هلي وئي. ڇو ته طاقتورن انصاف نه ڏنو، علائقو سُئي جو هو انهيءَ ڪري نواب اڪبر بگٽي انهيءَ مسئلي تي تمام گهڻو احتجاج ڪيو ۽ نيٺ هن اعلان ڪيو ته اسان بندوق کڻڻ تي مجبور ٿيون ٿا. ياد رهي ته نواب اڪبر بگٽي هميشه پاڪستان جو حامي رهيو هو، هو پهاڙن طرف هليو ويو، ساڃاهه وند طبقي طرفان سياسي حل ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پنجاب جي ساڃاهه وند طبقي چوڌري شجاعت کي نواب اڪبر بگٽي سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ موڪليو، ڳالهيون تقريبن ڪامياب ٿي ويون هيون، پر پرويز مشرف جنهن کي ملڪي سالميت کان وڌيڪ پنهنجي ذات ۽ طاقت پياري هئي ان جلسي دوران چيو ته مان انهن ماڻهن کي جيڪي جبلن تي چڙهي ويا آهن، اتان نشانو بڻائيندس جتان انهن جو وهم ۽ گمان به نه هوندو سندس واضح اشارو نواب اڪبر بگٽي ڏانهن هو ۽ ٻن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ نواب اڪبر بگٽي کي شهيد ڪيو ويو. امن طرف وڌندڙ بلوچستان جو رستو ڄڻ بند ڪيو ويو، انهيءَ ڳالهه کي 18 سال ٿي چڪا آهن، اڄ به بلوچستان امن جي راهه ڏسي رهيو آهي. هاڻي ته پوزيشن اها آهي ته چند شهرن کانسواءِ بلوچستان جا ڳوٺ دهشتگردن جي حوالي ٿيل آهن، جنهن کي هو آزديءَ جي تحريڪ ڪوٺين ٿا. اتي انهن جو قانون هلي ٿو، روڊ رستا محفوظ نه آهن. دهشتگرد ٻين صوبن مان ايندڙ ماڻهن کي جن ۾ پنجاب جي ماڻهن جو تعداد تمام گهڻو آهي، بيگناهه مارين ٿا. 2006ع اهو ئي وقت آهي جڏهن ملڪ جي سياستدانن سوچ ويچار ڪئي ته اسان جي جهيڙي مان اهي طاقتور ڌريون جن کي ملڪ جي حفاظت ڪرڻي آهي بجاءِ حفاظت ڪرڻ جي حڪمراني ڪرڻ چاهين ٿيون. ٻن وڏين پارٽين جن کي پوءِ ننڍين پارٽين جي حمايت به حاصل ٿي انهن ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون. ان جي نتيجي ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو کي دهشتگردن نه بخشيو ۽ کيس شهيد ڪيو ويو. محترمه جي شهادت کانپوءِ ٺهندڙ پيپلز پارٽي جي پهرين حڪومت جنهن سان (ن) ليگ پڻ شامل هئي ارڙهين ترميم آندي، پر ان ارڙهين ترميم ۾ ان وقت جي چيف جسٽس افتخار چوڌري ٽنگ اڙائي ۽ (ن) ليگ پيپلز پارٽي سان گڏ نه بيٺي ۽ ان ترميم ۾ پڻ تبديليون ڪيون ويون جنهن جو روڄ اڄ به (ن) ليگ جاري رکندي اچي. پيپلز پارٽي جي پهرين حڪومت ۾ هڪ صوبي کي جيڪو 61 سال بينام رهيو هو، ان کي نالو مليو. انهيءَ پهرين حڪومت دوران ملڪ جو ان وقت جو ۽ هن وقت جو صدر جناب آصف علي زرداري بلوچستان اندر پهتو ۽ انهن سان ٿيندڙ تاريخي زيادتي تي معذرت ڪئي، معافي گهري. نواز شريف جي حڪومت جيڪا 2013 کان 2018 تائين هئي ان پڻ ڪوشش ڪئي ته بلوچ سياستدانن کي قومي ڌارا اندر شامل ڪرڻ ضروري آهي. ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ هڪ سمجهه ڀريو پڙهيو لکيو سياسي ماڻهو آهي ان کي وزيراعليٰ بلوچستان بڻايو ويو. پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کانپوءِ شايد رياست اهو فيصلو ڪيو ته طاقت جي ذريعي مسئلن کي دٻائي سگهجي ٿو، پر وقت ثابت ڪيو ته سندن اهو فيصلو غلط هو. بلوچستان مان پريشانيون گهٽ نه ٿيون، پر خيبر پختونخواهه کي پڻ دهشتگردي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. هن وقت هڪ دفعو ٻيهر پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ جي وفاق ۾ اتحادي حڪومت موجود آهي. بلوچستان ۾ پڻ پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت آهي، پر ان باوجود بلوچستان جا مسئلا سياسي طور حل نٿا ڪيا وڃن. طاقت پنهنجو اثر ڏيکارڻ چاهي ٿي ۽ رياست جا دشمن انهن دهشتگردن کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪن ٿا ۽ اهي دهشتگرد مختلف نالن سان ويڙهاڪ تنظيمون ٺاهي رياست کي ڪمزور ڪندي نظر اچن ٿا. انهن کي ٽي ٽي پي جهڙي دهشتگرد تنظيم جي حمايت پڻ حاصل آهي، جيڪي هنن کي هٿيار ۽ تربيت فراهم ڪن ٿا. مجيد برگيڊ هجي، بلوچستان لبريشن آرمي هجي، يا اهڙيون ٻيون دهشتگرد تنظيمون انهن کي گهڻي حمايت افغانستان مان ۽ ڪنهن حد تائين ايران مان ملي ٿي. انڊيا کي ته صرف موقعو گهرجي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ. بلوچستان ۾ مسنگ پرسن جو مسئلو موجود رهيو آهي، جنهن جون دانهون قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اندر ٿينديون رهيون آهن، هاڻي ته سپريم ڪورٽ ۾ به اهڙا ڪيس هلي رهيا آهن، پر ان طرف طاقت جو ڌيان نٿو وڃي. طاقتور ماڻهو چاهين ٿا ته اتان جي ڪجهه سردارن سان ملي حڪومت ڪريون، هو اهو نٿا چاهين ته اتان جي عوام کي سهولتون ڏئي انهن کي تعليم يافته بڻائي، انهن کي بلوچستان جي وسيلن ۾ شامل ڪري خوشحال بڻائي ملڪي ڌارا ۾ شامل ڪجي. اهو ئي سبب آهي ته سواءِ چند سردارن جي جيڪي تمام گهڻو خوشحال آهن باقي بلوچ عوام انتهائي ڪسمپرسي واري حالت ۾ زندگي گذاري ٿو. بلوچستان اندر مڊل ڪلاس نه هجڻ جي برابر آهي ۽ جيڪو مڊل ڪلاس موجود آهي اهو به رياست سان ڪاوڙيل آهي. ٿيڻ ايئن گهرجي ته دهشتگردن سان طاقت مهاڏو اٽڪائي، پر جيڪي ماڻهو ملڪي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا ۽ انهن جي پويان هزارين نوجوان موجود آهن، جن ۾ هڪ ليڊر ماهه رنگ بلوچ طور اسان جي سامهون آهي. پوءِ رياست کي ان سان ڳالهائڻ ۾ انڪار ڇو آهي؟ طاقت ساڃاهه سان ويهي ۽ ساڃاهه وند فيصلا ڪجن جن ۾ بلوچ اڳواڻ جيڪي چاهين ٿا ملڪي ڪاروهنوار ۾ شامل ٿيڻ انهن کي پڻ اعتماد ۾ ورتو وڃي، سندن جائز مسئلا حل ڪيا وڃن، انهن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي، صرف چند سردارن سان ويهڻ يا بيجا طاقت جي استعمال سان بلوچستان جو مسئلو جيڪو مني صديءَ کان هلندڙ آهي حل نه ٿيندو.
***