بلاگنئون

عوام باقاعدگي سان جي ايس ٽي جي صورت ۾ ٽيڪس ڀريندڙ آهي

دنيا ۾ پاڪستان جنهن جي آبادي لڳ ڀڳ چوويھ ڪروڙ آهي، هن ملڪ جا سڀ باشنده ٽيڪس باقاعدگي سان ڀريندا آهن. آئون ايف بي آر ڊپارٽمينٽ جي فائلر ۽ نان فائلر واري راڳ کي ڪليئر ڪندو هلان ته پاڪستان جا هر شهري عورتون، ٻار، نوجوان ۽ پوڙها باقاعدگي سان هر شيءِ خريد ڪرڻ مهل جي ايس ٽي جي صورت ۾ ٽيڪس ادا ڪندا آهن. گئس ۽ بجلي جي بلن جي مد ۾ الائي ته ڪيترا ٽيڪس لاڳو ٿيل آهن. جنهن متعلق گئس ۽ بجلي جي آفيسن ۾ مقرر عملي کي به ڪا خاطر خواھ ڄاڻ نه آهي، بينڪن جي ٽرانزيڪشنز، توڙي سيونگ اڪائونٽس تي ٽيڪس، پراپرٽي خريد ڪرڻ توڙي وڪرو ڪرڻ تي ٽيڪس، ٽول بلازا ٽيڪس، موٽرسائيڪل، ڪار پارڪنگ تي ٽيڪس، ريسٽورينٽ ۾ ماني کائڻ تي ٽيڪس، روڊن، رستن تي ريڙو يعني ٺيلهو بيهارڻ تي ٽيڪس، بس، ڪار، ريل ۽ جهاز ۾ سفر ڪرڻ تي ٽيڪس، نڪاح تي ٽيڪس، موبائل فون لوڊ ۽ انٽرنيٽ پئڪيج ڪرائڻ تي ٽيڪس، نالين ۽ واٽر سپلاءِ جي پاڻي تي ٽيڪس، قبرستان ۾ قبر کوٽائڻ تي ٽيڪس، پبلڪ پارڪ ۾ وڃڻ تي ٽيڪس، پبلڪ ٽواليٽ استعمال ڪرڻ تي ٽيڪس. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته لائف سيونگ دوائن تي به ٽيڪس لاڳو ٿيل آهي. پوءِ ڇو حڪمران فائلر ۽ نان فائلر جا هر روز سر آلاپي عام شهرين کي پريشان ڪري رهيا آهن. ان جي برعڪس پاڪستان ۾ محنت ڪش، هارين، مزدورن ۽ عام ماڻهن لاءِ حڪومت جي طرفان ڪابه سهولت ميسر نه آهي. اڃان به فائلر ۽ نان فائلر جو راڳ بند نٿو ٿئي. ڇا هن ملڪ جي چند هزار خاندان جي عياشين جو ذمو عام ماڻهن تي آهي، جڏهن ته حڪمران ۽ سياسي پنڊت عام عوام کي ٽئين جي درجي جي شهرين برابر به سهولتون نٿا ڏين، اهڙو سلوڪ ته آڳاٽي زمانن ۾ غلامن سان ڪيو ويندو هيو هن جديد سائنسي دور ۾ ته بنيادي سهولتون هر شهري جو حق آهي. ۽ دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ اتان جي باشندن لاءِ زندگي گذارڻ جون تمام سهولتون وقت حڪومت جي اولين  ترجيحات ۾ شامل هونديون آهن. جيڪي عام شهرين کي ڊور اسٽيپ تي ميسر هونديون آهن، هڪ سروي رپورٽ موجب پاڪستان بلخصوص سنڌ ۾ رهندڙ عام ماڻهون صاف پاڻي ۽ معياري خوراڪ نه ملڻ جي ڪري مختلف بيمارين جي ور چڙيل آهن. سنڌ ۾ هر سال لکن جي تعداد ۾ عورتون ۽ ننڍڙا ٻارڙا خوراڪ جي ڪمي جو شڪار ٿي موت جو کاڄ بڻجي وڃن ٿا. سنڌ جي اسپتالن ۾ غريب، مسڪين مريضن لاءِ دوائون به موجود نه آهن، ان جي برعڪس گورنمينٽ اسپتالن جون دوائون ناٽ فار سيل جي اسٽيمپ جي باوجود به پرائيويٽ اسٽورن تي ڳرن اگهن ۾ کپايون وڃن ٿيون. ظلم جي انتها اها به آهي ته جڏھن محنت ڪش هارين جا فصل تيار ٿين ٿا اهي ڪارخانن تي پهچن ٿا ته اهي اڌ ملھ ۾ حڪومتي ڌر جا سرمائيدار ٽولا خريد ڪندا آهن. انهن هارين جي سون جهڙي فصل مان تمام گهڻو ناڻو ڪمائين ٿا ۽ ان جي ابتڙ وري هارين کي ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائون ٻيڻي اگهن تي وڪرو ڪري ويتر ٻنهي هٿن سان پئسا ميڙين ٿا. ٻئي طرف ڏهاڙيدار مزدور عام محنت ڪش ويچارا مزوري نه ملڻ جي صورت ۾ فاقاڪشي تي مجبور آهن. ڇا ڪڏهن وقت حڪومت جي جلادن انهن جي درد کي محسوس ڪيو آهي ته مسڪين، غريب، مزدور ۽ هاري پنهنجن ٻچن جو پيٽ ڪئين پالين پيا. هنن سفاڪ پوش جلادن کي صرف عياشين لاءِ ٽيڪس کپي ته جيئن هي ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي فيمليز سان گڏ عياشيون ڪري سگهن. خدا جي لاٺي بي آواز آهي جڏھن هن عام طبقي جي هارين، مزدورن ۽ مسڪين ماڻهن جي دانهن جي ديڳ تپندي ته الائي ڪيترا حڪومتي بيدرد ٻڪرا ان ديڳ جو کاڄ بڻجندا. عام چوڻي آهي ته خدا وٽ دير آهي، پر انڌير نه آهي. اسان جو ملڪ خيرن سان ستهتر سالن جو ٿي چڪو آهي، ڏينهن اول کان وٺي هينئر تائين هنن جي جمهوريت جو ٻيڙو ڪنهن ڪنڌي نه لڳو آهي، حڪمران طبقي جا عياش صرف پنهنجا کيسا ڀرڻ جي چڪر ۾ عام عوام جي جسمن تان ڪپڙا به لاهي کڻي ويا آهن. هن بکئي ۽ بدحال عوام جي صبر کي سلام آهي وري به ساڳين چورن لٽيرن جي گاڏين جي پويان اڃان تائين ڊوڙندي نه ٿڪيا آهن. جڏهن ته انهن جي گاڏين ۾ تيل جي صورت ۾ هنن مسڪين هارين، مزدورن جو رت ست اينڌن طور استعمال ٿيندو آهي، هن گونگي ٻوڙي ۽ چاپلوس عوام کي اهڙي اگهور نشي واري ننڊ مان آخر ٻاھر ڪير ڪڍندو. جيڪي پنهنجي ٻچن جي مستقبل کي بهتر بنائڻ جي بجاءِ ڀوتارن جي بنگلن ۽ اوطاقن تي صبح شام سلامي آهن. سرڪاري آفيسن ۾ ويٺل واڳون جهڙو وات ڦاڙيندڙ توڙي پوليس ٿاڻن تي تعينات پوليس اهلڪار عام عوام جي ڪم ڪار ۽ تحفظ لاءِ رکيل آهن. جيڪي ان جي ابتڙ عوام کي تنگ ڪري ڀوتارن جي اڻيل مڪڙي جي ڄار ۾ ڦاسائي تعبيدار بڻايو ڇڏين ٿا، ته جيئن ڀوتارن جو دٻدٻو ۽ رعب برقرار رهي سگهي ۽ اهي مٿي ڄاڻايل سڀئي عملدار عام عوام جي ٽيڪس جي پئسن مان پگهار کڻن ٿا ۽ غلامي وري ان جي برعڪس ڀوتارن، سردارن، ميرن، پيرن ۽ سياسي پنڊتن جي ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن. جنهن ملڪ ۾ قانون جو ٻٽو معيار هجي، عام عوام پاڻ کي غير محفوظ سمجهي، انساني قيمتي زندگين جي جتي ڪابه اهميت نه هجي، تعليم تباھي ڪناري تي پهتل هجي، صحت جي سهولتن جو حق صرف سرمائيدارن، چور لٽيرن کي حاصل هجي، ۽ ان ملڪ ۾ حڪومتي ٽيڪس جا ادارا فائلر ۽ نان فائلر جو راڳ ڳائيندا رهن اهو راڳ پيٽ بکايل، ڏهاڙيدار مزدورن ۽ هارين جي سمجھ کان ٻاهر آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي هنن سٽن جيان:

سڄڻ ۽ ساڻيھ، ڪنهن اڻاسي وسرن،

حيف تنهين کي هوءِ، وطن جنهين وساريو.