ملزم کي مجرم ثابت ڪرڻ، ملزم کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ، ان جي خلاف شاهديون ۽ ثبوت پيش ڪرڻ پوليس جو ڪم آهي. ڪنهن ڏوهه کي روڪيندي ڏوهي سان مقابلو ڪندي پوليس جي هٿان ڪو ماڻهو مارجي وڃي ٿو ته پوليس کي ڏوهه نه ڏبو، پر جيڪڏهن گرفتار ڪرڻ کانپوءِ عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان پهرين پوليس پنهنجي عدالت لڳائي ملزم کي ماري ڇڏي ته ماوراءِ عدالت قتل سمجهيو ويندو، جيڪو پاڪستان ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ عام آهي. اسان جي معاشري ۾ پوليس طرفان فل فراءِ ۽ هاف فراءِ جا ٽرم عام استعمال ڪيا وڃن ٿا، فل فراءِ ڪرڻ جو مطلب الزام هيٺ آيل ماڻهو کي پوليس ماري ڇڏي ۽ هاف فراءِ جو مطلب ان کي ٽنگ ۾ گولي هڻي اپاهج بڻائي ڇڏي. سول اسپتال حيدرآباد ۾ هڪ وارڊ جو نالو ئي هاف فراءِ وارڊ پئجي چڪو آهي. پوليس پنهنجي انهيءَ عمل کي جائز قرار ڏيندي چوندي آهي ته ڏوهارين کي عدالتن مان سزا نٿي ملي ان ڪري ڏوهه جي خاتمي جي لاءِ جن ماڻهن تي الزام هجي ٿو ۽ انهن تي گهڻيون ايف آءِ آر داخل ٿيل هجن ٿيون انهن کي جڙتو مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪري سگهجي ٿو.
سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن عدالتون الزام هيٺ آيل ڏوهارين کي سزا نٿيون ڏين ته ان جو ڪارڻ به خود پوليس جي نااهلي آهي. تفتيشي آفيسر انتهائي ڪمزور شاهديون ۽ ثبوت پيش ڪري الزام هيٺ آيل ڏوهاري کي ڏوهه جي سزا ڪيئن ڏياري سگهندا؟ ۽ پوءِ ڏوهاري عدالت مان آزاد ٿي وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي جو سنڌ پوليس تي عوام جو اعتبار ۽ اعتماد ختم ٿي چڪو آهي. سنڌ پوليس جو اهڙوئي “ڪارنامو” ٻه مهينا اڳ 19 سيپٽمبر 2024 تي سنڌ جي ماڻهن جي سامهون آيو جنهن ۾ پوليس توهين مذهب جي الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار کي ڪراچي مان گرفتار ڪري پوليس ڪسٽڊي ۾ ماوراءِ عدالت قتل ڪري ڇڏيو. ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي ميرپورخاص، ايس ايس پي عمرڪوٽ، ايس ايڇ او سنڌڙي، سي آءِ اي انسپيڪٽر ۽ ٻيا ڪيترائي پوليس جا ننڍا عملدار انهيءَ واقعي ۾ شريڪ جرم آهن، جن تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، پر هن وقت تائين سواءِ ڪجهه جمعدار ۽ سپاهين کانسواءِ سڀئي آفيسر ضمانتن تي آزاد آهن. سول سوسائٽي جي دٻاءُ تحت انهن جي مٿان ايف آءِ آر ضرور داخل ٿي، پر پوليس پنهنجي پٽي ڀائين کي بچائڻ جي لاءِ مسلسل سرگرم عمل رهي آهي. هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص جي بينچ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي وارثن جي دانهن تي پوليس کان تفتيش واپس وٺي ايف آءِ اي جي حوالي ڪئي، ايف آءِ اي دهشتگرد ٽوڙ عدالت ميرپورخاص ۾ ڪچو چالان پيش ڪيو آهي، جنهن مطابق ڪراچي جي مقامي هوٽل مان ملزم کي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن جون سي سي ٽي وي فوٽيجز پڻ موجود هيون جن کي بقول هوٽل جي مئنيجر جي سادن ڪپڙن ۾ آيل اهلڪار کانئس پورو رڪارڊ ڦري ويا ۽ جڏهن واپس ڪين ته سڀني ثبوتن کي ڊليٽ ڪيو ويو. خود پوليس جو ڊي ايس پي جيڪو تفتيشي آفيسر آهي ان عدالت ۾ بيان ڏنو آهي ته ڪيترائي دفعا ليٽر لکڻ جي باوجود جيئو فينسنگ نٿي ڪئي وڃي. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي موبائل جي فرانزڪ لاهور جي ليبارٽري ۾ ڪرائي وئي جتان پڻ رپورٽ ايف آءِ وٽ اچي چڪي آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته انهيءَ رپورٽ ۾ ڇا آهي؟ پر ايف آءِ اي جي هن وقت تائين ٿيل تفتيش مان اهو واضح ٿئي ٿو ته پوليس اهو ڏوهه ڪيو آهي، جنهن جي منظوري ڊي آءِ جي ليول جي آفيسر ۽ ايس ايس پي ليول جي آفيسرن ڏني آهي. هاڻي ثابتيون پڻ پوليس ئي ختم ڪرائي رهي آهي. سول سوسائٽي پوري سنڌ ۾ ڪيترائي مظاهرا ڪري چڪي آهي، پر سنڌ سرڪار جي مٿان ڪو اثر نٿو ٿئي، سنڌ سرڪار پڻ چاهي ٿي ته پوليس جي آفيسرن کي سزا کان بچائجي، جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو عام ماڻهو کان اهي ڳالهيون وسري وينديون، پر شايد ايئن نه ٿئي.
سنڌ سرڪار جنهن جي ٻن وزيرن پريس ڪانفرنس جي ذريعي واضح ڪيو هو ته هي قتل پوليس جي ڪسٽڊي ۾ ٿيو آهي ته پوءِ سنڌ سرڪار کي هن ڪيس جي ڏوهارين کي جلد از جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچائي قانوني سزا ڏيارڻ گهرجي. ايف آءِ اي جي ڪچي چالان ۾ پڻ واضح ڪيو ويو آهي ته ان ڏوهه جي ڏوهاري پوليس پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ مختلف حيلا بهانا هلائي رهي آهي ۽ ثبوتن ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. سنڌ جو عوام پوليس جي ان ڪردار جي مذمت ڪري ٿو، انتها پسندي جي مذمت ڪري ٿو، قانون جون تقاضائون جلد پوريون ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو، ماوراءِ عدالت قتل ڪندڙ آفيسرن کي سزا ڏيارڻ جو مطالبو ڪري ٿو.