ايڊيٽوريلنئون

ملڪ کي ترقي جي راهه تي هلڻ ڏنو وڃي

            جيئن ته ملڪ ۾ زرعي ۽ صنعتي ترقي جي شرح بهتر ٿي رهي آهي ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ مقيم پاڪستاني شهرين گهڻي تعداد ۾ پئسا اماڻيا آهن، جيڪي گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن. انهيءَ ڪري اسان جون مالي حالتون بهتر ٿيون آهن ۽ زر مبادلا لاءِ اسان وٽ گهربل رقم موجود آهي. تازو انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ اسان لاءِ 7 ارب ڊالر جو پروگرام منظور ڪيو آهي، جنهن جي هڪ قسط اسان کي ملي چڪي آهي. عالمي مالياتي ادارن جو اعتبار اسان تي وڌيو آهي، تڏهن اسان وٽ ڪجهه سياسي قوتون ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪري ترقيءَ جي رستي کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. زراعت ۾ به اسان جي ترقي نشانبر آهي. گذريل سال ۽ هن سال زراعت ۾ رڪارڊ پيداوار ٿي آهي ۽ ملڪ تازو رڳو چانورن جي برآمد مان 4 ارب ڊالر ڪمايا آهن.

            هڪ اهم عالمي مالياتي اداري بلوم برگ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ملڪ جي معيشت اڳڀرائي ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايندڙ مالي سال ۾ ترقي جي شرح ٻيڻي ۽ بتدريج وڌي ويندي، جڏهن ته ايندڙ مالي سان ۾ مهانگائي ۾ 11 سيڪڙو تائين گهٽتائي جو امڪان آهي. بلومبرگ موجب آئي ايم ايف جو نئون بيل آئوٽ پروگرام معاشي ترقي کي وڌيڪ تيز ڪندو. معيشت ۾ استحڪام ايندو. ڇاڪاڻ جو اسان جي ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي هلڻو آهي. ڇاڪاڻ جو هلندڙ مالي سال 2024 ۽ 2025 ۾ اسان کي پنهنجون برآمدات وڌائڻيون پونديون. جيئن اسان جي ناڻي تي بار نه پوي. پوءِ هي ڪهڙيون قوتون ۽ سياسي پارٽيون آهن، جيڪي ملڪ ۾ افراتفري ئي پيدا ڪرڻ چاهين ٿيون. جنهن جو مثال 24 ڊسمبر تي تحريڪ انصاف جو “Do and Die” مارچ ۽ ڌرڻو آهي. تحريڪ انصاف جهڙيون سياسي قوتون ڇا ٿيون چاهين، هو ملڪ جي ماڻهن کي روزگار ملڻ ۽ ترقي ڪندو ڏسڻ ڇو نه ٿيون چاهين. پاڪستان جي معيشت جيئن ته پنهنجي درجه بندي ۾ هڪ ترقي پزير معيشت آهي ۽ پاڪستان پنهنجي شروع وارن سالن کان هيستائين معيشت، صنعت ۽ زراعت تي مشتمل رهي آهي. اڄ به اها صنعت ۽ زراعت تي مشتمل رهي آهي ۽ انهيءَ ۾ موجود وقت جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جي ڪري ڪمپيوٽر سائنسز ۽ پروگرامنگ، آرٽيفيشل انٽيليجنس اهڙا ذريعا ٿيا آهن، جنهن مان به ملڪ جا نوجوان ناڻو ڪمائي رهيا آهن. پاڪستان جي معيشت جيئن ته ترقي جي طرف سفر ڪري رهي آهي، پر انهيءَ کي پائيدار اقتصادي ترقي جو رستو اختيار ڪرڻو آهي. انهيءَ لاءِ جيڪي به دستياب وسيلا آهن، انهن کي استعمال ڪرڻو آهي ۽ موجوده سرڪار جون مالياتي پاليسيون ڪامياب آهن. جنهن ڪري ملڪ جا صنعتڪار، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اسانجا سيڙپڪار مطمئن آهن، پر اسان کي اهڙي راهه وٺڻي آهي، جنهن ۾ اسان کي ملڪ جي ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ ۽ انهن کي معاشي طرح مضبوط بنائڻ جو ڏکيو ڪم ڪرڻو آهي. اسين جيئن ته گذريل سالن جي ڏکين مالياتي معاملن مان نڪري آيا آهيون ۽ خوشحالي جا امڪانات اسان کي نظر اچي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي جاگرافي، ماحول، قدرتي وسيلا ۽ نوجوانن جو وڏو تعداد موجود آهي. اسانجي وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون اهڙي رٿابندي ڪن جو ملڪ جي نوجوانن کي زراعت، صنعت، صحت، تعليم ۽ سائنس جي ميدان ۾ برسر روزگار ڪيو وڃي. جيڪڏهن اسين اهو ڪري سگهياسين ۽ اسان پنهنجي نوجوانن کي ملڪ جي ترقي جي راهه ۾ لڳائي سگهياسين ته اسان جي ملڪ کي ترقي جي راهه کان ڪوبه روڪي نه ٿو سگهي، پر هتي اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته اسانجون اهڙيون سياسي ڌريون به آهن، جيڪي هن ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي خلاف ڪم ڪري رهيون آهن، ڪنهن به ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جو عدم استحڪام ان جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ هجي ٿو.

            تازو جڏهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج پنهنجي ڪاروباري ڏينهن ۾ تاريخ جا رڪارڊ قائم ڪيا آهن ۽ سيڙپڪار ملڪ ۾ خوشيءَ سان سيڙپ ڪري رهيا آهن. تڏهن اهي ڪهڙيون قوتون آهن، جيڪي سوشل ميڊيا ۽ ٻيا پليٽ فارمز استعمال ڪري انهيءَ جي مخالفت ڪري رهيون آهن. ٿيڻ ته ائين کپي ته اسانجو زندگيءَ جي ڪهڙي به شعبي سان واسطو هجي. اسان جي ڪهڙي به سياسي سوچ هجي، پر انهيءَ ۾ ملڪ جي ترقي جي ڳالهه پهرئين نمبر تي هجي ٿي. انهن سازشي سياسي قوتن کي اهو يقين رکڻ گهرجي ته اسانجو ملڪ زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ ترقي ڪري رهيو آهي. خاص طور تي زراعت، صنعت، سائنس ۽ تعليم جي ميدانن ۾ اها ترقي چٽي طرح نظر اچي رهي آهي. اسان جو ملڪ ترقي جي راهه ڏانهن هلي رهيو آهي ۽ انهيءَ کي ڪوبه انهيءَ راهه تان روڪي نه ٿو سگهي.