بلاگخاصنئون

کنڊ جي صنعت سان لاڳاپيل سيڙپڪارن جو کنڊ پرڏيهه موڪلڻ جو مطالبو

وزيراعظم پاڪستان ميان شهباز شريف ملڪ ۾ موجود کنڊ جي ذخيرن جي برآمد تي اجلاس جي صدارت ڪئي. انهيءَ اجلاس ۾ کيس ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ کنڊ جو 15 لک ٽن ذخيرو موجود آهي. جيڪڏهن 5 لک ٽن کنڊ برآمد ڪئي وڃي ته 26 ڪروڙ ڊالرن جي آمدني ٿيندي. ساڳئي اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته کنڊ جي قيمت ۾ اضافو هرگز برداشت نه ڪيو ويندو. گذريل سال جي فصل لاءِ سرڪار ڪمند جي في مڻ لاءِ 400 رپيا قيمت مقرر ڪئي هئي. سرڪار جي پاليسين ۽ آبادگارن جي محنت سان سٺو فصل ٿيو آهي. گذريل سال ڪمند جي پوکائي مان پاڪستان جي سڀني شگر ملن 800 ارب رپين جي برابر ڪمند جي پيڙائي ڪئي آهي ۽ اسان وٽ کنڊ جو ملڪي ضرورت کان وڌيڪ ذخيرو موجود آهي.
لڳي ٿو ته سرڪار کنڊ جي ايڪسپورٽ جي تياري ڪري رهي آهي. گڏوگڏ ڊپ به اٿس ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت دوران کنڊ جي پرڏيهه روانگي تي وڏو اسڪينڊل جڙيو هو ۽ ملڪ ۾ کنڊ جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون هيون. انهيءَ حڪومت جي دوران کنڊ جي ايڪسپورٽ واري معاملي تي تحريڪ انصاف جي حڪومت ۽ ان جو اهم رهنما جهانگير ترين گهڻو بدنام ٿيا هئا. اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته محترم جهانگير ترين نه صرف اهم سياستدان آهي، پاڪستان استحڪام پارٽي جو سربراهه آهي، پر سندس اهم سڃاڻپ زراعت جو شعبو آهي، جنهن ۾ هن وڏو نالو ڪمايو آهي. گڏوگڏ پاڻ صنعتڪار به آهي ۽ ملڪ جي کنڊ جي صنعت ڄڻ هن جي سڃاڻپ آهي. هن جون ڪيتريون ئي شگر ملون آهن. انهيءَ ڪري هن تنهن زماني ۾ سرڪار کان کنڊ جي صنعت جي بهتري لاءِ فيصلو ڪرايو، پر ٿيو ائين جو اهو پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جهانگير ترين جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. سڀ کان وڏي قيمت پاڪستان جي عوام کي ادا ڪرڻي پئي جو اهي مهانگي قيمت تي کنڊ خريد ڪري رهيا هئا، تڏهن کنڊ جي في ڪلو جي قيمت 140 رپيا هئي. ماضيءَ جي حڪومت جي انهيءَ ڪارڪردگيءَ جي ڪري شهباز حڪومت شايد ڊڄي رهي آهي، پر لڳي ٿو ته کنڊ جي برآمد جو فيصلو ٿوري وقت ۾ ٿي ويندو. وزيراعظم واپارين ۽ پاسما اڳواڻن کان اها ضمانت گهري آهي ته کنڊ جي برآمد جي باوجود ان جي في ڪلو جي قيمت ۾ ڪو اضافو ڪونه ٿيندو. اسان جي زرعي معيشت جي استحڪام لاءِ ڪمند جي پيداوار ضروري آهي. ڇاڪاڻ جو انهي جي ڪري اسان جي کنڊ جي ملڪي گهرج به پوري ٿئي ٿي ۽ اسان وٽ ايترو اسٽاڪ بچي ٿو وڃي جو اسين انهيءَ کي برآمد ڪري پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهون ٿا.
ڪمند جي پوکيءَ ۾کنڊ کانسواءِ ٻيون باءِ پروڊڪٽ به پيدا ٿين ٿيون جن مان سُرڪي کان وٺي چِپ بورڊ تائين ٻيون ڪيتريون ئي ننڍيون صنعتون ملڪ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. اهو سڀ ذڪر اسين انهيءَ سبب ڪري رهيا آهيون. ڇاڪاڻ جو تازو ئي ملڪ ڪڻڪ جي پيداوار جي سلسلي ۾ هڪ بحران مان گذريو آهي، خاص طور صوبو پنجاب. جيڪڏهن اسين کنڊ ايڪسپورٽ نٿا ڪريون ته ايندڙ سيزن ۾ 40 شگر ملون بند ٿي وينديون ۽ هن سال ملون وقت تي ڪمند جي پيڙائي شروع نه ڪري سگهنديون، اهو وزيراعظم کي رپورٽ ڪيو ويو آهي. شگر ملن کي زميندارن کي 40 ارب رپيا ڏيڻا آهن جيڪا ملن تي بقايا آهن. وزيراعظم اهو چيو ته کنڊ في ڪلو 140 رپين کان مٿي نه وڃڻ گهرجي. اسين سرڪار کي اهو چونداسين ته اها کنڊ جي برآمد جو فيصلو ڀلي ڪري، پر ڪمند جي پوکيندڙ آبادگار ۽ کنڊ جو واهپو ڪندڙ عام ماڻهو تي انهيءَ فيصلي جو سڻائو اثر ٿيڻ گهرجي.