پوليس کاتو حڪومتي نظام هلائڻ ۾ ڪرنگهي جي هڏي جهڙي حيثيت رکي ٿو. پوليس جو کاتو دنيا ۾ ان ڪري وجود ۾ آيو ته سماج ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهڙي فورس ٺاهي وڃي جنهن جو سڌو سنئون رابطو عوام ۽ حڪمرانن سان هجي. سرڪار کي پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ پوليس جو سهارو وٺڻو پوندو آهي. عدالتن طرفان پڻ پوليس کي حڪم ڪيو ويندو آهي ته جوابدار کي قابو ڪيو، انهن جا چالان پيش ڪيو ۽ جڏهن ڪنهن عام ماڻهو سان ڪا زيادتي ٿيندي آهي ته هو پاڻ پنهنجو فرياد سڀ کان پهرين پوليس وٽ داخل ڪرائيندو آهي. روڊ رستا بند ٿين، امن امان جي صورتحال خراب هجي، انهن کي بهتر ڪرڻ ۽ روڊ رستا کولرائڻ جو عمل پوليس کي ڪرڻو پوندو آهي. اهوئي سبب آهي جو پوليس کي اختيار به وڌيڪ مليل آهن، ملڪ جي پوليس پنهنجن اختيارن کي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ گهٽ پنهنجي ڀلائي ۽ حڪمرانن جي مرضيءَ لاءِ ڪم ڪندي رهندي آهي.
پوري ملڪ ۾ سنڌ پوليس کي سندس انهيءَ ڪم ۾ يعني عوام جي ڀلائي نه پر پنهنجي ڀلائي ۾ مارڪون ڏجن ته چئني صوبن کان وڌيڪ مارڪون سنڌ پوليس جون بيهنديون. ڌاڙيل اغوا جون وارداتون ڪري ڪچي ۾ هليا وڃن ٿا پوليس انهن جي پويان نه ويندي. ڪو غريب ماڻهو ڪنهن ننڍي ڏوهه جي الزام ۾ پوليس جي هٿ چڙهي ويو ته ان کي نه ڇڏيندي. سنڌ پوليس جي گذريل ٽن مهينن جي ڪارڪردگي تي نظر ڦيرايون ٿا ته تمام گهڻو افسوس ٿئي ٿو، اهو محسوس ٿئي ٿو ته اهڙي قسم جي پوليس سان صوبي اندر امن امان ٿيڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر ان جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. ميرپورخاص جي پوليس طرفان هڪ ڊاڪٽر جو ماوراءِ عدالت قتل، ٽنڊو ڄام جي انبن جي واپاري جي اغوا ۾ پوليس جي مٿان آيل الزام انهيءَ اغوا ۾ واپاري پنهنجي جان وڃائي ويٺو. ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي جو پاڻ ۾ سڌو جهيڙو ميڊيا جي سامهون هڪٻئي تي الزام ۽ پوءِ ٻنهي جي تبديلي. روهڙي جي نوجوان جو پڻ ماوراءِ عدالت قتل، جنهن جو اڃان تائين نه ڪيس داخل ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي پوليس صفائي پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي. گذريل ڏينهن ٻه واقعا ٿيا آهن، هڪ ڪراچي جي علائقي گلشن حديد جيڪو ملير ضلعي جي حد ۾ اچي ٿو اتي بچت بازار لڳائيندڙ لاڙڪاڻي واسي زاهد ميراڻي کي ملڪ ۾ رهندڙ هڪ غير قانوني افغاني انتهائي معمولي ڳالهه تان ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جا سوين شاهد موجود آهن، پر پوليس کي جرئت نٿي ٿئي جو ان غير قانوني افغاني زمين خان کي گرفتار ڪري سگهي. اهو به ٻڌايو ٿو وڃي ته نالي ماتر خانا پوري ڪرڻ لاءِ پوليس انهيءَ افغاني جي رهائشي ڪالوني ۾ وئي ته پوليس مٿان سڌيون گوليون هلايون ويون ۽ پوليس ڀڄي جان ڇڏائي، اها آهي سنڌ پوليس جي جرئت ۽ ڪارڪردگي. هڪطرف ڪمزور ۽ هٿين خالي ماڻهن کي الزام ڏئي ماري رهي آهي، ٻئي طرف غير قانوني افغانين سان مقابلو ڪرڻ ۾ ناڪام آهي. ايئن ڇو نه هجي جڏهن پوليس ۾ اهڙا عملدار موجود هجن جيڪي پنهنجي ئي پوليس کاتي جي عورتن کي حراس ڪندا رهندا هجن، اهو واقعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جو آهي جتي وومين حراسمينٽ سينٽر جيڪو ايس ايس پي آفيس قمبر شهدادڪوٽ ۾ قائم ٿيل آهي ته جن عورتن کي جنسي حراسمينٽ جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو انهن کي پوليس تحفظ ڏئي اتان جي انچارج صوبيه بروهي روئندي ميڊيا جي اڳيان اظهار ڪيو آهي ته هڪ ايس ايڇ او جنهن جو نالو رياض سومرو آهي ۽ هڪ شيٽ ڪلارڪ ڪيتري ئي وقت کان کيس جنسي حراسمينٽ جو نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ کيس ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن ته اسان سان دوستي رک نه تنهنجي نوڪري وڃائينداسين.
اهو واقعو جڏهن ميڊيا تي آيو آهي ته اتان جي ايس ايس پي صاحب صرف ايترو ڪيو آهي ته انهن ٻنهي عملدارن کي سسپينڊ ڪيو آهي. انڪوائري کي ڪيترو ٽائيم ٿو لڳي اهو لکڻ جي ضرورت نه آهي. يقينن اهي ٻئي پوليس عملدار ڪنهن به سزا کان آجا ٿي ويندا اها آهي اسان جي سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي جنهن جي لاءِ آءِ جي غلام نبي ميمڻ صاحب، گهرو کاتي جو وزير ضياءُ لنجار صاحب ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه صاحب تعريفون ڪري نٿا ٿڪجن. سنڌ جو عوام سوال پڇي ٿو ته اهڙي بي همت ۽ اخلاق کان عاري عملدار هوندي سنڌ پوليس جو ڪهڙو مقام هوندو ۽ ان پوليس مان سنڌ جا ماڻهو امن امان جي توقع ڪيئن رکي سگهن ٿا.