پي ٽي آءِ جي احتجاجي شڪستن جي پويان هنن جا پنهنجا ڪرتوت آهن، جن هنن جي احتجاجن جي ڪال کي آخري ڪال بڻائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ڪا ڳالھ باقي نٿي رهي. حالانڪه هڪڙي ڳوٽ باقي رکن ها. ان ڳالھ ۾ تڪڙ جي ضرورت نه هئي ته هن ئي سرڪار ۾ عمران خان جو ٻاهر اچڻ ممڪن آهي. ممڪن آهي ته ايندڙ اليڪشن تائين ڪا سرڪاري سبيل ۽ رستو جوڙي. جيئن نواز شريف کي ٻاهر ”سيف اسڪيپ“ ڏئي عمران خان کي وارو مليو هو، هو بنا روڪ ٽوڪ جي سياست ڪري ويو. خان پاڻ مخالفن کي ڀڀڪيون ڏيندو هو، تيئن هاڻي به اها ئي شيءِ ممڪن آهي. اها ٻي ڳالھ آهي ته هنن جي پنهنجي قيادت پاڻ ان ڳالھ تان ڦري وئي آهي، جيئن هنن 9 مئي تي ڪيو، پر ان کانپوءِ ۽ اڳ ۾ به پي ٽي آءِ جون ڪيتريون ئي استعيفائون پيش ٿي چڪيون هيون/آهن ۽ ممڪن آهي ته اهو سلسلو باقي رهي ۽ وڌيڪ ٿي سگهي ٿو ته هڪ افراتفري پيدا ٿئي، جو پارٽي جي شڪل ئي بدلجي وڃي. ان ڪري پي ٽي آءِ وارا اندروني حساب طرف ڌيان ڏين، رڳو رياست کي قصوروار نه سمجهن، ڇو ته هنن جي پنهنجي اتحادي ڪمانڊ ۽ اندروني ڍانچي ٽٽڻ جي ڪري ۽ هڪٻئي کي بس هيٺان اڇلائي ڇڏيو آهي. ان کي هاڻوڪي وحشياڻي ڪريڪ ڊائون جي حوالي سان نٿو چئي سگهجي، پر اهڙيون شيون مسلسل ٿينديون رهيون آهن، جڏهن پارٽيءَ کي اقتدار تان لاٿو ويو ان کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين هنن سخت تجربن کي منهن ڏنو آهي. جنهن مان سياست جي ڪمزوري ۽ بي صبري انهن جي حامين جي بيچيني واري مزاج مان ظاهر ٿئي ٿي.