بلاگنئون

وچ اوڀر جي صورتحال ۽ پاڪستان جو مستقبل

ڪافي وقت جي ڪوششن کانپوءِ اهل تشيع ۽ اهلسنت جو فيڪٽر نيٺ شام ۾ وڏي ڪاميابي سان استعمال ٿيو، جيڪو ٿي سگهي ٿو ته ايران جي خلاف پڻ استعمال ڪيو وڃي. نه صرف ايستائين بلڪه ايران کان چين ۽ چين کان سينٽرل ايشيا جي وسيلي روس جي خلاف گهيرو تنگ ڪرڻ جي پلاننگ محسوس پئي ٿئي، جنهن جي ڪري پاڪستان وري فوڪل پوائنٽ بنجڻ وارو آھي. فرض ڪيو ته موجوده رجيم جيڪڏھن ڳالھ نٿو به مڃي تڏھن به موجوده رجيم جي سياسي ڪلٽ نه صرف مڃيندي بلڪه مڃڻ جي لاءِ تياري به ڪريو ويٺي آھي. ڇاڪاڻ ته ان ڪلٽ جا آمريڪا ۾ ويٺل ماڻھو آمريڪي حاڪمن سان تمام ويجهي رابطي ۾ آھن ۽ اهي آمريڪا کي يقين ڏياري چڪا آھن ته اهي هن جو ڀرپور ساٿ ڏيندا.

هيڏانهن ملڪ ۾ باجوه ۽ فيض وري مرڪزي حيثيت حاصل ڪرڻ وارا آھن، جنهن جي ڪري ڪلٽ جا سمورا ميمبر مڪمل تياريون ڪريو ويٺا آھن ۽ ھن ڀيري سندن جي حق ۾ مولوي فضل الرحمان به گڏ ھوندو. ائين کڻي سمجهو ته پاڪستان هڪ مها يڌ ۾ شامل ٿيندو يا هوندو، جنهن جي ڪري هن جو پنهنجو وجود به خطري ۾ پئجي ويندو ۽ روس ان سموري مامري ۾ شايد زباني خرچ جي ئي پنهنجي نئين پاليسي اپنائي وٺندو. چين جهڙي ريت شام جي مامري ۾ پوئتي ٿيو باجوه پنهنجي غير جانبدار اميج قائم ڪري وٺندو.

جيڪڏھن روس ۽ چين خاموش رهن ٿا ته سنڪيانگ ۽ سينٽرل ايشيا فيڪٽر شايد ڪجهه سالن جي لاءِ بند ڪيو ويندو، پر جيڪڏھن خاموش نٿا رهن ته پوءِ انهن وٽ به مذھبي جنونيت کي ڦوڪيو ويندو، جنهن جا مقصد اهي ئي هوندا، جيڪي افغانستان، شام، لبيا ۽ عراق ۾ ھئا. افغانستان ايترو برباد ڪيو ويو آھي ته ايندڙ ٻن سالن تي اهو ناڪاره علائقو ئي رهندو ۽ انهيءَ ناڪاره پرزي کي سگھ ڏيڻ جي لاءِ ساڳيا ئي طالبان ان تي مڙھيا ويا آھن، جن سان چاليھ سال آمريڪا وڙھي رهيو هو ۽ جيڪي بائي برٿ ترقي جي خلاف آھن.

چيو وڃي ٿو ته افغانستان کي جهڙي ريت تباهه و برباد ڪيو ويو آھي. شايد اهو ايندڙ ڪيترن ئي سئو سالن تائين جديد دنيا جي ڌوڙ کي به حاصل نه ڪري سگهندو. خالي بيامان ۾ ھزارين مولوي جيڪي سرڪار جو حصو آھن، پنهنجا پنهنجا علائقا ورهايا پيا آھن جتي سندن مرضي کان بنا پکي به اڏري نٿو سگهي ۽ انهن جي پاليسي علائقي کي پوئتي رکڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.

ان ڇڙواڳي ۽ بد مزاجي جي وڪڙ ۾ جيڪڏھن ڪو ملڪ، جنهن وٽ فوج به آھي. نظام به آھي ۽ جديد هٿيار به آھن ته اهو پاڪستان آھي. ليڪن هتي به شيعه سني کانسواءِ پختون، بلوچ ۽ سنڌ پنجاب کي هڪٻئي جي خلاف اڀاريو پيو وڃي. الله نه ڪري هن وقت جيڪا وچ اوڀر ۾ وڌندڙ سامراجي صورتحال جيڪو نقشو ڪڍي رهي آھي. ان جي ڀوڳنا اڳتي هلي پاڪستان کي به نه سهڻي پوي. ڇاڪاڻ ته سامراجي ملڪن جي لاءِ پاڪستان اک جو ڪنڊو بڻيل آھي، جنهن جي درد کي سامراجي ملڪ شايد گهڻو وقت برداشت نه ڪري سگهن.