نئون

چونڊن دوران سنڌ اندر 5776 ڪئمرائون لڳايون وينديون

سنڌ جي عبوري وزير اعليٰ جي صلاحڪار رٽائرڊ برگيڊيئر حارث نواز چيو آهي ته چونڊن دوران سموري ملڪ اندر ڪل 20000 سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳايون وينديون جڏهن ته سنڌ اندر 5776 ڪئمرائون لڳايون وينديون. جمعي ڏينهن صحافين سان ڳالهائيندي صلاحڪار چيو ته چونڊن دوران هنن تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ ڪونهي ۽ چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ٿينديون جنهن لاءِ وزيراعليٰ به حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته هن دفعي ڪئمرائون لڳائڻ جو ڪم آرمي کي ڏنو ويو آهي جنهن سبب چونڊن ۾ رگنگ جو زيرو چانس آهي. هن چيو ته ڪئمرائون لڳائڻ جي ڪم تي ڪل ستر ڪروڙ رپيا خرچ ايندو ۽ هي ڪم 3 جولاءِ تي شروع ٿيو آهي ۽ 22 جولاءِ تي ختم ٿي ويندو. ياد رهي ته هي ڪئمرائون ڪرائي تي آنديون ويون هجن ها ته انهن تي چار ارب جو خرچ اچي ها. چونڊن بعد رڪارڊنگ واريون هارڊ ڊسڪون اليڪشن ڪميٽي جي حوالي ڪيون وينديون.