بلاگنئون

امير ملڪن جي لاءِ سفر ڪندڙ موت جا مسافر!

لڏپلاڻ ڪرڻ ڪو نئون مظهر ناهي، بلڪه انسان سير و سفر ۽ واپار وڻج جي لاءِ رڻن پٽن ۽ ريگستانن کي اورانگهيندو رهيو آهي. بلڪل ساڳئي ريت قبيلن جي پاڻ ۾ تڪرارن ۽ لڏپلاڻن سميت وسيلن جي انفرادي ڳولها ۽ گڏيل هجرتن جو سبب هوندي هئي، پر لڏپلاڻ انساني علم و هنر کي ڪشادگي به ڏني. نيون دنيائون، نوان رستا ايجاد ٿيا، ذاتي ملڪيت ۽ طبقاتي جبر ۽ استحصال ڳنڍيل حملن  ۽ انسانيت سوز ڏوهن جي باوجود نيٺ قومن جي وچ ۾ تجربن، ايجادن، مشاهدن ۽ خيالن جي ڏي وٺ سماجي زندگي کي سگھه بخشي، ائين مقامي  ۽ علاقائي ثقافتن جي گڏيل ميلاپ هوريان هوريان عالمگير تهذيب جو بنياد وڌو. فلسفي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي  جي ترقي ٿي. باوجود ان جي سرمائيداري جي ظهور سان گڏ جديد قومي رياست جي وجود (خاص طور تي ٻي عالمي جنگ کانپوءِ) قانوني ۽ “غير قانوني” هجرت هڪ مختلف قسم جو مامرو بڻجي وئي. ويجهڙائي وارن ڏهاڪن ۾ ته “گلوبلائيزيشن” جي علمبردارن ڪيتريون  ئي بندشون هڻي ڇڏيون آهن.

سرمائيداري جي تاريخي زوال پذيريءَ سماج جي هر شعبي کي تاراج ڪري ڇڏيو آهي. خاندان به ان جي اثر کان نه رهي سگهيو. جيتوڻيڪ هن انسان جي رشتن ۽ جذبن واري سچائي کي کسي  انهن کي رپئي پئسي جي نقد ڏي وٺ وارن تعلقات ۾ بدلائي ڇڏيو آهي، پر ان جي باوجود انسانيت تي مشتمل بي لوث رشتن، تعلقن، ويجهي احساس، ڏک سک ۾ ڀاڱي ڀائيواري جي تڙپ ۽ محبت و تعاون جون چڻنگون اڄ به دولت جي نظام واري خاڪ ۾ دٻيل آهن، پر وري پيٽ جي بک جو ڇا ڪجي ته ان جو ڪو چارو ناهي، ان جي پورائي جي لاءِ پيٽ جي لاءِ ٻين اذيتن سان گڏوگڏ لڏپلاڻ جي اذيت کي به برداشت ڪرڻو ئي پوي ٿو.

سرمائيداري جي ڪک ۾ لڪل ٽڪراءُ انهيءَ هنڌ تي پهچي چڪا آهن ته هينئر اهي پيداواري قوتن جي ترقي (ٻين لفظن ۾ انسان جي ترقي ۽ خوشحالي) جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي ويا آهن. مارڪيٽ مندي، صنعتن جي نفعن ۾ کوٽ ۽ نهايت صلاحيت واري بحران کان پريشان آهي. ان ڪيفيت ۾ ڪو نئون روزگار پيدا نٿو ٿئي، بلڪه اڳ کان موجود روزگار جي کسجي وڃڻ جو به ڊپ رهي ٿو. بهتر مستقبل جي ڪا ضمانت ناهي هوندي. ان بحران کان نڪرڻ جو ڪنهن روايتي سياسي پارٽي يا لاڙي وٽ ڪو رستو ناهي. ڇاڪاڻ ته سرمائيداري ۾ پيداوار سڌو سنئون نفعي سان لاڳاپيل آهي ۽ نفعن کي محنت جي سگھه جو استحصال ئي جنم ڏئي ٿو. نفعي جي شرح کي وڌائڻ يا منڊي جي شديد مقابلي بازي ۾ برقرار رکڻ جي لاءِ ڪيترائي طريقا اختيار ڪيا وڃن ٿا. مزدور جي اجرت کي گهٽ ڪري ڇڏڻ، مشينن جي رفتار گهٽ ۽ پيداوار وڌائي ڇڏڻ، ڊائون سائيزنگ جي وسيلي گهٽ مزدورن کان وڌيڪ ڪم وٺڻ وغيره، پر انهن طريقن جي افاديت جون حدون ۽ قائدا هوندا آهن. سرمائيداري نيٺ بند گهٽي ۾ ڦاسي پوي ٿي، جنهن کان نڪرڻ جو رستو ڳولهڻ ممڪن ناهي ته نهايت محال ۽ تباهه ڪندڙ ضرور هوندو آهي.

انهيءَ ريت زندگي جي معيار ۾ کوٽ، اجرتن ۾ کوٽ، بيروزگاري جو مسلسل دٻاءُ يا خوف محنت ڪش طبقن جي زندگين کي ڳوڙهي اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿو، انهن ئي حالتن ۾ سرمائيداري جي سياسي پارٽين ۽ حڪمرانن جو هڪ حصو پنهنجي نظام جي ناڪامي ۽ نااهلي کي هڪ زهريلي ۽ سامراجي قومپرستي جي ويس ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. انهن کي پنهنجي ملڪ جي محنت ڪشن کي باور ڪرائڻو پوي ٿو ته انهن جون نوڪريون ٻاهرين ملڪن کان لڏي آيل کسي رهيا آهن، اهي ئي انهن جي شهري ۽ ملڪي وسيلن تي بار آهن، ان ڪري سرحدن کي محفوظ بنائڻ جي لاءِ خاردار تارون لڳائڻ ضروري آهن. ڀتين کي ٺاهڻ ناممڪن آهي. مقصد ته داخلي ڇڙواڳي ۽ مقامي محنت ڪشن جو رخ موڙڻڻ جي لاءِ ٻاهرين دشمن جو خوف قومي رياست جي وجود جو پاسو يا سبب هوندو آهي. اهوئي سبب آهي ته اڄ بهتر ترقي يافته معيشتن ۾ روايتي سڌاري پسند پارٽين جي نامرادي کانپوءِ نهايت ساڄي ڌر مضبوط ٿي رهي آهي. گذريل سال برطانيه ۾ ليبر پارٽي اقتدار ۾ آئي آهي، پر امريگيشن مخالف ۽ نسل پرست ريفارم يوڪي پارٽي 14 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري ملڪ جي ٽين وڏي پارٽي بڻجي وڃڻ يا جرمن نوجوانن ۾ اي ايف ڊي جي وڌندڙ مقبوليت ڳڻتي جوڳي آهي. پولينڊ، آسٽريا، بيلجم، اٽلي، هنگري، هالينڊ وغيره ۾ ساڄي پارٽين جي حڪومتن کانپوءِ ٽرمپ جي کٽڻ ۾ به معاشي ابتري ۽ امريگيشن مخالف اهڙن لاڙن جو هٿ آهي جيڪو هن ڳالھه جي چٽائي ڪري ٿو ته لبرل سرمائيداراڻو نظام، ترقي يافته ملڪن ۾ به بهتر زندگي جو معيار ميسر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندو ڏيک ڏئي رهيو آهي.

جڏهن ترقي يافته معيشتن جو اهو حال آهي ته ازل کان بحران ۾ ورتل ۽ ٻڏندڙ پاڪستان جهڙين معيشتن جو ڪهڙو حال ٿي سگهي ٿو. اهي منشيات جو استعمال شروع ڪن يا خودڪشي ڪري ان نظام جي نه ختم ٿيڻ واري جبر ۽ ذلت کان آزادي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، پر بيان ڪيل سوچ جي هڪ ٻي به شڪل هوندي آهي، جنهن ۾ ڪافي نوجوان رسڪ کڻي سمورن خطرن کي نظرانداز ڪري بهتر زندگي جي ڳولها ۾ نئين منزل ڏانهن نڪري پون ٿا. حسين خوابن جا اهڙا ڪيترائي ڳولاهو ڪنٽينرن جي هيٺان لڪي ڪري سرحدن کي ڪراس ڪندي چٿجي وڃن ٿا، ڪي برف وارن مڇين وارن دٻن ۾ ۽ سامان ٿڌو رکڻ وارين گاڏين ۾ زندگي وڃائي ويهن ٿا يا وري فرسوده ٻيڙين ۾ سمنڊ پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي پاڻي ۾ ٻڏي وڃن ٿا.

2015 ۾ آسٽريا ۾ هڪ ڪنٽينر مان 71 ۽ برطانيه ۾ 39 لاش نڪتا هئا. هاڻي ته ڪاٺ جي ڪريٽن  وغيره مان لاش ملڻ ۽ کليل سمنڊن ۾ پناهه وٺندڙن جي ٻيڙين جو اونڌو ٿي وڃڻ معمول جون خبرون بڻجي ويون آهن، پر ان معمول ۾ به ڪڏهن ڪجهه خبرون اهڙيون رپورٽ ٿي وڃن ٿيون جيڪي دل ڏڪائي وجهن ٿيون. جيئن هڪ شامي ٻار جي سمنڊ جي ڪناري تي پيل تصوير سڄي دنيا جا هانءُ چيري وڌا. گذريل سال به هڪ اهڙي رپورٽ ٿي هئي، جنهن ۾ هڪ پيءُ پنهنجي ٻن سالن جي ٻار کي پٺيءَ تي ويهاري ميڪسيڪو کان آمريڪا داخل ٿيندي ريو گرندي سمنڊ جي ڪناري تي مئل حالت ۾ پيو هو. ساڳئيءَ ريت ڪئناڊا کان سرحد پار ڪندي برف ۾ ڄميل هڪ ئي خاندان جي چئن فردن جا لاش مليا هئا. انهن ۾ زال مڙس کانسواءِ ڏهن سالن جو پٽ ۽ ٽن سالن جي ڌيءَ شامل هئي.

اهي واقعا سرمائيداري جي سفاڪي جو پردو کولي ڇڏين ٿا ته اهو غير انساني نظام انسان کي آسان موت ڏيڻ کان به لاچار ٿي چڪو آهي. اهي اهڙا ڪيس هئا جن سڄي دنيا جي ضمير کي ڌوڏي وڌو، نه ته اهڙن موتن جو ڳاڻيٽو به مشڪل آهي.

عوام ان نظام هٿان عاجز اچي چڪو آهي. ان جو اندازو “واڪنگ بارڊرز” جي رپورٽ مان هڻي سگهجي ٿو ته گذريل هڪ سال (2024ع) جي دوران مغربي آفريقا جي ملڪن موريطانيه ۽ سينگال کان اوقيانوس سمنڊ کي ڪراس ڪري ڪنيري ٻيٽن جي رستي اسپين ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ۾ ڏهن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن پنهنجي جان وڃائي ڇڏي. اهو ڪنهن هڪ سال جي دوران رستي ۾ مرڻ وارن لڏپلاڻ ڪندڙن جو سڀ کان وڏو انگ آهي. ائين اٽڪل هڪ ڏينهن ۾ ٽيھه ماڻهو بهتر زندگي جي ڳولها ۾ پنهنجي زندگي وڃائي رهيا آهن. جڏهن ته يونيسيف جي مطابق  2024 ۾ رومي سمنڊ کي ڪراس ڪرڻ وارا 2200 فرد پنهنجي زندگي جي جيوت وڃائي ويٺا. الميو اهو به آهي ته ان ريت پنهنجي جان وڃائڻ وارن جو ڪو قابل رڪارڊ به موجود ناهي.

اهي زندگيون کسيندڙ لڏپلاڻون ڪنهن هڪ ملڪ جو مسئلو ناهن، پر ڏکڻ ايشيا (پاڪستان ۽ ڀارت) آفريقا، لاطيني آمريڪا سميت سامراج جي رت پياڪ چنبن ۾ جڪڙيل ڪمزور معيشتن جي لائق سمورن علائقن جا محنت ڪش، خاص طور تي نوجوان پاڻ کي حالتن جي اڳيان بيوس ۽ مجبور ڏسن ٿا. وڌيڪ اهو ته سرمائيداري جي معاشي بحرانن سان گڏ ئي اهو لاڙو وڌندو وڃي پيو. ڪٿي جنگ جون تباهيون آهن ته ڪٿي گهرو ويڙهن جون رتو ڇاڻيون، ڪٿي گلوبل وارمنگ جي سبب کان وڌندڙ ٻوڏون ۽ طوفان آهن ته ڪٿي خشڪ سالي جو ڀوت، بدترين استحصال آهي، مقامي ڪرنسين جي بي قدري، سامراجي قرضن جو ناقابل برداشت ٻوجھه اهي سموريون اذيتون انهيءَ نظام جي ڪک کان جنم وٺن ٿيون. پوئتي پيل علائقن جا ماڻهو انهن ئي سامراجي رياستن جي ڏاڍ، استحصال ۽ ڀڙڪايل جنگين کان تنگ اچي ڪري موت جا اهي رستا چونڊين ٿا ۽ اهي ئي رياستون پنهنجن ملڪن ۾ انهن کي “غير قانوني” ۽ سمورن مسئلن جو ذميوار قرار ڏين ٿيون.

محنت ڪشن جي شعوري مداخلت سان ان نظام جو عالگير پيماني تي خاتمو ئي انساني نسل کي اهڙين محرومين کان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي ٿو. هڪ اهڙي دنيا تعمير ٿي سگهي ٿي، جتي سرحدن جي ڪا قيد نه هجي، پر جتي ڪو بک ۽ بدحالي جي ذلت جي هٿان مجبور ٿي پنهنجن پيارن کان الڳ به نه ٿئي، جتي محبت، امن ۽ سچائي جا رشتا نروار ٿين، اهو ڪنهن پاڳل جو خواب ناهي ۽ اهو نه صرف ممڪن آهي، بلڪه اڄ جي حالتن ۽ وقت جي اشد ضرورت پڻ آهي!