ايڊيٽوريلنئون

آمريڪا ۾ ويزا ڪريڪ ڊائون جاري پاڪستاني شاگرد ۽ ماڻهو غير يقيني صورتحال جو شڪار

ٽرمپ جي چونڊجي اچڻ کانپوءِ رياست هاءِ آمريڪا ۾ مقيم مختلف ملڪن جا ماڻهو هن وقت جيڪي قانوني طور رهائش پذير آهن يا شاگرد ويزا وٺي اتي پڙهڻ لاءِ ويل آهن، اهي سڀئي ماڻهو هڪ غير يقيني صورتحال جو شڪار آهن. ڇو ته هن وقت آمريڪا هڪ بدلجندڙ دنيا ۾ داخل ٿي چڪو آهي. جنهن مان جمهوريت آهستي آهستي سرڪندي نظر اچي پئي.

جمهوريت جو وڏو علمبردار آمريڪا هن وقت اتي قيام پذير ماڻهن جي معمولي سياسي سرگرمين يا نامڪمل دستاويزن جي صورت ۾ انهن کي اتان ڪڍي رهيو آهي. هڪ نامياري اخبار جي رپورٽ مطابق هلندڙ ڪيسز ظاهر ڪن ٿا ته معمولي ٽريفڪ قانون جي خلاف ورزي يا ڪيمپس ۾ ٿيڻ وارن احتجاجن جي اطلاعن تي آمريڪي محڪمو جيڪو ڊپارٽمينٽ آف هوم لينڊ سيڪيورٽي DHS سڏيو وڃي ٿو.

ان پاڪستاني ڪميونٽيءَ کي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اتر ورجينيا ۾ ٻن پاڪستاني شاگردن کي ان وقت حيران ڪري ڇڏيو. جڏهن ٽريفڪ ڪورٽ جي جج انهن کي ٻڌايو ته هاڻي عدالتون ٽريفڪ خلاف ورزين جو رڪارڊ DHS سان شيئر ڪرڻ جون پابند آهن. آمريڪا ۾ جڏهن ڪنهن پرڏيهي شهري يا شاگرد کي ڪنهن به قانوني مسئلي ۾ گرفتار ڪيو وڃي ٿو ته ان تي ڪرائم جو ڪيس داخل ٿئي ٿو ۽ ان جي معلومات ڊپارٽمينٽ آف هوم لينڊ سيڪيورٽي يا DHS سان شيئر ٿيندي آهي. ماضيءَ ۾ معمولي ٽريفڪ جي غلطين تي هڪ سادي ٽڪيٽ ٽريفڪ قانونن جي خلاف ورزين تي ڏني ويندي هئي، جيڪا هاڻي DHS کي ڄاڻ ڏئي هڪ ڪيس طور هلائي سگهجي ٿي.

هن وقت اتي موجود شاگرد پنهنجي پڙهائيءَ جي دٻاءُ کانسواءِ پنهنجي اتي روزمره جي خرچن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ نوڪريون ڪن ٿا، ان جو دٻاءُ برداشت ڪن ٿا ۽ ان کانسواءِ هاڻي انهن کي قانون جو به سخت دٻاءُ برداشت ڪرڻو پوي پيو. جڏهن ته پاڪستان پنهنجي وجود ۾ اچڻ کان وٺي آمريڪا جي بلاڪ ۾ رهيو آهي ۽ هميشه آمريڪا جي مفادن جي لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي، پر هن وقت ٽرمپ جي اچڻ کانپوءِ يا ائين کڻي چئجي ته چائنا جيڪو هن وقت هڪ اُڀرندڙ معاشي طاقت بڻجي رهيو آهي ۽ پاڪستان ان جو هڪ سٺو دوست بڻجي ان جو ساٿ ڏئي رهيو آهي.

شايد اها ڳالهه آمريڪا کي پسند نه پئي اچي، جنهن جي ڪري آمريڪي حڪومت هن وقت پاڪستاني آمريڪين کي اتي ننڍين ننڍين ڳالهين تي تنگ ڪري پاڪستاني حڪومت جي ڪن مهٽ ڪري رهي آهي.

اها به هڪ حقيقت آهي ته نوجوان شاگرد فلسطين ۾ ٿيندڙ ظلمن جي خلاف جڏهن ڪا ڳالهه ٿئي ٿي يا ڪو احتجاج ٿئي ٿو ته ان ۾ به شريڪ ٿي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائين ٿا، پر هن وقت صورتحال تبديل ٿيندي ڪيترائي نوجوان پنهنجو پاڻ کي سياسي سرگرمين کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر ان هوندي به ڪجهه نوجوان جيڪي فلسطين جي حق ۾ ڳالهائن ٿا، جيئن بالٽيمور جي ثمينا علي ٻڌايو ته انهن فلسطين جي حق ۾ ٿيندڙ احتجاجن ۾ جڏهن شرڪت ڪئي ته انهن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون ته جيڪڏهن توهان ائين ڪيو ته توهان کي ملڪ بدر ڪيو ويندو.

اتر ورجينيا جي هڪ ڪميونٽي ڪاليج جي هڪ شاگرد چيو ته  هن وقت پاڪستان سوڌو ٻين ڪيترن ئي ملڪن جا شاگرد خوفزده آهن ۽ ان خوف جي ڪري نه هو صحيح تعليم حاصل ڪري سگهن پيا، نه پارٽ ٽائيم جاب ڪري سگهن ٿا، نه ٻاهر نڪري سگهن ٿا ۽ نه ڊرائيو ڪري سگهن ٿا. شاگردن جو چوڻ آهي ته هي اهو آمريڪا نه آهي، جنهن جو هنن خواب ڏٺو هو.

ان کان وڌيڪ پريشانيءَ جي ڳالهه انهن ماڻهن جي لاءِ آهي جيڪي هن وقت آمريڪا ۾ سياسي پناهه تحت رهائش پذير آهن. واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڏنل ڊيٽا مطابق آمريڪا ۾ 7 کان 10 لک پاڪستاني مقيم آهن.  جن مان گهڻو ڪري اهي شهري آهن جيڪي هتي ڊگهي عرصي کان رهن ٿا. جيئن ته هتي ماضيءَ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن باضابطه رجسٽريشن نه ڪرائي هئي، ان لاءِ اڃا تائين پاڪستانين جو درست انگ ڪيترو آهي، ان جي واضح ڊيٽا موجود ناهي.

آمريڪا جي ان بدلجندڙ صورتحال ۾ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته آمريڪا جي حڪومت پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهي آهي، ان لاءِ ٻين ملڪن کان آيل ماڻهن جي لاءِ پنهنجا دروازا بند ڪري رهي آهي. ڇو ته هن وقت نه صرف پاڪستان جي لاءِ پر ملاوي ۽ زيمبيا کان اچڻ وارن ويزا هولڊرن تي هاڻي سياحتي يا ڪاروباري ويزا جي لاءِ 15 هزار ڊالرن جي ضمانت لازمي قرار ڏني وئي آهي.

جڏهن ته ٻاهرين ملڪن مٿان سفري پابنديون ۽ وڌيڪ 7 ملڪن تي جزوي پابنديون برقرار آهن. ان صورتحال پاڪستاني شاگردن کي ۽ سندن والدين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. واشنگٽن ۾ پاڪستاني حڪام ۽ ٻين انهن ماڻهن جن وٽ ويزا آهي، انهن کان مسلسل سوال پڇيا وڃن ٿا، انهن کي آمريڪا جي پرڏيهي آفيس موڪليو وڃي ٿو. هن وقت پاڪستاني سفارتخانو ان صورتحال تي پنهنجي ڪڙي نظر رکندو اچي. ان کان علاوه سفارتخانو قانوني دستاويزن، اتي اچڻ کانپوءِ ماڻهن جي حقن جي آگاهي ۽ سياسي سرگرمين ۾ احتياط ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏئي رهيو آهي.

ان لاءِ ضروري آهي ته شاگرد آمريڪا ۾ داخلا وٺڻ کان علاوه ٻين ملڪن جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ داخلا وٺڻ جو آپشن استعمال ڪن يا جيڪڏهن انهن کي آمريڪا ۾ داخلا ملي وئي آهي ۽ اهي هر حال ۾ آمريڪا ۾ تعليم جاري رکڻ چاهين ٿا ته انهن کي اتان جي بدلجندڙ سياسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنهنجو پاڻ کي هر سياسي سرگرميءَ کان پري رکڻ گهرجي، پنهنجو ڌيان پنهنجي تعليم ڏانهن رکڻ گهرجي ۽ ان کان علاوه اتان جي قانون جي هر صورت ۾ پاسداري ڪري پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو پنهنجي تعليم مڪمل ڪري سگهن.