بلاگنئون

پاڪستان وٽ صوبن کي ورهائڻ جو نه ڪو اخلاقي جواز آهي ۽ نه ڪو ثقافتي

tufailپاڪستان جي قوميت ۽ وفاقي سڃاڻپ کي سمجهڻ جي لاءِ سڀ کان پهرين اهو ڏسڻ نهايت ضروري آهي ته جديد سياسيات ۽ سوشيالوجي ۾ “قوم” جي تعريف ڇا آهي۔ جديد قوميت جي نظريي جي مطابق هڪ قوم محض سياسي رياست جو نالو ناهي بلڪه ان جو بنياد هڪ گڏيل ٻولي، صدين تي مشتمل تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي ۽ هڪ گڏيل تاريخي شعور تي هوندو آهي. ارنسٽ رينان(Ernest Renan) پنهنجي مشهور تقرير جيڪا هن 1882 ۾ قوم ڇا آهي؟ جي عنوان سان ڪئي، ۾ چيو هو ته قوم اصل ۾ هڪ گڏيل ياداشت ۽ گڏيل تاريخي شعور جو نالو آهي۔ انهيءَ تصور کي اينٿوني اسمٿ پنهنجي ڪتاب 1986The Ethnic Orgins ofNation  ۾ وڌيڪ وضاحت سان بيان ڪيو آهي ته قومون عام طور تي “نسلي، ثقافتي گروهن جي صورت ۾ ارتقا حاصل ڪن ٿيون ۽ پوءِ جديد رياستن ۾ تبديل ٿين ٿيون.

ان پسمنظر ۾ جيڪڏهن پاڪستان جو جائزو ورتو وڃي ته چٽو ٿئي ٿو ته پاڪستان هڪ “قدرتي قوم” ناهي، بلڪه هڪ وفاقي اتحاد آهي جيڪو 1947 ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو. ان کان اڳ پاڪستان نالي ڪنهن قوم يا قومي رياست جو وجود نه هو. پاڪستاني سڃاڻپ بنيادي طور تي هڪ سياسي ۽ انتظامي سڃاڻپ آهي. نه ڪي هڪ لساني يا تهذيبي سڃاڻپ.

پاڪستان جي وفاقي ڍانچي جي ماتحت موجود وحدتون مثلن پنجاب، سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخواهه ۽ گلگت بلتستان سڀ پنهنجيون پنهنجيون الڳ تاريخي ۽ لساني روايتون رکن ٿيون. هر پرڳڻو هزارين سال پراڻين تهذيبن جو وارث آهي. پنجاب جي باري ۾ تاريخي محقق ڊاڪٽر جعفري ملڪ پنهنجي ڪتابPunjaab:AHistory from(Aurangzeb to Mountbatten (2012)  ۾ لکيو آهي ته اهو علائقو پنهنجي لساني ۽ تهذيبي دٻاءُ جي باوجود هڪ الڳ تاريخي وحدت جي طور تي موجود رهيو. بلڪل ساڳئيءَ ريت سنڌ جي باري ۾ حميده کهڙو پنهنجا تحقيقي ڪتاب Sindh:The   Genral view1918 ۾ لکيو آهي ته سنڌي قوميت پنهنجي ٻولي ۽ تهذيب جي بنياد تي هزارين سال پراڻو تسلسل رکي ٿي. پشتو جي باري ۾ اولاف ڪاريو (Olaf Careo) The Pathan1958 ۾ لکي ٿو ته پشتون سڃاڻپ جون پاڙون گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار سال پوئتي وڃن ٿيون. بلوچ قوميت تي مير گل خان نصير جي Tarikh_e-Balochistan 1952 ۽ سيد ظهور شاهه هاشمي جا لساني ۽ ادبي ڪم ان جي ادبي ڪاوشن تي روشني وجهن ٿا.

انهن حوالن سان اها ڳالھ سامهون اچي ٿي ته پاڪستان جا صوبا يا علائقا اصل ۾ الڳ الڳ قومي ۽ تهذيبي  وحدتون آهن، جن هن پنهنجي تاريخي ارتقا کانپوءِ 1947 ۾ هڪ وفاقي ڇٽيءَ جي هيٺان گڏ ٿيڻ قبول ڪيو. اهو چوڻ وڌيڪ درست آهي ته صوبن پاڪستان کي جنم ڏنو، نه ڪي پاڪستان صوبن کي تخليق ڪيو آهي۔ اهو هڪ الڳ بحث آهي ته ڇا انهن وحدتن آزاداڻي طور تي وفاق ۾ شموليت ڪئي يا انگريز سامراج ۽ پوءِ وارن طاقتور طبقن انهن کي هڪ خاص سياسي منصوبي جي تحت هڪ جاءِ تي گڏ ڪيو. ڊاڪٽر عائشه جلال پنهنجي ڪتاب The Sole Spokesman: Jinnah, the Muslim League, and the Demand for Pakistan (1985 ۾ چئي ٿي ته مسلم ليگ برصغير جي مسلمانن جي لاءِ هڪ وفاقي طرز جو ڍانچو سوچيو هو، پر آزاديءَ کانپوءِ طاقتور مرڪز هوريان هوريان صوبائي خود مختياري کي محدود ڪري ڇڏيو۔ ان تاريخي نقطهءِ نظر ۾ صوبن کي وڌيڪ ورهائڻ جي بجاءِ انهن جي موجوده سڃاڻپ کي تسليم ڪرڻ وڌيڪ عقلي ۽ پائيدار رستو آهي.

هند جي ورهاڱي 1947 جا زخم ۽ ان جي نتيجي ۾ لکين انسانن جي لڏپلاڻ ۽ جانين جو نقصان اڄ تائين گڏيل شعور تي اثرانداز آهي۔ مشهور مورخ ياسر قاضي پنهنجي تحقيق ۾ اهو نقطو اٿاريو آهي ته ننڍي کنڊ جي ورهاست رڳو سياسي عمل نه هو، پر هڪ عظيم انساني الميو هو، جنهن گڏيل ذهنيت کي صدمو رسايو. اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن صوبن کي وڌيڪ ورهايو ويندو ته اهي زخم اڃان ڳوڙها ٿيندا ۽ وفاق وڌيڪ ڪمزور ٿيندو.

پاڪستان وٽ صوبن کي ورهائڻ جو ڪوبه اخلاقي يا تهذيبي سبب ناهي۔ جيڪڏهن انتظامي مسئلا حل ڪرڻا آهن ته ان جي لاءِ بهتر رستو مقامي حڪومتن کي مضبوط ڪرڻو آهي۔ نيڪولس اسٽرلنگ پنهنجي ڪتاب Decentralization and Development 1996  ۾ چٽو ڪري لکي ٿو ته مضبوط مقامي حڪومتون رياستي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ کان سڀ کان بهترين طريقو آهي۔ هندستان ۾ پنچائتي راڄ ان جو هڪ ڪامياب مثال آهي جنهن کي جارج ميٿوPanchayat Raj in India:An Ovrview2000  ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي۔ پاڪستان ۾ به جيڪڏهن ضلعي، تعلقي، يونين ڪائونسل ۽ ڳوٺن جي سطح تي خود مختيار حڪومتون قائم ڪيون وڃن ته صوبن کي ٽوڙڻ جي ضرورت باقي نه رهندي۔ ان کانسواءِ آئين ۾ وڌيڪ سڌارا ڪري صوبن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جي ضرورت آهي۔ نه ته ان کان اڳ ڏنل ٿورڙن گهڻن اختيارن کي کسڻ جي سابق چيف جسٽس آصف سعيد  کوسي پنهنجي عدالتي راءِ ۾ ڪافي ڀيرا اهو نقطو کنيو هو ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ طاقت جي توازن کي آئين جي روح جي مطابق نئين سر مرتب ڪرڻ جي ڪوشش جي ضرورت آهي۔ منهنجي راءِ ۾ جيڪڏهن صوبن کي خود مختيار ريپبلڪن جي طور تي تسليم ڪيو وڃي، جيڪي پنهنجي ٻولي، ثقافت، تعليم ۽ وسيلن تي اختيار رکن ته اهو وفاق جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ۽ جمهوري حل ٿيندو۔

ارڙهين ترميم صوبن کي ڪجهه حق ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، مگر سچ ته اهو آهي ته اڄ تائين ارڙهين ترميم تي ڪڏهن درست معنائن ۾ عمل ٿيو ئي ناهي۔ اڄ به ڪافي محڪمه، فنڊز ۽ فيصلي وارا اختيار وفاق پاڻ وٽ يرغمال ڪري رکيا آهن۔ ارڙهين ترميم جي تحت تعليم، صحت، بلديات، صنعت سڀ مڪمل صوبن کي منتقل ٿيا هئا، مگر اڄ به انهن شعبن ۾ وفاقي وزارتون موجود آهن۔ اها به حقيقت آهي ته جيڪي حق صوبن ڏانهن منتقل ٿيا آهن انهن ۾ وري صوبن ۾ خراب گورننس جي ڪري عوام اندر بيچيني پکڙي آهي. ان ڪري صوبن کي به پنهنجي گورننس کي بهتر ڪرڻو پوندو. نوان صوبا ٺاهڻ وارا منصوبا هن وقت غير آئيني طور تي طئي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. صوبائي حڪومت کي آزاد فيصلا ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي۔ ڇو ته اقتداري پارٽي جو اڳواڻ اڪثر وزيراعظم هوندو آهي۔ اهو پنهنجن وفاقي خرچن کي پوري ڪرڻ جي لاءِ صوبن کي مڪمل فنڊ جاري نٿو ڪري۔ نه وڏن منصوبن ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ٿو۔ ٽيڪس صوبن کان اوڳاڙي ڪري ٿو ۽ پوءِ احسان ڪري ٿورو صوبن کي ڏئي ٿو۔ بجلي، گيس، معدنيات، پاڻي، آبپاشي، قدرتي وسيلا، انڊسٽري سڀ صوبا پيدا ڪن ٿا، مگر آمدني وفاق وٺي ٿو۔

پاڪستان جي وفاقي ڍانچي کي سمجهڻ جي لاءِ هڪ اهم نقطو هي آهي ته دنيا ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون رياستون موجود آهن، جيڪي پنهنجي سڃاڻپ ۾ پاڪستان جيان گهڻ ثقافتي ۽ گهڻ نسلي آهن، پر انهن پنهنجي بقا ۽ مضبوطي جي لاءِ مرڪزيت يا جبري برابري جي بجاءِ وفاقي مساوات ۽ رضامندي تي ٻڌل نظام اختيار ڪيو آهي۔ انهن جا مثال پاڪستان جي لاءِ رهنمائي ميسر ڪري سگهن ٿا۔

بيلجيم هڪ ننڍڙو يورپي ملڪ آهي، پر پنهنجي سڃاڻپ ۾ ڳوڙهو اثر رکي ٿو۔ هتي فليمش (ڊچ ٻولي ڳالهائڻ وارا) والون (فرانسيسي ڳالهائڻ وارا) ۽ جرمن ڳالهائڻ واريون ڪميونٽيون آهن۔ هر ڳسوه پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت تي ناز ڪري ٿو ۽ بيلجيم جي سياست جو سڀ کان وڏو چيلينج اهوئي هو ته اهي گروهه هڪ ئي رياست ۾ گڏ ڪيئن رهي سگهن ٿا۔ 1970 جي ڏهائي کان بيلجيم آئيني سڌارن جي وسيلي هڪ اهڙو وفاقي نظام ٺاهيو۔ جنهن ۾ هر ڪميونٽي ۽ خطي کي ڪشادي خود مختياري ڏني وئي۔

سوئٽزرلينڊ به هڪ ڪامياب مثال آهي۔ هتي چار وڏيون ٻوليون (جرمن، فرانسيسي، رومانڊي، اطالوي) ان کانسواءِ چوٿين ٻولي رومانش ڳالهايون وڃن ٿيون۔ جيتوڻيڪ ملڪ جاگرافيائي طور تي ننڍڙو آهي، پر ان جون وفاقي وحدتون يعني “ڪينٽونز” تمام گهڻي خود مختياري رکن ٿيون۔ سوئس ڪينٽونز پنهنجي آئين، تعليم، پوليس ۽ مقامي قانونن جي مامرن ۾ آزاد آهن۔ سوئٽزرلينڊ جي وفاقي ڪائونسل جو ڍانچو اهڙو آهي ته هر وڏي لساني ڪميونٽي جي نمائندگي لازمي هوندي آهي ته جيئن ڪو گروهه محرومي جو شڪار نه ٿئي. محقق جوناٿن شتائننرگ پنهنجي ڪتاب Why Switzeland? 1996 ۾ لکي ٿو ته سوئٽزرليڊ جي ڪاميابي ان جي “رضامندي تي مشتمل وفاقيت” آهي۔ جتي مختلف قومن هڪ گڏيل سياسي ڍانچي تي اتفاق ڪيو آهي۔

ڪئناڊا هڪ ٻيو مثال آهي۔ هتي فرانسيسي ڳالهائڻ واري ڪيوبڪن جي آبادي ڊگهي عرصي تائين پنهنجي الڳ سڃاڻپ جي لاءِ سرگرم رهي آهي۔ مگر ڪئناڊا ان کي زور سان طاقت جي وسيلي ختم ڪرڻ جي بجاءِ هڪ “مضبوط وفاقيت” اپنائي۔ جنهن جي تحت ڪيوبڪ کي خاص خود مختياري ۽ آئيني رعايتون ڏنيون ويون ته جيئن اها ڪئناڊا جي وفاق جو حصو رهندي پنهنجي قومي سڃاڻپ برقرار رکي سگهي۔ ميڪ گل يونيورسٽي ايلن ڪيئرن Quebec and Canada: Between Sovereignty and Federalism, 2003 جي مطابق اهو ماڊل ڏيکاري ٿو ته هڪ رياست مختلف قومن کي انهن جي سڃاڻپ سان گڏ هڪ رياست تسليم ڪري به متحد رهي سگهجي ٿو۔

جيڪڏهن انهن مثالن تي ويچار ڪجي ته صاف ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان جا صوبا اصل ۾ تاريخي ۽ تهذيبي معنائن ۾ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي “قومون” آهن، جن کي ڏاڍ جي بجاءِ رضامندي، مساوات ۽ آئيني خود مختياري جي اصولن تي وفاق اندر جاءِ ڏيڻ وڌيڪ بهتر ۽ پائيدار حل آهي۔ صوبن کي ٽوڙڻ يا نوان ليڪا ڪڍڻ بجاءِ وفاق کي گهرجي ته هو بيلجيم، سوئٽزرلينڊ ۽ ڪئناڊا جي طرز تي پنهنجين وحدتن کي وڌيڪ اختيار ڏئي۔ انهن جي ٻولي ۽ ثقافت کي آئيني حيثيت ڏئي ۽ مرڪز کي صرف هڪ اشتراڪي مفادن جو ڪردار ڏئي  ان ۾ ئي وفاق جي ڀلائي آهي۔

پاڪستان جي آئين جي ارڙهين ترميم ڪجهه اختيار صوبن کي منتقل ڪري هڪ مثبت قدم کنيو، پر عملي طور تي اڃان تائين به اختيارن جي منتقلي مڪمل طور تي نه ٿي سگهي آهي۔ جيڪڏهن پاڪستان واقعي هڪ مضبوط وفاقي رياست بنجڻ چاهي ٿو ته صوبن کي خود مختيار ريپبلڪن جي طور تي تسليم ڪري۔ مقامي حڪومتن کي آئيني ضمانت ڏئي ۽ پنهنجين وحدتن جي گهڻ قومي ثقافتي حقيقت ۽ انهن جي هزارين سالن جي تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي کي پنهنجي وفاقي سڃاڻپ جو بنياد بڻائي۔ ان ريت پاڪستان نه صرف اندران کان مضبوط ٿيندو، بلڪه دنيا ۾ به سٺي ساک وارو ملڪ بڻجي ويندو. باقي بار بار ملڪ کي تجربن جي طور تي استعمال نه ڪيو وڃي۔ ڇاڪاڻ ته اهڙا تجربا ملڪ جي لاءِ سدائين ڪمزوري جو سبب بڻبا آهن.