سنڌ اندر هيپاٽائيٽس وڌڻ لڳي
پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ اڄ هيپاٽائيٽس کان بچاءُ لاءِ ڏينهن ملهايو پيو وڃي. ان ڏينهن جي مناسبت سان جگر جي مرضن جا ماهر سيمينار منعقد ڪندا. ان حوالي سان ٿيندڙ ڪالهه هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ماهرن انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ملڪ اندر 40 سيڪڙو غير محفوظ طريقي سان رت جي منتقلي جي ڪري ٿيليسيميا ۽ ٻين بيمارين جي مريضن ۾ هيپاٽائيٽس جو مرض تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. جنهن جو وڌيڪ شڪار سنڌ جا مٿانهان شهر بڻجي رهيا آهن. جتي هيپاٽائيٽس ڊيلٽا ڊي وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. جنهن جو علاج سنڌ ۾ موجود ئي ڪونهي. ماهرن چيو ته پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي ۾ هڪ ڪروڙ 45 هزار جڏهن ته هيپاٽائيٽس ڊي جي مريضن جو تعداد 8 لک آهي، جنهن مان هر سال 40 هزار ۽ روزاني 111 مريض مري ويندا آهن. پريس ڪانفرنس ۾ ماهرن چيو ته ملڪ اندر هيپاٽائيٽس جي ڪري هاڻي ڪينسر به وڌي رهيو آهي. جڏهن ته سڄي دنيا 2030 تائين هن مرض جو خاتمو ڪرڻ جو ٽارگيٽ رکي ان تي عمل به شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي ماهرن چيو آهي ته هيپاٽائيٽس جي سڃاڻپ ٿيڻ تي مڪمل علاج ممڪن آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ماڻهو پنهنجي ٻارن جي ٽيسٽ ڪرائين. ماهرن چيو ته سنڌ اندر هيپاٽائيٽس خطرناڪ حد تائين پکڙجي ويو آهي. هاڻي ضرورت آهي ته هر ٻار کي هيپاٽائيٽس کان بچاءَ لاءِ ويڪسينيشن ڪئي وڃي. هن وقت تائين هيپاٽائيٽس پروگرام ۾ ٻارن کي هيپاٽائيٽس جا ٽڪا هڻڻ شامل ئي نه آهي. جڏهن ته اي پي آءِ ۾ ڇهن هفتن کانپوءِ ٻارن کي اهڙا ٽڪا ڏنا ويندا آهن.

