ايڊيٽوريلنئون

حڪومت جلد ئي 5G اسپيڪٽرم پاليسيءَ جو اعلان ڪندي

انفارميشن ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير شزا فاطمه ڏکڻ ايشيا ٽيلي ڪميونيڪيشن ريگيوليٽريز ڪائونسل جي ڇويهين اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان 600 ميگا هرٽز کان وڌيڪ اسپيڪٽرم نيلام ڪندو. جيڪو نه صرف موجوده 3G ۽ 3G جي خدمتن ۾ بهتري آڻيندو. بلڪه 5G ٽيڪنالاجي به متعارف ڪرائي ويندي. سندس اعلان مطابق ٽيليڪام انفرااسٽرڪچر شيئرنگ فريم ورڪ جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن ريگيوليشنز کي به حتمي شڪل ڏني وئي آهي. جنهن جي ذريعي ملڪ ۾ سيٽلائيٽ انٽرنيٽ ڪنيڪٽوٽي فراهم ڪئي ويندي.

هن وقت5G  جي شروعات عالمي سطح تي ٽيڪنالاجي ۽ معيشت جو لازمي حصو بڻجي وئي آهي. جنهن جو پورو نالو “ففٿ جنريشن وائرليس ٽيڪنالاجي” يا گلوبل ٽيڪنالاجي آهي، جيڪو موبائيل نيٽ ورڪ کي هلائڻ لاءِ اسٽينڊرڊ ٽيڪنالاجي G/LTE  لاءِ ٺاهيو ويو آهي ۽ اهو موجوده 4G جو جانشين آهي. هن ٽيڪنالاجي ذريعي موبائيل انٽرنيٽ ۾ ٽي اهم انقلابي سڌارا ايندا. پهريون ڊيٽا جي منتقلي تمام تيز رفتار ٿي ويندي، ٻيو سگنل کي موڪلڻ ۽ جواب حاصل ڪرڻ ۾ وقت جي دير ختم ٿي ويندي ۽ ٽيون ته هڪ نئين علائقي ۾ هڪ ئي وقت تمام گهڻين ڊوائيسن کي نيٽ ورڪ سان ڳنڍي سگهبو. پاڪستان ۾ 5G جي شروعات لاءِ پهرين به ڪيترين تاريخن جو اعلان ڪيو ويو آهي، پر تازي اعلان ۽ حڪومتي بيانن موجب پاڪستان ۾ 5G جي شروعات جلد ٿي رهي آهي.

ان جي لاءِ بنيادي ڍانچو جنهن ۾ نيٽ ورڪ کي سپورٽ ڏيڻ لاءِ فائيبر آپٽڪ نيٽورڪ کي وڌائڻ ۽ نوان ٽاور لڳائڻ لاءِ نيون سائيٽون ۽ ننڍا سيلز لڳائڻ جو ڪم هلي رهيو آهي. 5G وقت جي اهم ضرورت محسوس ٿي رهي آهي. دنيا هن وقت ٽيڪنالاجيءَ سان سيڪنڊن جي مفاصلي تي ڳنڍيل آهي. جيڪڏهن 5G پاڪستان ۾ جلدي فراهم ڪيو ويو ته ان سان ڊجيٽل معيشت جي رفتار تمام تيز ٿي ويندي. جنهن سان ملڪ جي جي ڊي پي ۾ اربين ڊالرن جو اضافو ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه جديد صنعتڪاري جي مدد سان ڪارخانن، زراعت، لاجسٽڪس ۽ پيداوار ۾ 20 کان 30 سيڪڙو تائين واڌ ٿي سگهي ٿي.

. 5G جي بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ماهر انجنيئرن ۽ ڊيٽا جي ايڪسپرٽ سائنسدانن جي ضرورت پوندي، جنهن جي لاءِ پاڪستان جا نوجوان انهن ميدانن ۾ نوان روزگار حاصل ڪري سگهندا. اِي ڪامرس ۽ فنٽيڪ تيز ۽ قابل اعتماد ڪنيڪشن جي ڪري جلد ڊجيٽل ادائگين، بينڪنگ سسٽم ۽ اِي ڪامرس وڌيڪ محفوظ ۽ موثر طريقي سان ڪم ڪرڻ لڳندا. ان کان علاوه تعليم جي ميدان ۾ به نئون مستقبل جڙي سگهي ٿو، جنهن جي شروعات ڪورونا جي ڏينهن کان ٿي چڪي آهي. گڏوگڏ صحت جي ميدان ۾ به ڊاڪٽر ريموٽ سرجري، ٽيلي ميڊيسن جهڙيون خدمتون ڏيئي سگهندا. حڪومت کي پنهنجن شهرن جي سار سنڀال لهڻ جي لاءِ IoT  سينسرز جو هڪ وڏو نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

ايئن سمجهو ته 5G پاڪستان ۾ نوجوانن جي اکين جو خواب آهي، جيڪڏهن اها سهولت اسان جي عوام کي ملي وئي ته هو پنهنجي لاءِ ڪيترائي نوان رستا تلاش ڪري سگهي ٿو، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومتي سطح تي انهن جي تربيت ڪري انهن کي 5G جهڙي سروس مان فائدو وٺڻ به سيکارجي. ان کان علاوه هڪ فرد کي هڪ تيز رفتارHD  فلم سيڪنڊن ۾ ڊائون لوڊ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، بغير روڪ ٽوڪ جي اسٽريمنگ بهترين ڪوالٽي سان ٿي سگهندي. 5G تيز ۽ قابل اعتماد ڳانڍاپو هوندو، جنهن سان آرٽيفيشل انٽيليجنس، انٽرنيٽ آف ٿنگس (IoT)  ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ کي وڌيڪ آسانيءَ سان استعمال ڪري سگهبو. ان سان پاڪستان جي ايڪسپورٽرز کي تمام گهڻي ملندي، جنهن سان هو پنهنجو ڪاروبار وڌيڪ بهتر بڻائي سگهندا. دنيا جا سيڙپڪار هن ٽيڪنالاجيءَ جو پاڪستان ۾ هجڻ جو فائدو وٺندي سيڙپڪاريءَ لاءِ راغب ٿيندا. هن وقت 5G جي شروعات عالمي سطح تي ٽيڪنالاجي ۽ معيشت جو لازمي حصو بڻجي وئي آهي.

عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف به 5G کي سٺو سنئوڻ سمجهندا، جيڪي پاڪستان کي ڊجيٽل اڪانامي جي فروغ لاءِ مشورا ڏين ٿا. اهي ادارا چاهين ٿا ته پاڪستان جي انفرااسٽرڪچر کي ڊجيٽل معيشت ۾ تبديل ڪيو وڃي. جنهن سان پاڪستان عالمي ادارن سان گڏجي ٽيڪنالاجي جي ذريعي صحت، تعليم ۽ غربت جي خاتمي جي پروگرامن تي ڪم ڪري. 5G اهڙن پروگرامن کي وڌيڪ موثر بنائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اميد آهي ته حڪومت ان اعلان کانپوءِ ان تي تڪڙا قدم کڻي 5G کي پاڪستان جي سماجي ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ شامل ڪندي.