بلاگنئون

معيشت سان گڏ چين جو علمي اڀار، مغربي يونيورسٽيون پوئتي

عالمي تعليم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ هڪ وڏي تاريخي تبديلي خاموشيءَ سان جنم وٺي چڪي آهي. اهي ملڪ، جيڪي ڏهاڪن تائين علمي دنيا جا اڳواڻ سمجهيا ويندا هئا، هاڻي نئين مقابلي کي منهن ڏئي رهيا آهن. تازيون عالمي رپورٽون واضح ڪن ٿيون ته چين يونيورسٽي تعليم ۽ سائنسي تحقيق ۾ آمريڪا ۽ برطانيا کي پوئتي ڇڏڻ شروع ڪري ڏنو آهي.

نيو يارڪ ٽائيمز جي 15 جنوري 2026ع واري رپورٽ https://www.nytimes.com/2026/01/15/us harvard-global-ranking-chinese-universities-trump-cuts.html هن تبديليءَ کي انگن اکرن سان ثابت ڪندي ٻڌائي ٿي ته عالمي يونيورسٽي رينڪنگ ۾ هاڻي چيني ادارا اڳين قطار ۾ اچي چڪا آهن. جڏهن ته آمريڪي ۽ برطانوي يونيورسٽيون پنهنجي روايتي بالادستي برقرار نه رکي سگهيون آهن.

تحقيق جي ميدان ۾ چين جي واضح برتري: هالينڊ جي ليڊن يونيورسٽي سان لاڳاپيل CWTS Leiden Ranking، جيڪا تحقيق ۽ علمي اشاعت کي بنياد بڻائي رينڪنگ تيار ڪري ٿي، هن سال هڪ اهم نتيجو سامهون آندو آهي. هن رينڪنگ موجب:

* Zhejiang University (چين) دنيا جي نمبر ون تحقيقاتي يونيورسٽي بڻجي وئي.

* Shanghai Jiao Tong University ٻئي نمبر تي آئي.

* جڏهن ته هارورڊ يونيورسٽي (آمريڪا) ٽئين نمبر تي هلي وئي.

هي رڳو هڪ اداري جي ڪاميابي نه آهي، پر ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته تحقيق جي مقدار، رفتار ۽ اثر ۾ چين اجتماعي طور اڳتي نڪري ويو آهي. ٽاپ ڏهن يونيورسٽين مان گهڻيون هاڻي چين سان تعلق رکن ٿيون.

‏Center for World University Rankings CWUR جي  Global 2000 فهرست به چين جي اڀار جي تصديق ڪري ٿي. تازن انگن اکرن موجب چين جون 346 يونيورسٽيون دنيا جي مٿين 2000 ادارن ۾ شامل ٿيون، جڏهن ته آمريڪا جون 319 يونيورسٽيون هن لسٽ ۾ جاءِ ٺاهي سگهيون. هي پهريون ڀيرو آهي، جو چين يونيورسٽين جي مجموعي تعداد ۾ به آمريڪا کان اڳتي نڪري ويو آهي. رپورٽن مطابق، تقريبن 98 سيڪڙو چيني يونيورسٽين پنهنجي رينڪنگ بهتر ڪئي. جڏهن ته آمريڪا ۽ برطانيا جون ڪيتريون ئي يونيورسٽيون پوئتي هٽيون آھن.

وقار ۽ معيار: چين هاڻي صرف انگن اکرن تائين محدود ناهي، اهو صحيح آهي ته Times Higher Education ۽ QS World Rankings جهڙيون فهرستون اڃان تائين آڪسفورڊ، ڪيمبرج، MIT ۽ هارورڊ کي مٿين درجن ۾ رکن ٿيون، پر چين جون يونيورسٽيون هاڻي انهن لسٽن ۾ به تيزي سان مٿي اچي رهيون آهن. ‏Tsinghua University ۽ Peking University جهڙا ادارا عالمي سطح تي علمي وقار حاصل ڪري چڪا آهن، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته چين صرف تحقيق جي مقدار ۾ نه، پر تعليم جي معيار ۽ عالمي سڃاڻپ ۾ به اڳتي وڌي رهيو آهي.

چين جي ڪاميابيءَ جا بنيادي سبب: چين جي هيءَ ڪاميابي ڪنهن اتفاق جو نتيجو نه آهي، ان جي پٺيان تعليم ۽ تحقيق ۾ مسلسل سرڪاري سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي  شعبن ۾ ڊگهي مدي جي پاليسي، بين الاقوامي جرنلن ۾ اشاعت تي زور ۽ يونيورسٽين کي قومي ترقيءَ سان ڳنڍڻ واري حڪمت عملي شامل آهي. انهن قدمن چين کي علمي ميدان ۾ عالمي مقابلي لاءِ تيار ڪيو آهي. هيءَ تبديلي آمريڪا ۽ برطانيا جي مڪمل زوال جي نشاني نه آهي، پر اها ضرور واضح ڪري ٿي ته عالمي علمي طاقت جو توازن تبديل ٿي رهيو آهي. تحقيق ۽ اعليٰ تعليم ۾ اڳواڻي هاڻي اولهه تائين محدود نه رهي آهي.

پاڪستان لاءِ اهم سبق: پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ چين جو تجربو انتهائي اهم سبق رکي ٿو. جيڪڏهن قومون تعليم کي قومي ترجيح بڻائين. تحقيق ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ يونيورسٽين کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪن ته اهي به عالمي علمي منظرنامي ۾ پنهنجو مقام ٺاهي سگهن ٿيون. چين جو مثال واضح ڪري ٿو ته ترقي جو رستو علم، تحقيق ۽ تعليم مان گذري ٿو. اسان کي به پنھنجي ٻارن جي سٺي تعليم ۽ مستقبل لاءِ چين جي تعليمي ماڊل کي اختيار ڪرڻ طرف سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيڻو پوندو.