تاريخ 12 فيبروري 2026ع تي بنگلاديش اندر عام چونڊون ٿيون، جنهن ۾ شيخ حسينه واجد جي عوامي ليگ کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي پابندي لڳائي وئي، جنهن ۾ خالده ضياءُ جي پارٽي بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (BNP) ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت حاصل ڪري حڪمران پارٽي طور اڳيان اچي وئي. پارليامينٽ جي ڪل 300 سيٽن تي چونڊون ٿيون جن مان بي اين پي کي لڳ ڀڳ 210 کان 215 سيٽون مليون آهن. جڏهن ته جماعت اسلامي کي تاريخ ۾ تمام وڏي اڪثريت سان لڳ ڀڳ 70 کان 75 سيٽون مليون آهن ۽ هاڻي اها اپوزيشن جماعت طور وڏي ڪاميابي ماڻي پارليامينٽ جو حصو بڻجي چڪي آهي. عوامي ليگ جي غير موجودگيءَ ۾ بي اين پي لاءِ رستو بلڪل صاف هو ۽ ملڪ ۾ ٻن جماعتن واضح اڪثريت حاصل ڪري هڪ حڪمران ۽ ٻي اپوزيشن جماعت طور اڀري سامهون آيون آهن، جنهن ۾ جين زي هڪ فيصلا ڪُن فيڪٽر طور پنهنجو ووٽ استعمال ڪيو. بي اين پي جي قيادت خالده ضياءُ جو پٽ طارق الرحمان ڪري رهيو آهي، جيڪو بنگلاديش جو مستقبل جو وزيراعظم بڻجڻ لاءِ تيار آهي.
هنن چونڊن جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته 2024ع ۾ ٽرن آئوٽ 41 سيڪڙو، جڏهن ته 2026ع جي چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ 60 سيڪڙو رهيو. عالمي مبصرن ۽ مقامي ادارن مطابق چونڊون گذريل ويهن سالن جي مقابلي ۾ وڌيڪ شفاف ۽ آزاداڻه هيون ۽ هنن چونڊن ۾ جنريشن زي جي تحريڪ کانپوءِ هڪ نئون بنگلاديش اڏڻ جو خواب شامل آهي، جنهن جي رهنمائي خالده ضياءُ جو پٽ طارق الرحمان ڪري رهيو آهي. بي اين پي جي ترجيحن ۾ معاشي سڌارا، پرڏيهي لاڳاپا بهتر ڪرڻ جنهن ۾ آمريڪا توڙي اولهه جي ملڪن سان واپار وڌائڻ کي ترجيح ڏيڻ شامل آهن. جماعت اسلامي جو وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيڻ ۽ اپوزيشن ليڊر طور اڀري اچڻ جماعت اسلامي لاءِ هڪ تاريخي ڪاميابي آهي. ڇو ته هن جماعت جي ڪاميابيءَ جي پٺيان به جين زي جي مرضي شامل آهي. هاڻي بنگلاديش جو مستقبل هڪ ترقي پسند سوچ ۽ هڪ مذهبي جماعت جي وچ ۾ فيصلن جي توازن سان ٿيندو. جيڪڏهن اهو توازن خوبصورتي سان برقرار رهيو ته يقينن بنگلاديش جي هيءَ اليڪشن بنگلاديش کي هڪ نئين مستقبل ڏانهن ڪاميابيءَ سان وٺي وڃي سگهي ٿي. ڇو ته بي اين پي کي جتي پارليامينٽ اندر وڏي اڪثريت حاصل ٿي آهي اتي جماعت اسلامي 70 کان وڌيڪ سيٽن سان اپوزيشن طور موجود هوندي ته حڪومت جو ون مين شو چيڪ اينڊ بيلنس جي ڪري توازن ۾ رهندو. ان ڳالهه جو امڪان به رد نٿو ڪري سگهجي ته ٻنهي جي وچ ۾ اڳتي هلي ڇڪتاڻ وڌي سگهي ٿي. ڇو ته بي اين پي نظرياتي طور تي هڪ سيڪيولر ۽ قومپرست پارٽي آهي. جڏهن ته جماعت اسلاميءَ جو ايجنڊا مذهبي آهي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته بنگلاديش هن وقت هڪ نازڪ موڙ تي هوندي به هڪ نئين اڏام لاءِ تيار آهي. هن اليڪشن ۾ ٻن هڪ ترقي پسند ۽ ٻي مذهبي پارٽي جي ڪاميابي هڪ بهترين امتزاج به آهي ته ان جا ابتڙ نتيجا به نڪري سگهن ٿا.
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته بي اين پي جي ڪاميابيءَ کانپوءِ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي لاڳاپن ۾ ڪهڙي تبديلي رونما ٿئي ٿي. ڇو ته عوامي ليگ جي خاتمي کانپوءِ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ڪامياب سفارتي لاڳاپن سبب ويجهڙائي آئي آهي. تازو ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ آءِ پي ايل جي ميچن دوران مستفيض الرحمان کي جڏهن ڀارتي ٽيم مان ڪڍيو ويو ته پاڪستان بنگلاديش سان گڏ بيٺو ان سبب بنگلاديش جي نوجوانن جي دلين ۾ ڀارت خلاف نفرت ۽ پاڪستان لاءِ محبت ۾ اضافو ٿيو آهي. اميد آهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جيڪي هڪ ئي وڻ جون ٻه شاخون آهن، هن نئين حڪومت هيٺ وڌيڪ ويجهو اچي ٻن ڀائر ۽ دوست ملڪن وانگر سياسي ۽ معاشي فائدا حاصل ڪندا، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي مارڪيٽ ۾ وسعت ايندي. مستقبل ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ هندستان جي هڪ هٽي وارو راڄ ڪمزور ٿيندو. بنگلاديش جو پاڪستان سان ويجهو ٿيڻ جو مطلب سارڪ تنظيم هڪ ڀيرو ٻيهر فعال ٿي سگهي ٿي. بنگلاديش ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان جي موقف جي کلي حمايت ڪري سگهندو ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته بنگلاديش جو نئون نسل ماضيءَ جي تلخين کي وساري پاڪستان سان نئين شروعات ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن ۾ ڪرڪيٽ هجي يا ثقافت اهي پاڪستان سان ويجهو اچڻ جا خواهشمند نظر اچن ٿا. بنگلاديش جي چونڊن کانپوءِ ان ڳالهه جو قوي امڪان آهي ته علائقي اندر هڪ توازن قائم ٿيندو جنهن سان نيپال، سريلنڪا ۽ مالديپ جهڙا ننڍا ملڪ به پاڪستان جي ويجهو ايندا. نه صرف ايترو، بلڪه چين ۽ بنگلاديش جا لاڳاپا مضبوط ٿيندا جنهن سان بيلٽ اينڊ روڊ جي ذريعي ملڪي انفرااسٽرڪچر ۾ هڪ انقلابي تبديلي ايندي. بنگلاديش جي اليڪشن هندستان جي سفارتڪاريءَ جي شڪست آهي. حسينه واجد جي وڃڻ سان هندستان جو بنگلاديش تي مضبوط اثر ڪمزور ٿي چڪو آهي ۽ ان خال کي ڀرڻ لاءِ چين اڳتي وڌندو. جنهن جي لاءِ هو چاهيندو ته اتي انفرااسٽرڪچر تعمير ڪري بنگلاديش جي ترقيءَ ۾ حصو وٺي، پر ساڳئي وقت آمريڪا به هن نئين ايندڙ حڪومت کي پنهنجي سياسي فتح تصور ڪري ٿو، ڇو ته بنگلاديش اندر هن تبديليءَ ۾ آمريڪا جو به وڏو هٿ آهي. آمريڪا جي انڊو پئسيفڪ اسٽريٽجي جو مقصد چين کي روڪڻ ۽ بنگلاديش ۾ پنهنجا قدم وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي. بهرحال بنگلاديش اندر نوجوان طبقي جي مرضيءَ سان ايندڙ نئين حڪومت خطي اندر ڪهڙيون تبديليون پيدا ڪندي، ان جو پتو ان وقت پوندو جڏهن طارق الرحمان حڪومت جون واڳون سنڀاليندو ۽ عملي ميدان ۾ لهندو. اميد ته ٽيگور جي ڌرتيءَ تي خوشحالي ايندي، پاڪستان سان ان جا ويڇا ختم ٿيندا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت وڌندي ۽ اهو نسل جن بنگلاديش جي خوبصورتي کي ڏسڻ جا خواب ڏٺا هئا اهو پاڪستان مان اتي ويندو ۽ ٽئگور جي ڌرتيءَ تي قدم رکي سگهندو.