بلاگنئون

روس، يوڪرِين جنگ جا چار سال

تاريخ 24 فيبروري 2026 تي يوڪرِين مٿان روس جي حملي کي چار سال پورا ٿيا، پر جنگ جي باهه اڃان وسامي نه سگهي آهي. شروعات ۾ ڪيترن تجزيه نگارن جو خيال هو ته هي ٽڪراءُ ڪجهه هفتن يا مهينن ۾ ختم ٿي ويندو، پر هاڻي اها جنگ جديد دور جي ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ جنگين مان هڪ بڻجي چڪي آهي. جرمن ميڊيا اداري ڊويچي ويلي (DW) ۽ آمريڪي ٿنڪ ٽينڪCenter for Strategic and International Studies (CSIS) جي تازي رپورٽن مطابق هي جنگ هاڻي “استحڪامي جنگ” ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، جتي مقصد تيزي سان فتح حاصل ڪرڻ نه، پر مخالف کي آهستي آهستي ڪمزور ڪرڻ آهي. چئن سالن دوران فوجي نقصان انتهائي وڏو رهيو آهي. CSIS جي رپورٽ موجب روس جا لڳ ڀڳ 12 لک فوجي مارجي چڪا آهن. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڪنهن به وڏي طاقت لاءِ اهڙو نقصان بي مثال سمجهيو وڃي ٿو. يوڪرِين جو نقصان به گهٽ ناهي رهيو؛ 5 کان 6 لک فوجي مارجي ويا، زخمي يا لاپتا ٿيا، جن مان 1 کان 1.4 لک تائين هلاڪ ٿيڻ جا اندازا آهن. مجموعي طور ٻنهي ملڪن جو گڏيل فوجي نقصان لڳ ڀڳ 18 لک فوجين تائين پهچي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن جنگ جي رفتار ساڳي رهي ته 2026 تائين اهو انگ 20 لک تائين وڃي سگهي ٿو. شهري آبادي لاءِ به هي جنگ هڪ وڏو الميو بڻجي چڪي آهي. گڏيل قومن جي اداري جي تصديق موجب 15 هزار کان وڌيڪ شهري مارجي چڪا آهن، جن ۾ 766 کان وڌيڪ ٻار شامل آهن. اصل انگ هن کان وڌيڪ هجڻ جو امڪان آهي. ڇاڪاڻ ته ڪيترائي علائقا اڃان تائين مڪمل طور تي دستاويز نه ٿيا آهن. تباهه ٿيل گهر، اسڪول، اسپتالون ۽ ڪارخانا يوڪرِين جي اقتصادي ڍانچي کي ڀڃي چڪا آهن. عالمي مالياتي ادارن جو اندازو آهي ته ٻيهر تعمير لاءِ تقريبن 588 ارب ڊالرن کان وڌيڪ رقم گهربل هوندي. جنگ جي شروعات 24 فيبروري 2022 تي ٿي، جڏهن روسي صدر Vladimir Putin “خصوصي فوجي آپريشن” جو اعلان ڪيو. روس ٽن طرفن کان حملا ڪيا، ڪيئف، خارڪيِف ۽ ڏکڻ محاذ کان، شروعاتي ڏينهن ۾ روس کي اميد هئي ته يوڪرِين جلد هٿيار ڦٽا ڪندو، پر يوڪريني مزاحمت غير متوقع طور مضبوط ثابت ٿي. ڪيئف تي روسي حملو ناڪام ٿيو ۽ روسي فوج کي پوئتي هٽڻو پيو. بوچا ۽ ٻين علائقن ۾ قتل عام جون تصويرون سامهون آيون، جن عالمي سطح تي سخت رد عمل پيدا ڪيو.

2023 ۾ جنگ جو مرڪز باخموت بڻيو. مهينن تائين هلندڙ خونريز ويڙهه کانپوءِ روس باخموت تي قبضو ڪيو، پر ان جي قيمت ٻنهي پاسن لاءِ انتهائي ڳري رهي. ساڳئي سال يوڪرِين ڏکڻ محاذ تي ڪائونٽر آفينسو شروع ڪيو، پر اها وڏي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي. “واگنر گروپ” جي بغاوت روس جي اندروني حالتن بابت به سوال اٿاريا، جنهن ڪجهه وقت لاءِ سياسي غير يقيني پيدا ڪئي. 2024 ۾ روس آهستي آهستي ڊونباس ۾ اڳڀرائي جاري رکي. اوڊيئيوڪا تي قبضو ڪيو ويو. يوڪرِين روس جي اندر ڪورسڪ جي علائقي ۾ زوري گهڙي ويو ۽ ڪجهه وقت لاءِ لڳ ڀڳ 1300 چورس ڪلو ميٽر علائقو پنهنجي قبضي ۾ آندو، پر روس بعد ۾ گهڻو علائقو واپس ورتو. جنگ جو انداز واضح طور تبديل ٿي چڪو هو، هاڻي وڏا شهر تيزي سان فتح ڪرڻ بدران ننڍن ڳوٺن ۽ مورچن تي مهينن تائين ويڙهه جاري رکي پئي وڃي. 2025 ۾ “ڊرون جنگ” نئين مرحلي ۾ داخل ٿي. يوڪرِين ڊرونن ذريعي روسي ايئر بيسن ۽ لاجسٽڪ نظام کي نشانو بڻايو. “آپريشن اسپائيڊر ويب” جهڙن حملن روسي فضائي طاقت کي نقصان پهچايو. ان دوران ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻيهر آمريڪي صدارت سنڀالڻ بعد امن امان جي ڳالهين جي شروعات ٿي. جنيوا ۽ ابوظهبي ۾ ڳالهيون ٿيون، قيدين جي مٽا سٽا به ٿي، پر بنيادي مسئلا حل نه ٿيا. روس قبضي ڪيل علائقن کي تسليم ڪرائڻ چاهي ٿو، جڏهن ته يوڪرِين مڪمل واپسي ۽ سلامتي جي ضمانت گهري ٿو.

2026 تائين روس يوڪرِين جي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو علائقي تي قابض آهي، جيڪو لڳ ڀڳ 1.2 لک چورس ڪلو ميٽر ٿئي ٿو، پر اها اڳڀرائي انتهائي سست رفتار سان ٿي رهي آهي. ڪٿي 70 ميٽر روزانو ته ڪٿي رڳو 15 ميٽر، هر ميٽر جي قيمت انساني زندگين ۾ ادا ٿي رهي آهي. ان جنگ جا روس جي معيشت تي به اثر واضح آهن. 2025 ۾ معاشي واڌ رڳو 0.6 سيڪڙو رهي. صنعت ۾ گهٽتائي، مزدورن جي کوٽ ۽ وڌندڙ مهانگائي روس لاءِ چئلينج بڻجي چڪا آهن. ان باوجود ماسڪو جنگ جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪري رهيو آهي. يوڪرِين به مغربي امداد، جديد هٿيارن ۽ ڊرون ٽيڪنالاجي جي سهاري مزاحمت جاري رکيو پيو اچي. يوڪريني صدر ولادي مير زيلنسڪي بار بار اعلان ڪري چڪو آهي ته ملڪ پنهنجي علاقائي سالميت تان پوئتي نه هٽندو. ٻئي پاسي روس هن جنگ کي پنهنجي قومي سلامتي سان ڳنڍي پيش ڪري ٿو۔هي جنگ هاڻي صرف يوڪرِين ۽ روس تائين محدود ناهي رهي؛ هن عالمي سياست، توانائي مارڪيٽن، دفاعي خرچن ۽ بين الاقوامي اتحادين جي ترتيب تي به گهرو اثر وڌو آهي. يورپ دفاعي خرچ وڌايا آهن، نيٽو وڌيڪ متحرڪ ٿيو آهي ۽ عالمي طاقت جو توازن نئين سر ترتيب وٺي رهيو آهي. چئن سالن کانپوءِ به امن جو ڪو واضح رستو نظر نٿو اچي. ڳالهيون جاري آهن، پر موقف سخت آهن. جنگ جاري آهي، نقصان وڌي رهيو آهي ۽ دنيا هڪ اهڙي تڪرار کي ڏسي رهي آهي جنهن جو خاتمو اڃان غير يقيني آهي.