تاريخ ڪڏهن ڪڏهن اسان کي اهڙي موڙ تي آڻي بيهاريندي آهي، جتي هڪ غلط فيصلو صدين جي تباهيءَ جو سبب بڻجي ويندو آهي. گذريل ڪجهه ڏينهن کان جڏهن مان عالمي سياست جي بدلجندڙ لهرن جو مطالعو ڪري رهيو آهيان ته منهنجي ذهن ۾ رڳو هڪ ئي خيال گونجي رهيو آهي: ڇا هيءَ رت جي راند روڪي نه پئي سگهجي؟ هڪ سنڌ واسي جي حيثيت ۾، جنهن جي ڌرتيءَ صدين کان فاتحن جي يلغار ۽ امن جي آسيس ڏٺي آهي، مان سمجهان ٿو ته هيءَ جنگ رڳو بارود جو استعمال ناهي، پر هيءَ عقل ۽ تدبر جي شڪست آهي. اڄ جڏهن اسين ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا کي هن باهه ۾ سڙندي ڏسون ٿا ته اها حقيقت چٽي ٿي بيٺي آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل وٽ امن ۽ سياسي برتريءَ جا جيڪي موقعا جنگ کان اڳ موجود هئا، اهي هاڻي هميشه لاءِ مٽجي چڪا آهن. جنگ جي شروعات کان اڳ، آمريڪا ۽ اسرائيل تمام گهڻي مضبوط پوزيشن ۾ هئا. سفارتڪاريءَ جي ميز تي اهڙا امڪان موجود هئا، جن ذريعي هو پنهنجي سلامتيءَ جا مقصد بغير ڪنهن خونريزيءَ جي حاصل ڪري سگهيا پئي، پر افسوس جو سياسي انا ۽ (Shock and Awe) جهڙي فوجي حڪمت عملي جي جنون ۾ اچي، انهن ڳالهين ٻولين بدران جنگ کي ترجيح ڏني.
اڄ صورتحال اها آهي ته آمريڪا جن مقصدن لاءِ هيءَ جنگ شروع ڪئي هئي، اهي اڃان به پري نظر اچن ٿا. حقيقت ته اها آهي ته هاڻي آمريڪا خفيه طور تي چين ۽ روس کي منٿون ڪري رهيو آهي ته اهي وچ ۾ پئي کيس هن پيچيده ڌٻڻ مان ٻاهر نڪرڻ ۾ مدد ڪن. اها طاقت جيڪا ڪڏهن دنيا کي حڪم ڏيندي هئي، اڄ پاڻ هڪ اهڙي رستي جي ڳولها ۾ آهي جتان هوءَ پنهنجو وقار بچائي نڪري سگهي. ايران جي جنگي حڪمت عملي کي سمجهڻ لاءِ اسان کي قديم تاريخ جي ان پهلوان جو مثال ڏسڻو پوندو، جيڪو ميدان ۾ وڙهندي زخمي ته ٿيندو آهي، پر سندس هٿ ۾ تلوار وڌيڪ تيز ٿي ويندي آهي. ايران رڳو پنهنجو دفاع ناهي ڪيو، پر ان “جارحاڻي جوابي حملن” ذريعي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ايران وٽ اڄ اهڙا “هائپر سونيڪ ميزائيل” موجود آهن جن جي رفتار آواز جي رفتار کان 5 کان 20 ڀيرا وڌيڪ آهي. اهي ميزائيل “بيڊو” (BeiDou) سيٽلائيٽ نظام جي مدد سان ايتري تيزي ۽ درستگي سان وار ڪن ٿا جو دنيا جو ڪوبه دفاعي نظام انهن جو رستو روڪي نٿو سگهي. اطلاعن مطابق خليج ۾ موجود آمريڪي بحري اڏا هاڻي محفوظ ناهن رهيا ۽ سندن وڏا جنگي ٻيڙا نقصان پهچڻ سبب پويان هٽي چڪا آهن. ايران اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته دفاع رڳو ميزائيل روڪڻ جو نالو ناهي، پر دشمن کي پنهنجي ميزائلين ذريعي جوابي وار سان لرزائڻ جو نالو آهي. هتي اسان کي ان “پابندين جي تضاد” تي به غور ڪرڻو پوندو. تصور ڪريو ته جيڪڏهن آمريڪا گذريل چئن ڏهاڪن کان ايران تي اهي سخت معاشي پابنديون نه مڙهي ها ته اڄ صورتحال ڇا هجي ها؟ جيڪڏهن ايران جي معيشت کي ساهه کڻڻ جو موقعو ملي ها ته اتي هڪ وڏو تعليم يافته ۽ وچولي درجي جو طبقو پيدا ٿئي ها. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن عوام خوشحال هوندو آهي ته گھڻو ڪري هو انتهاپسنديءَ بدران اعتدال پسندي ۽ عالمي امن کي ترجيح ڏيندو آهي. آمريڪا جي پابندين ايراني معيشت کي تباهه ته ڪيو، پر ان سان گڏوگڏ ان طبقي کي به ختم ڪري ڇڏيو جيڪو اولهه سان بهتر لاڳاپن جو پل بڻجي سگهيو پئي. نتيجي طور ايراني سماج ۾ آمريڪا خلاف نفرت وڌيڪ گهري ٿي وئي، جيڪو ايران 2026ع تائين هڪ کليل ۽ ترقي يافته ملڪ بڻجي سگهيو پئي، اڄ ان کي رڳو هڪ جنگجو رياست جي روپ ۾ محدود ڪيو ويو آهي.
هن جنگ جا اثر رڳو بارود تائين محدود ناهن، پر عالمي معيشت هڪ اهڙي “برفاني ٽڪر” (Iceberg) سان ٽڪرائڻ واري آهي جنهن کي آمريڪي عوام اڃان محسوس نه پيو ڪري. آمريڪي مالياتي منڊين ۾ 10 سالن جي سرڪاري قرضن تي منافعي جي شرح Treasury Yields 4.4 سيڪڙو کان مٿي وڃڻ جو مطلب آهي ته معيشت انتهائي خطرناڪ موڙ تي آهي. تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب نه رڳو چين، پر هندستان، بنگلاديش ۽ پاڪستان جهڙا ملڪ به سخت متاثر ٿي رهيا آهن. اسان جي ملڪ ۾ تيل جي قيمت وڌڻ سان غريب جي ماني مهانگي ٿي وڃي ٿي. آمريڪا هن وقت ايترو مجبور ٿي چڪو آهي جو هو ايراني تيل جي ٽينڪرن کي لنگهڻ جي اجازت ڏئي رهيو آهي ته جيئن عالمي منڊي ٻڏڻ کان بچي سگهي. هيءَ اها معاشي لاچاري آهي جيڪا آمريڪا جي عالمي ساک کي روزاني بنيادن تي نقصان پهچائي رهي آهي. هن جنگ جو سڀ کان گهرو اثر ايران جي ايٽمي سوچ تي پيو آهي. ايران جي قيادت ۽ عوام هاڻي اهو محسوس ڪري رهيا آهن ته ايٽمي هٿيار ئي سندن بقا جو واحد رستو آهن.
هن جنگ ايران جي اندر موجود انهن آوازن کي خاموش ڪري ڇڏيو آهي جيڪي ايٽمي هٿيارن جي خلاف هئا. هاڻي اهو خطرو وڌي ويو آهي ته پورو علائقو ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويندو، جنهن کانپوءِ دنيا وڌيڪ غير محفوظ ٿي ويندي. هن سڄي صورتحال جو تجزيو ڪندي، مان چئي سگھان ٿو ته جنگ ڪڏهن به مسئلن جو حل ناهي هوندي. آمريڪا ۽ اسرائيل کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ها ته ايران کي رڳو طاقت سان دٻائي نٿو سگهجي. اڄ ايران کي جيڪي فائدا نقصانن سان گڏ هن جنگ ڏنا آهن، اهي هن کي سالن جي سفارتڪاريءَ سان به نه ملن ها. روس ۽ چين هن صورتحال مان پورو فائدو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته آمريڪا پنهنجي ساک ۽ دولت ٻنهي کي وڃائي رهيو آهي. تاريخ اسان کي سيکاري ٿي ته وڏيون سلطنتون پنهنجي طاقت جي غرور ۾ اچي اهي غلطيون ڪنديون آهن جيڪي سندن زوال جو سبب بڻبيون آهن. امن اڃان به ممڪن آهي، پر ان لاءِ ضروري آهي ته انا کي پاسي تي رکي، برابريءَ جي بنياد تي ڳالهين جي شروعات ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اها باهه نه وسائي وئي ته ان جي وڪڙ ۾ رڳو وچ اوڀر نه، پر پوري دنيا جي معيشت ۽ امن اچي ويندو.