جارج سانتايانا جو ھڪ قول آھي ته“اهو ٻار جيڪو صرف اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري ٿو، اھو حقيقت ۾ ھڪ اڻ پڙهيل ٻار آهي.” جارج سانتايانا جيڪو هسپانوي نسل جو آمريڪي فلسفي، شاعر ۽ جماليات جو ماهر هو، اھو تعليم جي باري ۾ انتهائي گهري سوچ رکندڙ مفڪر طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڪتاب The Life of Reason ۽ The Sense of Beauty ۾ هن عقل، تجربي ۽ تخليقي وجدان کي علم جو بنيادي سرچشمو قرار ڏنو آهي. سندس مٿيون قول رڳو هڪ جملو ناهي، پر جديد تعليمي نظام تي هڪ طاقتور سوال پڻ آهي ته ڇا اسڪول جي حدن ۾ رهندڙ تعليم واقعي مڪمل تعليم آهي؟ اسان جو موجوده تعليمي نظام گهڻو ڪري نصابي ڪتابن، امتحانن ۽ نمبرن جي چوڌاري ڦرندو رهي ٿو. ٻار کي شروع کان ئي اهو سيکاريو وڃي ٿو ته ڪاميابي جو مطلب سٺا نمبر حاصل ڪرڻ آهي. نتيجي طور ٻار رٽڻ واري مشين بڻجي وڃي ٿو، جيڪو معلومات ته گڏ ڪري ٿو، پر سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت کان محروم رهجي وڃي ٿو. جيئن مشهور فلسفي جان ڊيوي چيو آھي ته “تعليم زندگي جي تياري ناهي، پر تعليم پاڻ زندگي آهي.” ھاڻي جيڪڏهن تعليم پاڻ زندگي آهي ته پوءِ اها صرف ڪلاس روم تائين محدود ڇو هجي؟
حقيقت اها آهي ته اسڪول علم جا دروازا کوليندو آهي، پر ان دروازي مان اندر داخل ٿيڻ لاءِ شعور، تجسس ۽ ذاتي جاکوڙ جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن ٻار کي صرف ڪتابن تائين محدود رکيو وڃي ته هو دنيا جي حقيقي تجربن کان پري ٿي وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي جو ڪيترائي وڏا مفڪر، جهڙوڪ: ٿامس ايڊيسن، نيوٽن ۽ البرٽ آئن اسٽائن وغيره ھميشه روايتي تعليم تي تنقيد ڪندا رهيا. آئن اسٽائن جو چوڻ هو ته “تخيل علم کان وڌيڪ اهم آهي.” ڇاڪاڻ ته علم محدود آهي، جڏهن ته تخيل پوري ڪائنات کي گهيري ٿي. ادب به اسان کي اهو سيکاري ٿو ته زندگي جو علم صرف درسي ڪتابن مان حاصل نٿو ٿي سگهي. مثال طور: ليو ٽالسٽاءِ يا چارلس ڊڪنسن جي ناولن ۾ انساني فطرت، اخلاق ۽ سماجي سچايون اهڙي انداز ۾ پيش ڪيل آهن، جيڪي ڪنهن به درسي ڪتاب ۾ ناهن ملنديون. ساڳي طرح شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ زندگي، عشق، جدوجهد ۽ سچائي جا اهڙا سبق آهن، جيڪي انسان کي اندروني طور تي تبديل ڪن ٿا. اهي سڀ شيون اسڪولي نصاب کان ٻاهر آهن، پر اصل تعليم جو حصو آهن.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن روايتي تعليم ناڪافي آهي ته پوءِ ٻار لاءِ ٻيون ڪهڙيون سرگرميون اهم آهن؟ سڀ کان پهرين، مطالعو (Reading) پر اهو صرف درسي ڪتابن تائين محدود نه هجڻ گهرجي. ٻارن کي ڪهاڻيون، ناول، تاريخي ڪتاب ۽ سوانح عمريون پڙهڻ گهرجن. اهي ڪتاب سندن سوچ کي وسيع ڪن ٿا ۽ کين مختلف نظرين سان واقف ڪن ٿا. ٻيو، تجربو (Experience) ٻار کي زندگي جا حقيقي تجربا ڪرڻ گهرجن. سفر ڪرڻ، مختلف ماڻهن سان ملڻ، نون ماحولن کي ڏسڻ، اهي سڀ شيون ٻار جي شعور کي وڌائين ٿيون. جيئن مارڪ ٽوين چيو آھي ته سفر ڪيو ڇو ته “سفر تعصب، تنگ نظري ۽ جهالت جو دشمن آهي.” ٽيون تخليقي سرگرميونCreative Activities جهڙوڪ: لکڻ، ڊرائنگ، موسيقي ۽ ڊرامو اهي سرگرميون ٻار جي اندر لڪل صلاحيتن کي ظاهر ڪن ٿيون ۽ سندس تخليقي سوچ کي هٿي ڏين ٿيون. چوٿون، راند ۽ جسماني سرگرميون(Physical Activities) راند صرف تفريح ناهي، پر اها ٽيم ورڪ، صبر ۽ مقابلي جي جذبي کي به جنم ڏئي ٿي. ڇو ته هڪ صحتمند جسم، هڪ صحتمند ذهن جي ضمانت آهي. پنجون، سوال ڪرڻ ۽ تنقيدي سوچ Critical Thinking ٻار کي ھميشه سوال ڪرڻ جي آزادي هئڻ گهرجي. جيڪڏهن ٻار سوال نٿو ڪري ته هو سکڻ جي عمل ۾ سرگرم نه رھندو. بقول سقراط جي ته “سوال ڪرڻ علم جي شروعات آهي.” ڇهون، اخلاقي ۽ سماجي تربيت Moral development گهر ۽ معاشرو ٻار جي ڪردار جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. احترام، همدردي، ايمانداري ۽ ذميواري جهڙا قدر اسڪول کان وڌيڪ ٻار گهر ۽ معاشري مان وڌيڪ سکي ٿو. ڇو ته اسڪول ۾ جيڪڏهن ٻار چار پنج ڪلاڪ گذاري ٿو ته گھر ۾ ان کان وڌيڪ وقت رھي ٿو انهيءَ ڪري ٻار جي ڪردار کي بھتر بنائڻ ۾ والدين ۽ آسپاس جي ماحول جو سڀ کان وڌيڪ عمل دخل آھي. انهيءَ ڪري والدين جو ٻار کي اسڪول ۾ داخل ڪري ھر شيءِ کان بري الذمان ٿي ويھي رھڻ ھڪ غلط عمل ثابت ٿيندو.
سانتايانا جو مٿيون قول اسان کي اهو سيکاري ٿو ته تعليم جو مقصد صرف ڄاڻ حاصل ڪرڻ نه، پر هڪ مڪمل انسان بڻجڻ پڻ آهي. جيڪڏهن اسان ٻار کي صرف ڪتابن تائين محدود رکون ٿا ته اسان سندس اڌ شخصيت کي نظرانداز ڪريون ٿا. اڄ جي دور ۾ اھو ضروري آھي ته تعليم کي هڪ وسيع مفهوم ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جتي اسڪول، گهر، معاشرو ۽ ذاتي تجربا گڏجي هڪ مڪمل انسان جي تعمير ڪن. آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته اسڪولي تعليم بنياد ضرور آهي، پر شخصيت کي ٺاهڻ واري عمارت ان کان اڳتي ٺهندي آهي. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اسان جا ٻار صرف پڙهيل نه، پر با ادب، سمجهدار، تخليقي ۽ باشعور انسان بڻجن ته پوءِ اسان کي تعليم کي ڪتابن جي حدن کان آزاد ڪري، زندگي جي هر شعبي تائين ڦهلائڻو پوندو. ڇو ته حقيقي تعليم رڳو پڙهڻ ۾ ناهي، پر سمجهڻ، محسوس ڪرڻ ۽ جيئڻ ۾ آهي.