بلاگنئون

سنڌ ۾ سياسي انتقام کانپوءِ ڪابينا ۾ تبديليءَ جون ڳالهيون

ڪجهه ڏينهن اڳ صدر آصف علي زرداري سنڌ جي ڪابينا سان خصوصي ميٽنگ ڪري کين يقين ڏياريو ته ڪابه تبديلي نه پئي اچي ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي وزارت تي ڪم ڪري ۽ عوام جي خدمت ڪري پيپلزپارٽيءَ جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر کان بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪري. هرڪو خوش ٿي ويو، پر اڃان صدر زرداري مس اسلام آباد پهتو ته وري سياسي لاهن چاڙهن ۽ ردوبدل جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون آهن. ڇو ته هن وقت بلاول ڀٽو زرداري جو سائيڊ ٿيڻ ۽ آصف زرداريءَ جو عالمي اشوز تي اسلام آباد ۾ بيٺڪ باوجود سنڌ ۽ بلوچستان جا دورا ڪرڻ نهايت معنيٰ  خيز آهن. هن وقت هڪ ئي بحث زبان تي عام آهي ته ڇا ضياءُالحسن لنجار کان گھرو وزارت واپس وٺي، علي حسن زرداريءَ جي حوالي ڪئي پئي وڃي. هيءَ رڳو هڪ کاتي جي تبديلي ناهي، پر سنڌ جي سياسي بساط تي هڪ وڏي چال جي علامت ٿي سگهي ٿي. ضياءُ الحسن لنجار جنهن کي پيپلزپارٽي جي قيادت جو “ويجهو ساٿي” ۽ قانوني توڙي انتظامي معاملن جو ماهر سمجهيو ويندو آهي، هن وقت هڪ ڏکي پوزيشن تي بيٺل نظر اچي رهيو آهي. سندس وزارت واري ذميواريءَ تي ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن. وڪيل برادريءَ سميت ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ تائين يا شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي ڀڙڪيل باهه کيس ئي ساڙي رهي آهي. لغاري بجراڻي جي ڳوٺاڻن جي خون ۾ رڱيل گھرو وزير جا هٿ ۽ وري هڪ سال بعد بنا ڳالهين جي کين معاف ڪرڻ ۽ وري دريا خان مريءَ ۾ اين پي پي اڳواڻ غلام حيدر مريءَ جي پيٽرول پمپ ۽ دڪانن کي مسمار ڪرڻ پٺيان گهرو وزير جو هٿ هئڻ انتقامي ڪاررواين جو چٽو ثبوت آهي. هرڪو هن تي آڱريون کڻي رهيو آهي ته سنڌ ۾ جي ڊي اي(GDA)  اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ سندس خاندان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سياسي دٻاءُ وجهڻ جا الزام سامهون آيا آهن. مرتضيٰ جتوئي انهن ڪارروائين کي سياسي انتقام قرار ڏنو آهي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا پوليس آفيسرن کي بنا جواز جتوئي خاندان خلاف ڪارروائين تي ڇنڊ پڻ پٽي هئي، پر ان تي ڪوبه عمل نه ٿيو ۽ سياسي انتقامي ڪارروايون عروج تي رهيون. جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي موجب کيس ۽ خاندان کي جهڪائڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. 2025ع جي شروعات ۾ مرتضيٰ جتوئي خلاف نوان ڪيس سامهون آيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ جتوئي خاندان خلاف پوليس جي ڪارروائين تي ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو، پر هاڻي وري سندن حمايتن خلاف ٿيندڙ ڪارروايون جي ڊي اي کي منظم ڪري چڪيون آهن ۽ پيپلزپارٽي خاص طور تي ضياءَ لنجار خلاف نفرت پيدا ٿي رهي آهي. گذريل ڏينهن دريا خان مري واري جلسي ۾ پير پاڳاري جي پٽ راشد سائين زين شاهه حسنين مرزا سميت مرڪزي اڳواڻن ضياءَ لنجار خلاف تقريرون ڪري اهو واضح ڪيو ته هن ظلم جو ازالو ضرور ڪنداسين. پيپلزپارٽي جي تازي ڪارروائي هڪ ڀيرو ٻيهر پراڻي سياسي ۽ خانداني تڪرار کي سامهون آڻي ڇڏيو آهي. ڇو ته جتوئين جي حمايت يافته ۽ سندن پارٽيءَ جو مک اڳواڻ غلام حيدر مري پاران مرتضيٰ خان جتوئي جي دعوت ڪرڻ تي پوليس جي موجودگي ۾ حد دخلين جو جواز ڄاڻائي سندس پيٽرول پمپ، دڪان ۽ دڪانن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. هن واقعي کي مخالف ڌر سڌي ريت “انتقامي ڪارروائي” قرار ڏئي رهي آهي. جڏهن ته انتظاميه ان کي قانوني قدم ٻڌائي رهي آهي. هي واقعو دراصل زرداري ۽ جتوئي خاندان ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان هلندڙ تڪرار جو نتيجو آهي، جنهن ۾ خانداني رشتا، زمين جا معاملا، چونڊ سياست ۽ قبيلائي اثر سڀ گڏيل طور ڪم ڪري رهيا آهن. سندن جهيڙي جي شروعات خانداني رشتيداري يا سڱابندي تان ٿي. جيتوڻيڪ ان کان اڳ به ٻنهي خاندانن ۾ سياسي رقابت شروع کان رهندي پئي آئي آهي. جيئن ته صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ جو پرڻو جتوئي خاندان ۾ تيمور خان جتوئي سان ٿيو هو. تيمور خان جتوئي غلام مرتضيٰ خان جتوئي جي پڦي ۽ مامي جو پٽ آهي. هيءَ شادي ڪجهه عرصو هلڻ کانپوءِ ٽٽي وئي، جنهن کانپوءِ ٻنهي خاندانن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي. زمين جي ورهاست دوران تيمور خان جتوئي کي لڳ ڀڳ 2 هزار ايڪڙ زمين حصي جي ملي جنهن مان هڪ هزار ايڪڙ ڪچي ۽ هڪ هزار پڪي واري علائقي ۾ موجود آهي. مرتضيٰ جتوئي جو الزام آهي ته ان مان لڳ ڀڳ 800 ايڪڙ زمين تي “سرڪاري سرپرستي ۾ قبضا” ڪرايا ويا آهن. جڏهن ته زرداري خاندان اهڙن الزامن جي ترديد ڪندو رهيو آهي.

هن تڪرار جو ٻيو وڏو رخ چونڊ سياست سان جڙيل آهي. مرتضيٰ خان جتوئي جو چوڻ آهي ته 1988ع جي چونڊن ۾ هو انهن چند ماڻهن مان هو، جيڪي پاڪستان پيپلزپارٽي جي مقابلي ۾ ڪامياب ٿيا. 1990ع ۾ هن سڌي طرح آصف علي زرداري جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهي ۽  کيس شڪست ڏني. ان کانپوءِ ٻنهي ۾ سياسي ڇڪتاڻ وڌندي وئي. چونڊن دوران  مگسي ذات جي هڪ ووٽر جي قتل واري واقعي ۾ مرتضيٰ خان جتوئي، سندس ڀاءُ مسرور خان جتوئي ۽ ٻين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا داخل نه ٿي سگهي. 2024ع جي عام چونڊن دوران مورو جي هڪ پولنگ اسٽيشن تي جهيڙي دوران زرداري ذات جو هڪ شخص گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿيو جيڪو بعد ۾ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ان قتل جي ايف آءِ آر مرتضيٰ خان جتوئي ۽ سندس پٽ خلاف داخل ڪرائي وئي. مرتضيٰ خان جتوئي جو چوڻ آهي ته 2024ع جي چونڊن دوران هڪ زخمي ووٽر کي هٿ سان قتل ڪري سندس ۽ سندس پٽ خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرائي زرداري خاندان سياسي انتقام پاڙيو آهي. مرتضيٰ خان جتوئي جو چوڻ آهي ته پولنگ تي ٿيل جهيڙي دوران مٿن فائرنگ ڪئي وئي. جڏهن ته سندس پٽ ان وقت گاڏي جي اندر ويٺل هو. ٻئي طرف زرداري ڌر جو موقف آهي ته فائرنگ جتوئي ڌر ڪئي، جنهن سبب جاني نقصان ٿيو. جهيڙو وڌڻ کانپوءِ مرتضيٰ جتوئي خلاف موٽرسائيڪل ڦر، نقدي ڦر ۽ پلاٽ تي قبضي جا به ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا. هو 12 ڏينهن نارا جيل ۾ به رهيو، بعد ۾ ضمانت تي آزاد ٿيو. مرتضيٰ خان جتوئي جو چوڻ آهي ته 2014ع ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ هڪ قبيلي کي استعمال ڪندي ڪي ٽي جتوئي تي حملو ڪرايو ويو، جنهن جو مقصد زمين تي قبضو ڪرڻ هو. هي جهيڙو ٻه سال هليو ۽ ان دوران 22 جانيون ضايع ٿي ويون. بعد ۾ جرڳو ٿيو ۽ معاملو ٺهيو، پر پوءِ “شاهاڻي جتوئي تڪرار” ٻيهر اڀاريو ويو. جتوئي قبيلو سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب تائين پکڙيل آهي. هن قبيلي جو هڪ منظم سماجي ڍانچو آهي 2 وڏا چيف سردار، 3 خان، 8 مقدم ۽ 82 وڏيرا هن قبيلائي ڍانچي جو حصو آهن. قبيلائي اثر اڄ به سياسي فيصلي سازيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. جتوئي خاندان جو سياسي ڪردار نئون ناهي. مرتضيٰ جتوئي جو ڏاڏو امام بخش خان جتوئي 1920ع، 1924ع ۽ 1928ع ۾ ممبئي ڪائونسل جو ميمبر رهيو. 1937ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ به نمائندگي رهي. سندس والد غلام مصطفيٰ  خان جتوئي خود ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ وفاقي وزير ۽ سنڌ جو وڏو وزير رهيو ۽ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، بعد ۾ بينظير ڀٽو سان اختلافن بعد نيشنل پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو. 1988ع کان اڳ نگران وزيراعظم پڻ رهيو. 1988ع جي عام چونڊن ۾ مورو واري تڪ تان غلام مصطفيٰ خان جتوئي پيپلزپارٽي اميدوار جي مقابلي ۾ اليڪشن هارائي ويو هو، بعد ۾ پنجاب ۾ غلام مصطفيٰ کر پاران خالي ڪيل قومي اسيمبلي جي هڪ تڪ تان غلام مصطفيٰ کر جي حمايت سان هو  قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو هو. غلام مصطفيٰ جتوئي پرويز مشرف جي حڪومت خلاف هلندڙ سياسي جدوجهد ۾ محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ رهيو. مرتضيٰ خان جتوئي هڪ دفعو ٻيهر بحال ڪيل نيشنل پيپلزپارٽي جو سربراهه ۽ جي ڊي اي جو اڳواڻ آهي. هن تڪرار دوران غلام مرتضيٰ خان جتوئي جي گهرواري ۽ غلام مجتبيٰ خان جتوئي جي ڌيءَ نوين جتوئي پهريون ڀيرو سياسي ميدان تي ٻاهر نڪري آئي ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومت  خاص طور زرداري خاندان خلاف سخت پريس ڪانفرنسون پڻ ڪيون آهن. نوين جتوئي گهرو وزير ضياءُ لنجار تي پڻ سخت ۽ سنگين الزام لڳايا ۽ کيس خبردار ڪيو ته جيڪڏھن سياسي انتقامي ڪارروايون بند نه ٿيون ته هوءَ پاڻ ٻاهر روڊن تي نڪري سياسي احتجاج جي اڳواڻي ڪندي. جڏھن ته مرتضيٰ خان جتوئي جو ڀاءُ مسرور خان جتوئي، عاقب خان جتوئي ۽ ٻيا عدالتي محاذ تي سرگرم رهيا آهن. مرتضيٰ خان جتوئي پنهنجي گهرواري نوين جتوئي بابت چيو ته “هوءَ پنهنجي والد مجتبيٰ خان جتوئي وانگر بهادر آهي.”

مرتضيٰ خان جتوئي جو چوڻ آهي ته اڳ سنڌ ۾ سياسي اختلاف هوندا هئا، پر ذاتي دشمنيون نه ٿينديون هيون. اڄ سياست کي انتقام ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هو دعويٰ ڪري ٿو ته سنڌ جي “97 سيڪڙو سردارن” زرداري جي پيروي ڪئي، پر هن انڪار ڪيو ۽ اهائي سندس سزا بڻجي وئي آهي. مطلب ته جتوئي خاندان خلاف ڪارروائي رڳو هڪ انتظامي قدم نه، پر هڪ گهڻ پاسائين تڪرار جو حصو آهي، جنهن ۾ رشثتيداري جو ٽٽڻ،  زمين جا معاملا، چونڊ سياست، قبيلائي اثر ۽ حڪومتي ادارن جو ڪردار شامل آهي. هي تڪرار هاڻي رڳو ٻن خاندانن تائين محدود ناهي رهيو، پر سنڌ جي سياست، سماج ۽ روايتن بابت وڏا سوال اٿاري رهيو آهي ته ڇا سياسي اختلافن کي ذاتي دشمنين ۾ تبديل ٿيڻ کان روڪي سگهجي ٿو يا نه. جيڪڏهن ان جو جواب ها ۾ آهي ته پوءِ ضياءُ لنجار کي سرڪاري ڌر بڻجي ٻن خاندانن ۾ صلح وارو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. هن وقت سندس ڪردار مشڪوڪ ٿيڻ ڪري خود پيپلزپارٽي جي مرڪزي قيادت کانئس ناخوش نظر اچي ٿي ۽ سندس جاءِ تي علي حسن زرداريءَ کي اڳتي آندو پيو وڃي. کيس زرداري خاندان جو بااعتماد ميمبر هجڻ جي ناتي، سندس نالو گهرو وزير طور گردش ڪرڻ جو مطلب اهو ورتو پيو وڃي ته هاڻي پارٽي قيادت سنڌ جي امن امان ۽ انتظامي سيٽ اپ تي سڌي ۽ وڌيڪ مضبوط گرفت چاهي ٿي. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا هيءَ تبديلي رڳو چهري جي تبديلي هوندي؟ ڇا وزير تبديل ڪرڻ سان سنڌ جي امن امان وارا مسئلا حل ٿي ويندا؟ ڇا هيءَ تبديلي پارٽي جي اندروني گروهه بندي جو نتيجو آهي يا رڳو انتظامي بهتري لاءِ هڪ ڪوشش آهي؟ ڇا علي حسن زرداري کي آڻڻ سان پوليس ۽ انتظاميا کي ڪو نئون روح ملندو؟ انهن سڀني سوالن جو جواب سياست جو بادشاهه آصف زرداري ئي ڏئي سگهي ٿو، پر هن وقت پيپلزپارٽيءَ کي عوامي پارٽي بڻجڻ لاءِ نه رڳو “وزيرن جي بدلي” ڪرڻي پوندي، پر امن و امان جي بهتر صورتحال، ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن کان نجات، انتقامي ڪارروائين کان پاسيرو ٿي عوام جي ڀلي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.