ايڊيٽوريلنئون

وڌندڙ گرميءَ جي لهر: شهري تحفظ، ذميواري، لوڊشيڊنگ ۽ حڪومتي تياري جي ضرورت

پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هن وقت سخت گرميءَ جي لهر جا آثار نمايان ٿي رهيا آهن، جنهن نه رڳو روزمره زندگي کي متاثر ڪيو آهي، پر انساني صحت، پاڻي جي فراهمي ۽ شهري نظام لاءِ به سنجيده خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. پاڪستان موسميات کاتي (PMD) تازو خبردار ڪيو آهي ته ملڪ جي ڏاکڻين علائقن، خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهه حصن ۾ هلڪي کان وچولي درجي جي هيٽ ويو پيدا ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ڪراچي جهڙي سامونڊي شهر ۾ به گرميءَ جي شدت وڌي رهي آهي. تازو رپورٽن موجب شهر ۾ گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهتو، جڏهن ته هوا ۾ نمي سبب محسوس ٿيندڙ گرمي 40 ڊگري تائين رڪارڊ ڪئي وئي. اهڙي موسم ۾ انساني جسم کي ٿڌو رکڻ جي قدرتي صلاحيت متاثر ٿئي ٿي، جنهن ڪري ٿڪاوٽ، ساهه ۾ تڪليف ۽ بيهوشي جا خطرا وڌي وڃن ٿا.

هي صورتحال رڳو تڪليف جو سبب ناهي، پر صحت جي حوالي سان به انتهائي خطرناڪ آهي. ماهرن موجب گرمي وڌڻ سان پاڻي جي کوٽ (ڊي هائيڊريشن)، هيٽ ايگزاوشن، هيٽ اسٽروڪ، معدي جون بيماريون، چمڙي جا مسئلا ۽ دل جي مريضن لاءِ خطرا وڌي وڃن ٿا. خاص طور ٻار، بزرگ، حامله عورتون، روزانو مزدوري ڪندڙ ماڻهو ۽ ڪمزور مدافعتي نظام وارا شهري وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. تنهنڪري احتياط هاڻي اختيار نه، پر ناگزير ضرورت بڻجي چڪي آهي. شهري سطح تي ماڻهن کي گهرجي ته ڏينهن جي تيز گرمي، خاص طور منجهند 11 وڳي کان شام 4 وڳي تائين غير ضروري ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن. هلڪا ۽ ڍِلا ڪپڙا پائڻ، مٿي کي ڍڪڻ، سن اسڪرين جو استعمال ڪرڻ ۽ گهڻو پاڻي پيئڻ بنيادي حفاظتي قدم آهن. ٿڌا مشروبات بدران صاف پاڻي، لسي، ORS يا قدرتي مشروبات استعمال ڪرڻ وڌيڪ فائديمند آهي. ٻاهر وڪرو ٿيندڙ کاڌي کان به پرهيز ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته گرمي ۾ کاڌو جلدي خراب ٿي سگهي ٿو، پر موجوده گرميءَ جي لهر سان گڏ وڌندڙ لوڊشيڊنگ عوام جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ بجلي جي ڊگهن بندشن سبب گهرن، اسپتالن، ڪاروبارن ۽ پاڻي جي فراهمي وارو نظام به متاثر ٿي رهيو آهي. سخت گرميءَ ۾ پکا، ايئر ڪولر ۽ پاڻي جون موٽرون بند ٿيڻ ڪري شهري ذهني ۽ جسماني اذيت جو شڪار بڻجن ٿا. خاص طور ٻار، بزرگ ۽ بيمار ماڻهن لاءِ بجلي جي کوٽ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿي.

رڳو فردي احتياط ڪافي ناهي. حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن تي به وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي. شهرن ۾ صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ، غير اعلانيه لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ، بجلي جي طلب ۽ رسد ۾ توازن پيدا ڪرڻ، عوامي هنڌن تي ٿڌي پاڻي جا ڪيمپ لڳائڻ، اسپتالن ۾ هيٽ اسٽروڪ وارڊ قائم ڪرڻ ۽ ايمرجنسي عملي کي تيار رکڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ان سان گڏوگڏ، بجلي ورهائيندڙ ادارن کي گهرجي ته گرميءَ جي سخت ڏينهن ۾ اسپتالن، واٽر سپلائي اسڪيمن ۽ اهم عوامي خدمتن کي بنا رنڊڪ بجلي فراهم ڪن. ان سان گڏوگڏ، موثر عوامي آگاهي مهم به لازمي آهي. ٽي وي، ريڊيو، سوشل ميڊيا ۽ مسجدن جي اعلانن ذريعي ماڻهن تائين حفاظتي هدايتون پهچائڻ گهرجن، جيئن هر شهري گرميءَ جي خطرن، لوڊشيڊنگ دوران احتياط ۽ بچاءَ جي طريقن کان واقف ٿي سگهي. هڪ ٻيو اهم پاسو ماحولياتي تبديلي آهي، جيڪا اهڙين سخت گرميءَ جي لهرن جو وڏو سبب بڻجي رهي آهي. عالمي سطح تي وڌندڙ گرمي پد، مقامي سطح تي وڻن جي کوٽ، ڪنڪريٽ جي وڌندڙ اڏاوت، شهري پکيڙ ۽ آلودگي هن صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اڄ به وڻڪاري، پاڻي بچاءُ، ماحول دوست شهري منصوبابندي ۽ صاف توانائي ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو، ته مستقبل ۾ اهڙيون لهرون وڌيڪ شديد ٿي سگهن ٿيون. آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته موجوده گرميءَ جي لهر ۽ وڌندڙ لوڊشيڊنگ گڏجي هڪ سنجيده خبرداري آهن. هي رڳو ڪجهه ڏينهن جي تڪليف نه، پر شهري نظام، توانائي، صحت ۽ ماحول بابت وڏو اشارو آهي. شهري شعور، حڪومتي سنجيدگي ۽ موثر پاليسي گڏجي ئي هن چئلينج کي منهن ڏئي سگهن ٿا. جيڪڏهن اڄ اسان احتياط ۽ حڪمت عملي سان ڪم نه ڪيو، ته ايندڙ ڏينهن ۾ حالتون وڌيڪ سنگين ٿي سگهن ٿيون.