جڏهن پوريءَ دنيا تي جهالت، مايوسي ۽ ڪفر جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا ۽ انسان حرص، هٻڇ، لالچ، دشمني ۽ بي حسيءَ جي ڪُن ۾ ڪريل هو تڏهن ڌڻيءَ سڳوري کي مٿس گهڻي ڪهل آئي ۽ هن پنهنجي پياري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن کي شمس الضحيٰ، بدرالدّجيٰ، صدرالعليٰ ۽ نورالهديٰ، جهڙين ۽ ٻين انيڪ خوبين سان معمور ڪري موڪليو. غير مهذب ۽ ڪريل اخلاقي قوتن جي خاتمي لاءِ رحمت اللعالمين جن اخلاق جا علمبردار ٿي آيا. ڪائنات تخليق ڪرڻ کان اڳ ڪائنات جي خالق نور جي خزاني کي تخليق ڪيو ته جيئن هر شيءِ ۾ خالق جو مظهر نظر اچي. عاشقاڻي رسول جي عقيدي مطابق اهو نور جو سوجهرو ٻيو ڪجهه به ڪونهي فقط خدا جو نور “نور من نورالله” نبي نورِ مجسم محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن آهن، جن جو سوجهرو تارن ڪتين کي تائب ٿو ڪري ته سج ۽ چنڊ سندن جلوي اڳيان جهڪا آهن. جانب جو جمال سڀني کان سرس آهي. پاڻ روشن دليل يعني قرآن پاڪ کڻي آيا ۽ عرب جي اڻ سڌريل ۽ ضدي قوم کي پنهنجي اعليٰ اخلاقي وصفن سان پنهنجو ڪري ڇڏيائون. اهو احسان ڌڻيءَ سڳوري جو مڃيندي ڀٽ ڌڻي شڪر گذار آهي. سندن موجب ته ڌڻيءَ جا وڏا ڪرم آهن جنهن ههڙو هادي مهربان هن دنيا جي تاريڪين کي ختم ڪرڻ لاءِ عطا ڪيو.
شاهه جي رسالي ۾ ڪيترين جڳهين تي قرآني آيتن ۽ حديثن جي مثالن سان اهڙا اشارا موجود آهن. جن مان خبر پوي ٿي ته هُن فرضن، سنتن ۽ واجبن ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ته توبهه جي تسبيح پڙهڻ ۽ نفس کي مارڻ سان گڏ صوفين جون منزلون ڄاڻايون آهن. ايمان جي قُوت، شريعت ۾ ڪامل ٿيڻ، توبهه کي رسڻ، طريقت ۾ ڪامل ٿيڻ، زهد سان حقيقت حاصل ڪرڻ ۽ عبادتن سان معرفت جي مقام تي پهچڻ. اهي سڀ درجا تڏهن حاصل ٿيندا، جڏهن محمد مصطفيٰ صه جي سنتن جي تابعداري الله پاڪ جي حڪمن سان گڏ ڪبي. ڇو جو پاڻ جيڪي فرمايائون اهو ته خود ڌڻيءَ سڳوري فرمايو.
ترجمو: “۽ نڪي پنهنجي نفس جي سڌ (مرضيءَ) مان هو ڳالهائيندو آهي. اها ته فقط هڪ وحي آهي جا مٿس نازل ڪئي ويئي آهي.” (سورت النجم 27، رڪوع 1، آيت 3).
هو ته پنهنجي رب کي ايترو ته ويجهو هو جو سندن وچ ۾ ٻن ڪمانين جيترو فاصلو بچيو “فڪان قاب قوسين” اهڙي هاديءَ جي هدايت ئي ڇوٽڪارو آهي. ڀٽ ڌڻيءَ جي نظر ۾ آخرت ان جي آجي آهي، جنهن مٺي محمد صه جن کي ڪارڻي ۽ وسيلو ڄاڻي سندن ڏنل تعليم تي عمل ڪيو.
جن محمد مصطفيٰ صه کي دل جي گهراين سان مڃيو انهن سچن لاءِ ڪو سور ڪونهي، دنيا ۾ هر ماڻهو اهو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته هن دنيا جي حياتي وقتي آهي ۽ هڪ ڏينهن مقرر آهي، جنهن تي هر ڪنهن کي موت جو ذائقو ضرور چکڻو آهي ۽ هن حياتيءَ جو حساب ڪتاب پڻ هڪ مقرر ڏينهن “يوم الحساب” تي هر هڪ کي ڏيڻو آهي ۽ اتي شفيع المذنبين ۽ رحمت اللعالمين پنهنجي امت کي بخشائيندو مؤمنين تي الله جو اهو وڏو احسان ۽ ڪرم آهي جو کين ههڙي هاديءَ جي حمايت حاصل ٿيندي. ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته:
آسَرو آهي، مون کي هوتَ حبيبَ جو،
جان جان اوڏا ڪَرَها، پَهچان تان ڪاهي.
مون کي هوت حبيب جو.
شفاعَتَ جا شفيعَ جِي، تنهن ۾ ڦيرُ هَڏهِين ناهي،
مون کي هوتَ حبيبَ جو. (سر بلاول، وائي 2)
اهو به فرمايو اٿن ته “ڪاري سا قيام سنئين، هوت جنهن جو حامي”، سو تحقيق انهن جي لاءِ ڪاري قيامت به سهنجي آهي جن جا ساٿي رسول اڪرم جن آهن. شاهه لطيف کي پياري نبيءَ سان تمام گهڻي محبت هئي جو ذڪر رسالي ۾ جا بجا ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
سڄڻ سونهاري جي سَڄاين کي، ڀَلاين کي، شخصي سونهن کي، اخلاقي حسن کي بي انت ساراهيندي واضح ڪيو اٿن ته رب پاڪ مديني جي مير لاءِ مَلَڪَ ۽ ماڻهو خلقي، کين انهن جو مهندار ڪيو آهي، خود قرآن پاڪ ۾ ڪيترن هنڌن تي رسول پاڪ سان حُب رکڻ کي الله تعالي جو راضپو ڏسيو ويو آهي ۽ مٿن سلام ۽ درود پڙهڻ کي افضل ترين عمل ڄاڻائيندي فرمايل آهي، “بيشڪ الله ۽ ان جا ملائڪ درود ۽ سلام پڙهن ٿا، نبي صلواة سلام تي اي ايمان وارو توهين مٿن درود ۽ سلام موڪليو”.
پياري نَبيءَ سان محبت کانسواءِ ايمان مڪمل نٿو ٿئي جيڪي الله تعاليٰ سان محبت ڪن ٿا انهن تي فرض آهي ته محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي سنت تي هلن سندن پيروي ڪن ۽ اها تيستائين ٿي نه سگهندي جيستائين کين نبيءَ سان محبت نه هوندي. محبوب سان محبت جو رڳو دعويٰ ڪافي ناهي طالب جو انهيءَ لاءِ عملي ذوق هئڻ ضروري آهي. باقي فقط سکڻيءَ سَڌَ ڪرڻ سان محبوب جو مشاهدوملڻ محال آهي، شاهه صاحب فرمائي ٿو.
سڌين سِنَ نه هُون، نينهڻ نياپي نه ٿئي،
ڪاريءَ رات رَتَ ڦڙا، جان جان نيڻ نه رُون
محبت کي ئي ڪماليت حاصل آهي ۽ ان جي حاصلات جو ذريعو صحيح حيلو ۽ وسيلو آهي شاهه سائينءَ موجب ادبيت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ قربانيءَ جي وصف سان مالا مال ٿيڻ جي ضرورت آهي، “فنافي الرسول” جي سلوڪ جي مرتبي تي پهچڻ لاءِ ڪامل حُبَ ضروري آهي. پياري رسول جو ذڪر عبادت جي فضيلت رکي ٿو، جنهن سان نه فقط ڌڻي سڳورو خوش ٿئي ٿو. بلڪه ايمان جي مڪمليت ٿئي ٿي. مٿي ڄاڻايو اٿم ته پاڻ ڪريم جن جي ذات بابرڪت ۽ نورئي نور آهي، هدايت جو سرچشمو آهي، انسانيت جا اهي گڻ جن سان هيءَ دنيا روشن ٿئي سي فقط ۽ فقط قرآن پاڪ جي آيتن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ سان گڏ پياري نبيءَ جي سيرت جي مطالعي سان پرائي سگهجن ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪتاب “شاهه عبدالطيف ڀٽائي مقالا ۽ مضمون” جي صفحي 337 تي لکيو آهي ته، “حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن انسان ذات جي وحدت ۽ ڪاميابيءَ لاءِ سنئين راهه طرف رهنمائي ڪئي، جيڪي موحد انهيءَ سنئين راهه تي هليا سي وڌيڪ سڌا سَوِلا منزل مقصود تي پهتا ۽ اَوَ تڙ ڪنهن نه اوليا.”
شاهه طيف پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي پياري نبيءَ جي اعليٰ وصفن کي عقيدت ۽ احترام سان بيان ڪيو آهي.
سَهسِن سِجَن اُڀري، چوراسي چَنڊَن،
با الله، ري پريَن، سَڀ اونداهي ڀانئيان. ( سر کنڀات، 1-12)
هُو پياري نبيءَ کي پنهنجي اُمت جي لاءِ واهر ۽ وسيلو ڄاڻائي ٿو کيس چڱي پر خبر آهي ته اُمتين کي شفيع المذنبين مددگار ٿيندو. مديني جي مير جو ئي اسان عاصين کي آسرو رکڻو آهي، بي ڪا ڪنڌي سارڻي ناهي، هي اهو دَرُ آهي جتان ڪو سوالي خالي نه موٽيو آهي. جيڪي به اندر جون اميدون، آسِيون ۽ ارمان به آهن ته به هن دَرَ جي اميدوار جا سڏڙا سِگها ٿا ٻڌجن شرط آهي دِلي عقيدت محبت قائم رکڻ لاءِ سچو سائل ٿيڻ.
شاهه سائينءَ موجب ته، “مير محمد ڪارڻي هوت حبيب اڙين کي ڇُوٽائي، موڙهن کي مِلائي، لنگها لنگهائي، سڀ سندس وَسِ آهي، پڪو يقين ۽ سيد مُرسل جي سچي سِڪ گهرجي، مديني واري مالڪ جي مهر سان حضور قلب جو رشتو زيارت جي ذوق ۽ دِلي شوق سان درود پاڪ جي ذڪر سان ڳنڍڻو آهي.
هتي هِن دنيا ۾ ڪو به نه رهندو، جن کي بلند بادشاهيون هيون سي به ماڳ موچارا ڇڏي خدا جي حڪم سان موت جو ذائقو چکي روانا ٿيا. هاڻي ته فقط هاديءَ هدايت واري جو هٿ شال نصيب ٿئي اها تمنا ڪندي ڀٽ ڌڻي چوي ٿي ٿو ته: