عليبندر تي بيھي اتر نظر وجهبي ته اوڀر ڀٽون ۽ اولھه طرف سنئين سڌي زمين، جنهن کي لاڙ چئون. وري ڀٽن واري پاسي کي مهراڻو سڏيون. ان سنگم تان صديون اڳ هاڪڙو وهندو هو. ھاڪڙو ھڪ درياءَ جيڪو اروڙ لڳ سنڌو مان ڦاٽ کائي پنهنجو گس وٺي وڃي گجرات تائين دنگ ڪندو هو. جنهن جي ڪپ تي علي بندر شايد آخري بندر هوندو هو. پوءِ اڳيان عميق سمنڊ شروع ٿي ويندو هو. وري پويان جت هاڻ رڳو رڻ پٽ آهي، پر اتي ڪنهن زماني ۾ رحمڪي بازار پڻ ھئي، جيڪا هاڻ ايئن اجڙي آهي جيئن ڪنهن سهاڳڻ جو سهاڳ لٽجي وڃي.
هيءَ اها ئي رحمڪي بازار آهي جنهن لاءِ سنڌ جي محبوب شاعر حسن درس چيو هو:
رحمڪي بازار ۾ ماٺڪي بيٺي رھي،
ڪونج جهڙي ڪولهياڻي ڪا ڪڪي بيٺي رهي
علي بندر کان سر اولهه روپا ماڙي به هئي، دودو به هو، ٻاگهل به هئي، چنيسر به هو. ان روپا ماڙيءَ جي سر زمين تي رڻ گجيو، راڙو ٿيو. دودي ساھ ڏئي، ويساھ قائم ڪيو ته ٻاگهل پڻ ڌرتي دوز ٿي امرتا ماڻي. اڄ دودا ۽ ٻاگهل ته ڪونه آهن، پر چنيسر وڏي تعداد ۾ موجود آهن.
اچو ته ان هاڪڙي درياءَ جا پيرا کڻون، جيڪو لڳ ڀڳ ڇھه سئو ڪلو ميٽر جو سفر طئي ڪري ڪڇ ڀڄ ۾ داخل ٿيندو هو. اهو ڪٿي هاڪڙو، ڪٿي پراڻ، ڪٿي ڍورو ته ڪٿي وري نارو سڏبو هو.
لطيف سرڪار سر ڏھر ۾ ان هاڪڙي جو ذڪر ڪيو آهي، ان پراڻ ۽ ڍوري جو ذڪر ڪيو آهي، ان راجا جسوندر جو ذڪر ڪيو آهي.
“ڪنڊا تون ڪيڏو جڏهن ڀريو ڍور وهي،
جسوندر جيڏو تو ڪو گڏيو پهيڙو.”
“ڍاڳي ۽ ڍور ٻئي وهن ٻلهيار ۾”
اها ٻلهيار جيڪا وقت جي وهڪرن ۾ مٽجي ٻنهوار ڍنڍ سڏجي ٿي، جيڪا ڍوري ۽ پراڻ جي ميلاپ واري پوائنٽ تي موجود آهي، جيڪا راڪاسLBOD جي راڱي کان اڳ هڪ خوبصورت ڍنڍ هئي، جتي سائبيريا کان سفر ڪري ايندڙ نيرڳيون، آڙيون، ٿورانڊا ۽ چيکلا، اچي پنهنجا بسيرا ڪندا هئا. ان مهراڻي جي سوين ڍنڍن مان اها واحد ڍنڍ آهي جنهن کي راڪاس سم ناليءَ جي مشينن ڳڀا ڳڀا ڪري ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو.
ان هاڪڙي تي اڪيلو علي بندر ڪونه هو! پر ونگو پتڻ، ڄار پتڻ ۽ باغ پتڻ به هئا. جيڪي هاڻ ماضيءَ جا مزار بڻجي چڪا آهن، جن جا خاموش نشان، شهر خاموشان ۽ ٺڪريال تي پکڙيل اهڃاڻ آهن.
ان مهراڻي جي سنگم تي علي بندر کان وٺي سانگهڙ تائين، موجوده جيڪي شهر آهن، سو ڪلوئي، نئون ڪوٽ قلعو، نهٽو، نبي سر ٿر، عمرڪوٽ، ڍورو نارو، ڀٽن مٿان اڏيل آهن ته وري ٻئي پاسي کپرو ۽ سانگهڙ هاڪڙي جي اولهندي ڪپ تي اچي ٿا وڃن. سانگهڙ لڳ منڍ جمڙائو وٽان هاڪڙو نارا ڪئنال جي صورت ۾ ڀٽن جي پيٽ مان ور وڪڙ کائيندو، سکر بئراج مان وڃيو نڪري.
سنڌي ادب ۾ لاڙ ۽ ناري کي وڏي اهميت آهي. دهري ادل جي لاڙئون گهرايان، هر سهري ۾ اها سٽ شامل هوندي آهي. لاڙ مولوي حاجي احمد ملاح، ڊاڪٽر آڪاش انصاري، خليفو نبي بخش قاسم، منشي، سرويچ، جهڙا قدآور شاعر پيدا ڪيا ته وري مهراڻي عبدالقادر جوڻيجو، جمن دربدر، حليم باغي، حاجي ساند ۽ خليل ڪنڀر، بلاول اوٺو، جهڙا تخليقڪار جنميا. ناري لاءِ وري چوڻي مشهور (تون ڪهڙو ناري جو نواب آهين يا وري هيئن، هي ته ناري جو ڪو نواب آهي.) ڳالھه نوابن جي نڪتي ته نور محمد راهمون، ارباب امير حسن، ارباب رحيم، مظفر حسين شاھ، علي مردان شاھ، نواب يوسف ٽالپر، سردار شاھ، راڻا چندر سنگھه، راڻا همير سنگھه، پنهنجي پنهنجي دور جا قدآور انسان رهيا. مهراڻي جي ٻوليءَ جي لهجي کي پھريون ڀيرو عبدالقادر جوڻيجي مڃتا بخشي، انهن ئي گسن تي هلندي وري شاعريءَ ۾ حاجي ساند وڌيڪ رنگ ڀريا.
هن مهراڻي تي رڳو راجا جسوندر اڪيلو حاڪم ڪونه هو، پر لطيف جي سر ڏهر کيس امر ڪري ڇڏيو. نهٽي جي پٽن تي وري اُڍو ڪَهرُ ۽ هوٿل پريءَ جو قصو لوڪ ڳاهن ۾ موجود آهي. عمرڪوٽ کان اڳتي وري ڍنڍن جو اڻکٽ سلسلو ڪاڪائو کان شروع ٿي مُکيءَ تائين پهچي ٿو. جڏهن نارو جل ٿل ٿي وهندو هو، تڏهن اڇڙي ٿر جون اهي سوين ڍنڍون رات جي ستارن جيان اڇڙي ٿر ۾ پکڙجي وينديون هيون.
ڳالھه مکيءَ جي نڪتي ته ذهن جي ڪئنواس تي سورهيه بادشاهه وطن ۽ ڪفن جو نعرو هڻي نروار ٿي پيو! مکيءَ جي ٻيلن مان گوريلا انگريز سرڪار سان مهاڏو اٽڪائي بيٺا جنهن جو تفصيلي ذڪر سانگهڙ ناول ۾ پڙهي سگهجي ٿو. سورهيه بادشاهه سوليءَ تي چڙهي تاريخ جو هڪ الڳ باب رقم ڪري ويو.
سنڌ جو هي خطو يا پٽي ڪنهن محقق جي انتظار ۾ آهي ته هو اچي وک وک تي پوريل داستانن کي اُپٽي ته تاريخ جي ڪُک مان ڪيترائي ڪتاب سِرجي پون.