“پوءِ ڇا هيءُ بي همتو ۽ نڪمو ماڻهو اسان جي ٽولي ۾ رهڻ جي لائق آهي؟” سردار کانئن پڇيو ٻنهي زور سان چيو، “نه بلڪل نه!”
سردار اقبال ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو، “اقبال ٻڌ! تون چوري چڪاريءَ جي ڪم جو ڪونه آهين انهيءَ ڪري جيڏانهن وڻيئي منهن واءُ ڪري نڪري وڃ، ٻيهر هتي اچڻ جي ڪابه ضرورت ڪونهي، پر خبردار جيڪڏهن هتي جو پتو ڪنهن کي ٻڌايئي؟ ٻڌي ڇڏ اُهو ڏينهن پوءِ تنهنجي حياتيءَ جو آخري ڏينهن هوندو.” کانئس سندس ماءُ جو قسم کڻايائين جو کيس خبر هئي ته اقبال جي پنهنجي ماءُ تي تمام گهڻي دِل آهي، انهيءَ جو ذڪر ڪندي اڪثر روئي پوندو هو.
اقبال ساڻن واعدو ڪيو ته هُو ڪنهن کي به ڪجهه ڪونه ٻڌائيندو هُو هڪ گهايل پکيءَ جيان پنهنجي ماڳ کي ڇڏي اڻ ڄاتل منزل ڏانهن روانو ٿيو نه وٽس ڏوڪڙ هئا نه ئي رهڻ لاءِ ڪو ٺڪاڻو، پر الله توهار ڪري هِتان نڪري اچي شهر ۾ پهتو، هن ويران گهر مان اُجهاميل من سان نڪري به هُو خود کي ڪنهن حد تائين هلڪو ڦلڪو محسوس ڪري رهيو هو. شهر ۾ ڀاڄين جي منڊيءَ تائين پهتو جتي کوڙ سارا مزور ڀاڄين جا ٻورا ڪلهي تي رکي سوزوڪين، ٽانگن ۽ ڊاٽسنن ۾ رکي رهيا هئا. جتان اهي ڀاڄيون شهر جي مختلف هنڌن تي وڪري لاءِ پهچي رهيون هيون، هڪ دڪاندار جي دڪان جي چانئٺ وٽ بيهي کيس سلام ڪري پڇيائين ته “سائين! مون کي مزوري ملي سگهي ٿي؟”
دڪاندار ڪنهن به مزور کي ايترو فضيلت سان ڳالهائيندي ڪونه ڏٺو هو، هُو ڪپڙن لٽن ۾ به مزور ڪونه پئي لڳو، کيس مٿي کان پيرن تائين جاچي پڇيائين، “پهريون دفعو ڀاڄي منڊيءَ ۾ آيو آهين؟”
“جي سائين!”
“ٺيڪ، هي ڀاڄين جا ٻورا سامهون ٽانگي ۾ رک ۽ ٺيڪيدار جيڪو ڪم چويئي اهو ڪجانءِ” کيس ٺيڪيدار سان ملائي ڇڏيائين ان ريت هو ڀاڄين ۽ ميون جون ٻوريون ۽ ڪٽا کڻي هن دڪان جي گراهڪن جي رڪشائن ۽ سوزوڪين ۾ رکندو ويو. صحتمند ۽ چاق و چوبند هئڻ ڪري اقبال کي وزن کڻڻ ۾ ڪا به تڪليف ڪونه ٿي. هن ٿوريءَ ئي دير ۾ ٻن ڪلاڪن جيترو ڪم ڪيو، مالڪ ۽ ٺيڪدار ڏانهس ڌيان سان ڏسڻ لڳا ايئن ڪندي اچي منجهند ٿي کيس ماني کارايائون هن ڳالهين ۾ کين ٻڌايو ته هو پڙهيل لکيل آهي ۽ حق حلال جي روزي ڪمائڻ چاهي ٿو. دڪاندار چيس ته،
“ٺيڪ آهي! اڄ کان تنهنجو ڪم اسان وٽ پَڪو آهي، آئون مزور کي مزوري ڏيڻ ۾ ڪابه ڪنجوسي ڪونه ڪندو آهيان.” هُو خوش ٿيو، پر اهو به ٻڌايائين ته وٽس ڪو به رهڻ جو ٺڪاڻو ڪونهي، مالڪ کيس پنهنجي گودام ۾ رهڻ جي موڪل ڏيئي ڇڏي. ان ريت چند ئي ڪلاڪن ۾ کيس ڪم ۽ رهائش ملي وئي، هو به دِل لڳائي محنت سان ڪم ڪندو هو، مالڪ جو هاڻي مٿس مڪمل ڀروسو قائم ٿي ويو. هُن کيس چيو ته، “آئون پنهنجي ٻئي دڪان تي ويهندس هيءُ دڪان اڄ کان تون سنڀال”، ان ريت هن کي هتي ڪم ڪندي ڪافي سال گذري ويا، پنهنجي محنت ۽ ايمانداريءَ سان سٺي ساک قائم ڪري ورتي ڪافي پئسا جوڙي هڪ گهر پڻ ورتائين ته پنهنجو دڪان به الڳ ٺاهي، شادي ڪري عزت ۽ آبروءَ جي زندگي گذارڻ لڳو. چورن جي سردار سان ڪيل واعدو پاڙيائين، ڪنهن سان به انهن بابت ڳالهه ڪونه ڪيائين.
هڪ رات جو هُن جي اک کُلي وئي، هن پنهنجي ڪمري ۾ ٿورو پري هڪ پاڇي کي چرپر ڪندي ڏٺو ۽ کيس سڃاڻي پنهنجي پلنگ تي اٿي ويهي رهيو، “بيهي رهو!” چئي هُو انهيءَ چور جي ويجهو ويو پنهنجي زال جا زيور الماريءَ مان کڻي چور کي آڻي ڏنائين اهو پاڇو سُڪ ٿي هڪ هنڌ بيٺو هو. جڏهن هن زيور ڏنا تڏهن چيائين، “سردار! اهي زيور کڻي وڃ تون انهن لاءِ ئي آيو آهين؟”
“تون؟”
“جي ها! آئون اقبال، مون کي سڃاتئي سردار؟”
“تون اقبال آهين؟” سردار چيو.
“ڇا، سردار مون کي ايترو به تجربو ڪونه ٿيو هو جو آئون چور جي پيرن جو کڙڪو نه سڃاڻان؟ منهنجي گهر ۾ فقط اهائي قيمتي شيءِ آهي اهي زيور آئون توکي ڏيئي رهيو آهيان، پر هڪڙي سوال جو جواب مون کي ضرور ڏي جڏهن آئون رات جو ڪجهه ڪونه کڻي آيو هئس ۽ تو مون کي بي عزت ڪري ڪڍي ڇڏيو هو ۽ تون هزارون کڻي آيو هئين ۽ اڄ آئون بنا چوريون ڪرڻ جي پڻ خوشحال آهيان ۽ تون اڄ به چوري ڪري زنده آهين ۽ منهنجو محتاج ٿي آيو آهين ڇو؟”
سردار تي ڄڻ ڇپ ڪري، ڏاڍپ جي ڏاڍاڻ ڄڻ کَنَ پل ۾ اڏامي. منهن هيڊو ٿي ويس اقبال جي زال کڙڪي تي جاڳي پئي ۽ اچي اتي پهتي مڙس جي هٿ ۾ ئي پنهنجا زيور ڏسي هن سک جو ساهه کنيو. سردار جي وجود ۾ وڍ پوڻ لڳا، هو دلي طور هاڻي انهيءَ چوريءَ واريءَ ڪرت کان ڪَڪِ ٿي پيو هو، هڪ لفظ به نه ڳالهايائين، ماٺ ڪري اقبال جي گهران نڪري ويو.
اقبال ٻئي ڏينهن ڀاڄي منڊيءَ ۾ ويٺو هو ته کيس ڪنن ۾ آواز آيو. “مزور کي ڪم ملي سگهندو!!” هن مڙي پويان ڏٺو ته سردار جو آواز هو اُتي وڃي ساڻس مليو، “سردار توهين هتي؟” “ها بلڪل! آئون هاڻي سردار نه هڪ مزور آهيان، هو سامهون تنهنجا ٻيا ساٿي پڻ بيٺا آهن اسين سڀ حق حلال جي روزي ڪمائڻ ٿا چاهيون هن نامراديءَ واريءَ حياتيءَ مان تنگ ٿي پيا آهيون.” اقبال سڀني کي واري واري سان ڀاڪرن ۾ ڀريو ۽ کين اُتي ئي ڪم سان لڳايو اهي سڀ هاڻي نيڪ ناميءَ جي زندگي گذارڻ لڳا.