ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: خوابن جو قتل

اڄوڪو ڏينھن سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ تمام گهڻن يادگار، حسين لمحن ۽ احساسن سان ڀريل قيمتي پلن ۽ پھرن کي سميٽي رهيو هو. ان ڪري جو اڄ سانول وارن جو يونيورسٽي ۾ آخري ڏينھن هو ۽ هنن جو يونيورسٽي ۾ چار سالن جو سفر اڄ پنهنجي پڄاڻي کي پهچي رهيو هو ۽ سڀ ان ڏينهن کي هميشه لاءِ يادگار بڻائي رهيا هئا، بھتر مستقبل جا حسين خواب کڻي ايندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اڄ جو ڏينهن ڪنھن عيد جهڙي تهوار کان گهٽ ڪو نه هو، هرهڪ جي مرڪ ۽ خوشي ڏسڻ وٽان هئي. ايترن سالن جي محنت ۽ جفاڪشي ڪرڻ کانپوءِ اهي پنھنجي پنھنجي پيشه وراڻي زندگيءَ ڏانھن قدم وڌائي رهيا هئا. سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين جي چھرن تي مرڪون، خوشيون ۽ انيڪ خواب نظر اچي رهيا هئا ته ڪن جي چهرن مان اداسي، غم، ڏک ۽ وڇوڙي جا احساس ڇلڪي رهيا هئا. هرهڪ پنھنجي دوستن سان رلي ملي پنھنجي چئن سالن جي سفر کي سميٽڻ ۾ رڌل نظر اچي رهيو هو، ڪن جي هٿن ۾ ڊائريون هيون جيڪي پنھنجي دوستن ۽ استادن کان پنھنجي باري ۾ تاثرات قلمبند ڪرائي رهيا هئا ته ڪي وري پنھنجي خاص آخري ڏينھن جي نسبت سان پهريل شرٽ تي تاثرات، ڪمينٽس ۽ آٽو گراف وٺي رهيا هئا ته ڪي وري فوٽو سيشن ۾ مشغول هئا ۽ هر طرف رنگ ئي رنگ جرڪي رهيا هئا. مطلب ته اڄ سانول سميت سڀ شاگرد ۽ شاگردياڻيون هوليءَ نما رنگن ۾ رنگجي رهيا هئا. سانول به اڄ تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيو هو ۽ سندس چهري تي به بي انتها مرڪون وکري رهيون ھيون.

بهرحال سڀني سرگرمين کان آجا ٿي هرهڪ موڪلائيندي پنھنجي پنھنجي سفر ڏانھن راهي ٿي رهيو هو. سانول به ڪئمپس کان سڌو هاسٽل طرف آيو، جتي سندس روم ميٽ هاشم ھن جو انتظار ڪري رهيو هو. هاشم جيڪو کانئس جونيئر ته هو مگر سانول جي تمام قريبي دوستن مان هڪ هو، هاشم به اڄ جيترو ڏکارو هو ته ويتر ايترو وري شديد غصي جي علامت به سندس چهري مان صاف نظر اچي رهي هئي، ڏک ان ڳالھه جو هئس جو سندس دوست سانول کانئس هميشه لاءِ موڪلائي واپس پنھنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو. سالن جا دوست ڪجھه ئي لمحن ۾ هڪٻئي کان جدا ٿي رهيا هئا، مگر هاشم کي غصو ان ڳالھه تي تمام گهڻو اچي رهيو هو جو سانول جيڪو ڪيترائي حسين خواب ۽ احساس کڻي پنھنجي ڳوٺ مان يونيورسٽي پڙھائي لاءِ نڪتو هو، سندس والدين جيڪي تمام معزز ۽ مسڪين طبقي سان وابسته هئا، کين پنھنجي ڳوٺ ۾ ڪجھه زمين ٽڪرو هو، جنھن تي سانول جو والد هارپو ڪري پيٽ گذر ۽ سانول جي پڙهائي جو خرچ برداشت ڪندو هو ۽ سانول سندن اڪيلو اولاد هو. سندس والدين جي تمام گهڻي خواهش هئي ته اهي سانول کي تمام سٺي، اعليٰ ۽ معياري تعليم سان نوازين ته جيئن سندس مستقبل سنورجي سگهي ۽ ڪنھن سٺي اعليٰ مقام تي پهچي ۽ سندن پڇاڙيءَ جو سهارو بڻجي. سانول به تمام ذهين ۽ مثبت موٽ ڏيڻ وارن منجھان هو، مگر قسمت کي شايد ڪجھه ٻيو ئي منظور هو.

جيئن ئي سانول ڪئمپس پهچي هاسٽل تي رهڻ لڳو هو ته سندس رهڻي ڪهڻي ۽ مزاج ۾ ڪافي بدلاءُ اچڻ لڳو هو. ھتان جي آزادي سندس رويي ۾ ڪافي بگاڙ پيدا ڪرڻ لڳي هئي، جتي سندس والدين جيڪي خواب اڏي هن کي سٺي تعليم سان نوازڻ لاءِ هيڏانھن ڏورانھين علائقي ڏانھن موڪليو هو ته اتي وري سانول سندن اميدن تي پاڻي ڦيرڻ لڳو هو، سٺيون سٺيون ڳالهيون ۽ اوچي اڏام تي اڏامڻ جون ڳالهيون ڪرڻ وارو نوجوان اوباش سنگت ۾ جڪڙجي پنھنجي ۽ پنھنجي والدين جي خوابن کي مسمار ڪرڻ لڳو هو. بري سنگت جو اثر سانول جي زندگيءَ تي تمام گهرو پئجي چڪو هو، غير ذميواري ۽ غير سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪندي هُو اهڙي رستي تي ايترو ته اڳتي نڪري چڪو هو جو سندس ان رستي تان واپسي ناممڪن هئي، رات جو دير سان روم تي واپس اچڻ ۽ ڪئمپس ڏانھن صرف ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ وڃڻ، سندس امتحاني نتيجن ۾ مسلسل غير يقيني نتيجا ملڻ ۽ پڙهائي ۾ مسلسل غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ هن جو معمول بڻجي چڪو هو. پهريون سال ته هن برن ۽ عياش دوستن سان گذاريندي پورو ڪيو، پر ٻئي سال ۾ هن جو روم پارٽنر اتفاق سان هاشم بڻجي ويو، هاشم هڪ سٺي گهراڻي سان تعلق رکندڙ هڪ محنتي ۽ سنجيده نوجوان هو، جيڪو اتفاق سان نئين سيشن ۾ سانول جو روم ميٽ بڻيو. وقت گذرندو ويو، پر سانول ۾ سڌارو ناممڪن هو. هاشم جي صحبت ۽ دوستي به سندس ان رويي تي ڪو خاص اثر نه ڇڏي سگهي. هاشم وقت بوقت کيس تنبيهه ڪندي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر هاشم جي سانول اڳيان هڪ به نه هلندي ھئي. اهڙي طرح وقت گذرندو رهيو، سانول ڪڏهن ڪهڙن دوستن سان ته ڪڏھن ڪهڙن دوستن سان پيو وقت گذاريندو رهيو. فون ذريعي يا موڪلن دوران ڳوٺ وڃي پنھنجي والدين کي انيڪ خواب ڏيکاري سندن اڳيان پنھنجو اعتماد بحال رکندو پئي آيو.

آخرڪار اهو طويل سفر اڄ پنھنجي اختتام کي پهچڻ لڳو هو ۽ سانول ڳوٺ وڃڻ کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪيتريون ئي ترغيبون ۽ سانباھا  ڪرڻ لڳو ھو،  پر هاشم اڄ کيس آئينو ڏيکاريندي تمام گهڻو شرمسار ڪري رهيو هو ۽ بار بار کيس اها ڳالھه سمجھائي سندس ضمير کي جاڳائي رهيو هو ته تو پنھنجي والدين سان ويساھه گهاتي ڪري پنھنجي ۽ انھن جي خوابن جو قتل ڪيو آھي. تنھنجا والدين توتي انڌو اعتماد ڪندي تنھنجي هر قدم تي مدد ڪندي هم راهه بڻيا، پر تون نافرمان، مغرور ۽ حڪم عدولي ڪندڙ اولاد ثابت ٿيو آھين. اڄ تنھنجا والدين تنھنجو يونيورسٽي کان پاس آئوٽ ٿيڻ ۽ ڪامياب فرد جي حيثيت سان واپس گهر موٽي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هوندا، مگر تون ڊگري جي نالي سان ڪورو ڪاغذ کڻي وڃي رهيو آهين. ڳوٺ وڃي پنھنجي والدين سان ڪيئن اکيون اکين ۾ ملائي کين ٻڌائيندي ته سندن پٽ ساڻن ويساھه گهاتي ڪندي سندن خوابن کي چڪنا چور ڪري ڇڏيو. تنھنجن والدين پنھنجي زندگيءَ جون سموريون  خوشيون تنھنجي خوشين خاطر ترڪ ڪري ڇڏيون، انھن پنھنجي پيٽ تي پٿر ٻڌي به توکي تعليم جهڙي عظيم زيور سان سنوارڻ پئي چاهيو، پر تون شايد بدقسمت پٽ آھين جيڪو پنهنجي والدين  ۽ تعليم جو قدر نه ڪري سگهيو. هاشم جا اڄ اهي لفظ تير ۽ تيز تلوار کان به وڌيڪ تکا بڻجي سانول جي دل ۽ دماغ ۾ چڀي رهيا هئا ۽ اڄ کيس واقعي احساس ٿي رهيو هو ته هو حقيقت ۾ پنھنجي والدين جي اڏيل خوابن جو سفاڪ قاتل آھي، کيس محسوس ٿي رهيو هو ته هن پنھنجي زندگيءَ جا هي حسين ۽ قيمتي چند سال غلط راھه تي ڀٽڪي وڃائي ڇڏيا. کيس نالي ماتر ڊگري ته ملي رهي هئي، پر ان جي قيمت سندس اڳيان هڪ ڪوري ڪاغذ جھڙي ئي بچي هئي. اڄ هو تمام گهڻو پڇتائي هاشم آڏو بيوسي جا ڳوڙھا ڳاڙي رهيو هو، پر افسوس جو هو پنھنجي گذريل وقت کي واپس پنھنجي مٺ ۾ آڻڻ کان قاصر هو.

***