اڄوڪو ڏينھن سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ تمام گهڻن يادگار، حسين لمحن ۽ احساسن سان ڀريل قيمتي پلن ۽ پھرن کي سميٽي رهيو هو. ان ڪري جو اڄ سانول وارن جو يونيورسٽي ۾ آخري ڏينھن هو ۽ هنن جو يونيورسٽي ۾ چار سالن جو سفر اڄ پنهنجي پڄاڻي کي پهچي رهيو هو ۽ سڀ ان ڏينهن کي هميشه لاءِ يادگار بڻائي رهيا هئا، بھتر مستقبل جا حسين خواب کڻي ايندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اڄ جو ڏينهن ڪنھن عيد جهڙي تهوار کان گهٽ ڪو نه هو، هرهڪ جي مرڪ ۽ خوشي ڏسڻ وٽان هئي. ايترن سالن جي محنت ۽ جفاڪشي ڪرڻ کانپوءِ اهي پنھنجي پنھنجي پيشه وراڻي زندگيءَ ڏانھن قدم وڌائي رهيا هئا. سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين جي چھرن تي مرڪون، خوشيون ۽ انيڪ خواب نظر اچي رهيا هئا ته ڪن جي چهرن مان اداسي، غم، ڏک ۽ وڇوڙي جا احساس ڇلڪي رهيا هئا. هرهڪ پنھنجي دوستن سان رلي ملي پنھنجي چئن سالن جي سفر کي سميٽڻ ۾ رڌل نظر اچي رهيو هو، ڪن جي هٿن ۾ ڊائريون هيون جيڪي پنھنجي دوستن ۽ استادن کان پنھنجي باري ۾ تاثرات قلمبند ڪرائي رهيا هئا ته ڪي وري پنھنجي خاص آخري ڏينھن جي نسبت سان پهريل شرٽ تي تاثرات، ڪمينٽس ۽ آٽو گراف وٺي رهيا هئا ته ڪي وري فوٽو سيشن ۾ مشغول هئا ۽ هر طرف رنگ ئي رنگ جرڪي رهيا هئا. مطلب ته اڄ سانول سميت سڀ شاگرد ۽ شاگردياڻيون هوليءَ نما رنگن ۾ رنگجي رهيا هئا. سانول به اڄ تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيو هو ۽ سندس چهري تي به بي انتها مرڪون وکري رهيون ھيون.