بلاگنئون

اعتبار جو بحران: جڏهن مشورا خاموشيءَ ۾ بدلجي ويا

اڄوڪي دور ۾ جتي اسين ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي پوري دنيا سان ڳنڍيل نظر اچون ٿا، اتي ئي انساني روح جي سڀ کان وڏي تڪليف اڪيلائي بڻجي سامهون آئي آهي. هيءَ اڪيلائي رڳو ماڻهن جي کوٽ ناهي، پر هي هڪ اهڙي ذهني ۽ وجودي ڪيفيت آهي جنهن جا ڪيترائي گهرا سبب اسان جي پنهنجي معاشرتي روشين ۾ لڪل آهن. هيءَ اها ڪيفيت آهي جتي انسان ماڻهن جي وچ ۾ هجڻ جي باوجود پاڻ کي ڌار يا اڪيلو محسوس ڪندو آهي. جڏهن فرد جي سماجي ضرورتن ۽ موجود لاڳاپن جي وچ ۾ هڪ وڏو خال اچي وڃي. ​نفسياتي طور اڪيلائي جا ٻه بنيادي رخ آهن: هڪ آهي مثبت اڪيلائي (Solitude) جنهن ۾ انسان پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي پاڻ سان ملي ٿو، تخليق ڪري ٿو ۽ سوچن کي ترتيب ڏئي ٿو. ٻيو رخ آهي منفي اڪيلائي (Loneliness). هيءَ اڪيلائي ٻوسٽ ۽ مايوسيءَ کي جنم ڏئي ٿي. ان ۾ انسان کي لڳندو آهي ته ڪو به کيس سمجهڻ وارو ناهي. نفسياتدان چون ٿا ته هي درد جسماني زخم جيان هوندو آهي جيڪو انسان جي مدافعتي نظام کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي. ان جو بنياد اڪثر خوف، احساسِ ڪمتري يا لاشعوري صدمي تي هوندو آهي، جيڪا هڪ دردناڪ ڪيفيت آهي. اها تڏهن جنم وٺندي آهي جڏهن انسان هجوم ۾ هجڻ جي باوجود پاڻ کي ٻين کان ڌار ۽ بيگانو محسوس ڪري ٿو. اڄوڪو انسان انهي ٻوسٽ ۽ بيگانگي جو شڪار آهي.

معاشري جي روين تي نظر وجهڻ سان اها حقيقت سامهون آئي آهي ته انا(Ego)  انسان کي پنهنجي ئي ذات جي قيد ۾ وجهي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن انا حد کان وڌي وڃي ٿي ته اها ٻين جي مشوري، همدردي ۽ محبت جي رستن کي بند ڪري ڇڏي ٿي. اناپرست ماڻهو مدد گهرڻ کي پنهنجي توهين سمجهي ٿو، جنهن ڪري هو هر مسئلي کي اڪيلي سر حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ذهني طور ٿڪجي پوي ٿو. اها انا ئي آهي جيڪا پيءُ ۽ پٽ، دوست ۽ دوست جي وچ ۾ ديوار بڻجي بيٺي آهي. نفسيات موجب، اڪيلائيءَ جو علاج ماڻهن جو ميڙ ناهي، پر معنيٰ خيز لاڳاپا ۽ پاڻ سان محبت آهي. نفسيات موجب اڪيلائيءَ جو تعلق ماڻهن جي ڳڻپ(Quantity) سان ناهي، پر لاڳاپن جي گهراڻي (Quality) سان آهي. جيڪڏهن توهان جي آسپاس اهڙا ماڻهو آهن جن سان توهان پنهنجا اصل خيال، ڏک يا خواب ونڊي نٿا سگهو ته توهان جو لاشعور کين ڌاريو ئي تصور ڪندو. جڏهن گفتگو رڳو مٿاڇري (Surface level) تي، جهڙوڪ: موسم يا ڪم ڪار تائين محدود هجي ته روح اڪيلائي محسوس ڪندو آهي. اڪثر سماجي گڏجاڻين ۾ اسان کي هڪ خاص ماسڪ پائڻو پوندو آهي ته جيئن اسان معاشري جي معيارن تي پورو لهي سگهون. جڏهن توهان کي محسوس ٿئي ته جيڪو مان اصل ۾ آهيان، اهو انهن ماڻهن کي قبول ناهي ته توهان پنهنجي اندر ئي پاڻ کي قيد ڪري وٺندا آهيو. اهڙو رويو اصل ۾ خودي  (Self) ۽ سماجي ڪردار جي وچ ۾ تضاد بڻجي اڪيلائي پيدا ڪندو آهي. ​هي اها اڪيلائي آهي، جنهن جو ذڪر وجودي فلسفينExistential Loneliness  جي نالي سان ڪيو آهي. هي تڏهن محسوس ٿيندي آهي، جڏهن انسان پنهنجي انفراديت کي شدت سان محسوس ڪري ٿو. ​اهو احساس ته “منهنجو ڏک صرف منهنجو ئي آهي ۽ ڪوبه ان کي ائين محسوس نٿو ڪري سگهي جيئن مان ڪريان ٿو.” اهوئي احساس انسان کي لکين ماڻهن جي ميڙ ۾ به اڪيلو ڪري ڇڏيندو آهي.

فڪر جي ڳالھه آهي ته هن ڊجيٽل دور ۾ اسان وٽ سوين فرينڊز ۽ فالوئرز ته آهن، پر اهي صرف انگن اکرن جو ميڙ آهن. ڇاڪاڻ ته ​نفسيات جي فلسفي مطابق، انسان کي زندهه رهڻ لاءِ جذباني گرمجوشي (Physical presence and eye contact) جي ضرورت هوندي آهي. ​اسڪرين ذريعي ٿيندڙ رابطو رڳو معلومات جي ڏي وٺ آهي، ان ۾ اهو احساس نه هوندو آهي، جيڪو ڪنهن سان گڏ ويهي چانھه پيئڻ يا اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ ۾ ملندو آهي. ڇاڪاڻ ته نفسيات جي علم ثابت ڪيو آهي ته انساني لمس(Human touch)  ۽ روبرو گفتگو جو ڪوبه نعم البدل ناهي. هن ڊجيٽل دور اسان کان اسان جو مرڪزي ڌيان کسي ورتو آهي. جڏهن اسان دوستن يا گهر وارن سان گڏ ويهون ٿا ته اسان جو اڌ ڌيان موبائيل فون ۾ هوندو آهي. ان کي نفسيات ۾ Phubbing (فون ذريعي نظرانداز ڪرڻ) چيو ويندو آهي. جڏهن اسان جسماني طور موجود هوندي به ذهني طور موجود ناهيون هوندا ته اها سڀ کان وڏي اڪيلائي پيدا ڪندي آهي. اسان جي اڪيلائي جو سبب اهو پڻ آهي ته اسان سوشل ميڊيا جي شخصيتن يا انفلوئنسرز کي ائين ٿا ڄاڻون ته جيئن اهي اسان جا دوست هجن، پر حقيقت ۾ هو اسان کي نٿا سڃاڻن. ​هي هڪ طرفو تعلق اسان جي وقت ۽ جذبات کي ته استعمال ڪري ٿو، پر اسان کي واپس ڪجهه ڏئي نٿو، جنهن ڪري اسان جو لاشعور اڃان وڌيڪ اڪيلو ٿيندو ٿو وڃي. پراڻي زماني ۾ اڪيلائيءَ جو مطلب هو “ڪوبه موجود ناهي”، ​اڄوڪي اڪيلائيءَ جو مطلب آهي “سڀ موجود آهن، پر ڪوبه گڏ ناهي.” اسان جي سماج ۾ مقابلي جي نفسيات (Comparison Culture)  احساسِ ڪمتريءَ کي جنم ڏئي رهي آهي.

​والدين جو ٻارن کي ٻين سان ڀيٽڻ: اسان جو اسڪولن وارو نظام درجن (Grades)  پوزيشن تي ٻڌل آهي. جڏهن هڪ ٻار کي ٻڌايو وڃي ٿو ته تون صرف تڏهن بهتر آهين جڏهن تون پنهنجي ڪلاس جي ٻين 50 ٻارن کان اڳتي نمبر کڻي اچين. ان جو مطلب آهي ته اسان ان جي ذهن ۾ هيءَ ڳالهه ويهاري رهيا آهيون ته هن جي پنهنجي ڪا قيمت ناهي، قيمت رڳو مقابلي ۾ کٽڻ جي آهي. ​اهو ٻار وڏو ٿي هر موڙ تي پاڻ کي ناقص محسوس ڪندو، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ هميشه ڪو نه ڪو کانئس مٿانهون نظر ايندو. اسين جي هن ​سماج اندر  ماڻهوءَ جي رتبي کي دانائي يا ڏاهپ واري معيار بجاءِ ان کي هن جي عهدي يا پئسي سان تورڻ. ​اهي سڀ شيون فرد کي اڪيلائيءَ طرف ڌڪين ٿيون. ايريڪ فروم (Erich Fromm) جي حوالي سان چئجي ته جڏهن انسان پنهنجي انفراديت کي مثبت نموني استعمال نٿو ڪري سگهي ته هو احساسِ ڪمتريءَ جو شڪار ٿي پنهنجي آزاديءَ تان هٿ کڻي ويهي رهي ٿو. جڏهن اسين پنهنجي زندگيءَ جو موازنو ٻين جي مادي حاصلات سان ڪندا آهيون ته اسان جي اندر حسد ۽ خوف پيدا ٿئي ٿو. هي مقابلو اسان کي هڪٻئي جو حريف بڻائي ڇڏي ٿو. نتيجي طور اعتبار جو بحران پيدا ٿئي ٿو ۽ انسان اهڙي خوف کان مشورو ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿو ته متان ڪو هن کان اڳتي نه وڌي وڃي. ائين اعتبار جي کوٽ سماجي رابطن کي ڪمزور ڪري ٿي جنهن جي نتيجي ۾  انسان پاڻ کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن حسد، انا ۽ مقابلي جو خوف گڏجي وڃن ٿا ته سماجي بيگانگي جنم وٺي ٿي. معاشرو هڪ ميڙ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو جتي هر فرد پنهنجو اڪيلو سفر ڪري رهيو آهي. پيءُ پٽ سان مشورو نٿو ڪري، دوست دوست تي اعتبار نٿو ڪري ۽ ائين اسان جي قديم ڏاهپ جو سلسلو ٽٽي رهيو آهي. اڪيلائيءَ جي هن قيد مان نڪرڻ جو واحد رستو عاجزي ۽ اعتبار جي بحالي آهي. اسان کي مادي مقابلي کان مٿانهون ٿي هڪٻئي جي خوشين کي ملهائڻو پوندو. اڪيلائي تڏهن ختم ٿيندي جڏهن اسان پنهنجي انا جي ديوار کي ڪيرائي ٻين لاءِ پنهنجي دلين جا دروازا کولينداسين.