ايڊيٽوريلنئون

اٺاويهين ترميم ذريعي ووٽر جي عمر 18 مان 25 سال ڪرڻ جو فيصلو ملڪ لاءِ کِل جهڙو هوندو

پاڪستان جي ميڊيا ۽ سياست ۾ اٺاويهين ترميم جي باري ۾ چوٻول هلي رهيو آهي، جنهن ۾ ووٽر جي آئيني عمر 18 سال مان وڌائي 25 سال ڪرڻ اهم آهي. هن وقت آئين مطابق 18 سالن جي نوجوان کي ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل آهي. اهو حق گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن ۾ هڪ عالمي معيار طور تسليم ٿيل آهي. بلڪه هن وقت يورپي يونين جا ڪيترائي ملڪ ان حد کي گهٽائي 16 سالن تائين ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن. اسان جي خطي ۾ ڀارت، بنگلاديش، سريلنڪا، نيپال ۽ ان سان گڏوگڏ اسلامي ملڪ سعودي عرب، ايران، ترڪيه، مصر، ملائيشيا جهڙن ۾ ملڪن ۾ به هن وقت ووٽر جي عمر 18 سال ڪئي وئي آهي. هن وقت ووٽر جي عمر وڌائڻ نه، پر گهٽائڻ جو رجحان پيدا ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن اسان 18 سالن جي عمر ختم ڪري 25 سالن جي عمر جو سوچيو آهي ته اهو قدم دنيا جي عالمي جمهوري اصولن جي ابتڙ هوندو. نه صرف ابتڙ هوندو، پر ملڪ لاءِ دنيا ۾ کِل ۽ ٺٺول جهڙو هوندو. پاڪستان، جتي ٻارن جون شاديون 13، 14 سالن ۾ ڪيون ٿيون وڃن. ننڍي عمر ۾ ٻارن جو مذهب تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ آئين جي لتاڙ ٿئي ٿي، اتي ووٽ جي آئيني عمر 18 سال مان وڌائي 25 سال ڪرڻ ملڪ لاءِ کِل جوڳو هوندو. حقيقت ۾ اها آئيني ترميم ڪا سولي ڳالهه ناهي، پر جيئن ته اسان وٽ آئين ۾ ترميم ڪرڻ جون جيڪي رسمون موجود آهن اهي ڪنهن کان به لڪل ناهن.

هن وقت ملڪ ۾ رجسٽرڊ 18 کان 25 سالن جي عمر وارا ووٽر 2.35 ڪروڙ آهن، جنهن ۾ 1.48 مرد ۽ 93 لک عورتون شامل آهن. جيڪڏهن عمر جي حد 35 سالن تائين ڏسجي ته ان جو گڏيل انگ 5.68 ڪروڙ کان به وڌيڪ آهي. جيڪو پاڪستان جي ڪل ووٽ بينڪ جو تقريبن 44 سيڪڙو کان 45 سيڪڙو بڻجي ٿو. اهي انگ اکر نوجوان ووٽر جي سياسي طاقت جو انگ آهن. جنهن ۾ 18 سالن جي ووٽر جو تعداد هر سال 25 کان 30 لک وڌي ٿو. هن وقت نوجوان ووٽر پي ٽي آءِ لاءِ همدردي محسوس ڪري ٿو، جنهن جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. غلط ۽ صحيح جي فرق ۾ پوڻ کان بنا صرف اهو چئي سگهجي ٿو ته ووٽر کي فيصلو ڪرڻ جو پورو حق ڏنو وڃي، جيڪو ملڪ ۾ ڏنل ناهي. هاڻي ان جي عمر وڌائي اڃان هڪ ٻيو غلط فيصلو ڪرڻ جا سانباهه ٿي رهيا آهن. جڏهن ته روايتي سياسي پارٽين جا بيانيه ناڪام ٿي چڪا آهن، خاص طور تي پنجاب ۾ مريم نواز جي ارد گرد گهمندڙ سياست اڃان به اهڙو ڪو بيانيو نه گهڙي سگهي آهي، جنهن سان (ن) ليگ کي اها تسلي ٿي سگهي ته هاڻي ميدان سندن ڪاميابيءَ لاءِ تيار آهي. (ن) ليگ چاهي ٿي ته اسٽيٽسڪو بحال رهي، جنهن لاءِ 18 سالن جي نوجوانن جي آئيني حق کي جيڪڏهن پامال به ڪيو وڃي ته خير آهي. ڇو ته (ن) ليگ لاءِ 18، 19، 20، 21، 22، 23، 24 سالن جو ووٽر سندن سياسي بقا لاءِ خطرو آهي. اهو صرف (ن) ليگ لاءِ نه، بلڪه ٻين طاقتور حلقن لاءِ به خطرو آهي.

شين کي ارتقا جي حساب سان جيڪڏهن هلڻ نه ڏنو ويندو ۽ دريائن اڳيان هٿرادا بند ٻڌا ويندا ته قدرت جو ايڪو سسٽم تباهه ۽ برباد ٿيندو، جيڪو ايندڙ نسلن کي متاثر ڪندو. هن وقت 18 سالن جي ووٽر جو آئيني حق ڦرڻ به سياست جي درياءَ اڳيان هٿرادو بند ٻڌڻ برابر آهي. آئين ۾ هن قسم جي ڦيرڦار،  سياسي قيادت ۽ طاقتور حلقن لاءِ سياسي خودڪشي ثابت ٿي سگهي ٿي. جنهن سان سماج ۾ نوجوانن اندر ڪاوڙ ۽ ٽڪراءَ جو رجحان پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ دنيا ۾ بدنامي ڌار ٿيندي، ڇو ته ڪيترائي ملڪ هن وقت نوجوانن جي عمر گهٽائڻ لاءِ سوچي رهيا آهن، ڇو ته کين يقين آهي ته اڄ جو نوجوان وڌيڪ باشعور آهي ۽ کيس ملڪ جي فيصلن ۾ حصو ڏنو وڃي، پر اسان وٽ ڪيل ابتڙ فيصلو ملڪ تي بين الاقوامي برادري جو دٻاءُ وجهي سگهي ٿو. جنهن جو نتيجو سوشل ميڊيا تي نظر ايندو ۽ هڪ نئين تحريڪ جنم وٺي سگهي ٿي، جنهن کي روڪڻ ڏکيو ٿي پوندو. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نوجوانن کي انهن جا حق ڏنا وڃن، انهن جي بهتر مستقبل لاءِ تعليم، روزگار، هنرمندي، سندن جسماني صحت لاءِ راندين جا ميدان ۽ صحتمند مقابلا ڪرائڻ جي پلاننگ ڪئي وڃي ته جيئن انهن جي توانائي کي ملڪ لاءِ مثبت طريقي سان استعمال ڪري اڳتي وڌي سگهجي. جيڪڏهن نوجوان گهوڙن کي ميدان ۾ ڊوڙائڻ بجاءِ واڳون وجهي اصطبل ۾ بند ڪري ڇڏبو ته اهي واڳون ٽوڙي ٻاهر نڪري ايندا. نوجوانن سان اهڙو ورتاءُ انهن جو نه صرف سياسي ۽ سماجي حق ڦرڻ آهي، بلڪه انهن کان انهن جي شناخت ڦرڻ به آهي.