بلاگنئون

سعودي جو ايران سان جنگ نه ڪرڻ جو معاهدو

ڊيلفي اڪنامڪ فورم جيڪو اپريل 2026ع ۾ منعقد ٿيو ايران جنگ ۽ وچ اوڀر (شام، غزه ۽ نار وارن ملڪن) جي موجود جيو پوليٽيڪل صورتحال بابت حصو وٺندڙن، تجزيه نگارن ۽ عالمي اڳواڻن کان بنيادي طور تي هيٺيان اهم سوال پڇيا ويا ۽ بحث هيٺ آندا ويا. حصو وٺندڙن کان پڇيو ويو ته فيبروري کان شروع ٿيندڙ آپريشن ايپڪ فيوري کانپوءِ خليج ۽ مڊل ايسٽ ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ واري صورتحال ۽ ايران آمريڪا جنگ جي حتمي نتيجن بابت اڳڪٿي ڪن. ڪنهن جواب ڏنو ته مستقبل ايترو ته خطرناڪ يا پيچيده آهي جو وقت جي وڏي اڳڪٿي ڪندڙ اوريڪل به ان تي سڌو سنئون ڳالهائڻ بدران خاموشي اختيار ڪري ها يا ان کي لڪائي ڇڏي ها، جنهن جا ان ڳالهه جا ٽي وڏا مفهوم نڪرن ٿا. پهريون اڻبرابري ۽ تباهيءَ جو راز، تاريخ ۾ اوريڪل تڏهن جواب لڪائيندي هئي جڏهن نتيجو ڪنهن هڪ ڌر جي کٽڻ جو نه، پر ٻنهي ڌرين جي مڪمل تباهي جو هوندو هو. ايران جنگ يا ڪنهن به امڪاني عالمي ٽڪراءَ جو اهڙو جواب جيڪو تباهي جي شدت کي ظاهر ڪري جهڙوڪ ايٽمي هٿيار جو استعمال يا عالمي معيشت جو مڪمل خاتمو. اهو اهڙو سچ آهي جنهن کي اويريڪل  به لڪائي ڇڏي ها ته جيئن انسان وقت کان اڳ نااميد نه ٿئي. ٻيو ته ماضيءَ ۾ جڏهن ليڊيا جي بادشاهه ڪروشس اوريڪل کان ايران (فارس) تي حملي بابت پڇيو هو ته اوريڪل چيو هو: “جيڪڏهن تون حملو ڪندين ته هڪ وڏي سلطنت تباهه ٿي ويندي.” بادشاهه سمجهو ته ايران تباهه ٿي ويندو، پر جنگ ۾ سندس پنهنجي سلطنت تباهه ٿي وئي. جيڪڏهن اڄ به ڪو اهو پڇي ته هن جنگ جو فاتح ڪير هوندو ته جواب ايترو ئي مبهم ۽ لڪيل هوندو، ڇاڪاڻ ته موجوده دور جا وڏا اتحاد پاڻ ان جي لپيٽ ۾ اچي تباهه ٿي سگهن ٿا. ان سڄي صورتحال ۾ نئين عالمي نظام جي پوشيدگي ظاهر ٿي رهي آهي. اهو جواب ته “هاڻي ڪابه اڪيلي طاقت دنيا تي راڄ نه ڪندي، پر سڄو عالمي نظام کي بدلجي ويندو.” هي اهڙو جواب آهي جنهن کي موجوده سياسي اڳواڻ کلي عام تسليم ڪرڻ کان لنوائيندا آهن. اهڙي جواب کي سفارتڪاري جي پردن ۾ ايئن لڪايو ويندو آهي، جيئن قديم دور ۾ اوريڪل پنهنجي غيبي آوازن کي لڪائيندي هئي. هن وقت خاص طور تي غير متوقع ڪردارن جهڙوڪ: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بابت سڌيءَ ريت ڪابه ڳالهه نه ڪئي، جيڪا شيءِ ٻين شين کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿي اها متضاد خبرن، تصديقن ۽ انڪارن جو هڪ وڏو سلسلو آهي، انهيءَ سان گڏ وڏي تعداد ۾ ليڪ ٿيڻ واريون ڳالهيون آهن، جن مان ڪجهه سچيون آهن جڏهن ته ڪجهه مڪمل طور تي ڪوڙيون ۽ من گهڙت آهن، پر اسان وساري ڇڏيون ٿا ته هي هڪ جنگ آهي ۽ جنگ ۾، پهريون نقصان اڪثر سچ جو هوندو آهي. جڏهن سعودي موقف جي ڳالهه اچي ٿي ته ماهرن کي صلاح ڏني وئي آهي ته ڪنهن فيصلي واري نتيجي تي پهچڻ کان اڳ ڪجهه اهم ڳالهيون ياد رکن. پهرين، سعودي آفيسر اهو چون ٿا جيڪو انهن جو مطلب آهي اهو پورو ٿيڻ گهرجي. ٻيو، جيڪو عوام ۾ چيو وڃي ٿو اهو ذاتي طور تي چيو وڃي ٿو ان جو سرڪار سان ڪوبه تعلق ناهي. ٽيون، ڪڏهن ڪڏهن، نازڪ وقتن ۾خاموشي هڪ اسٽريٽجڪ چونڊ آهي. خاص طور تي جڏهن نعرو بلند ٿئي ٿو ته پردي پويان ڪيترائي متحرڪ حصا ظاهر ٿيڻ لڳن ٿا.

اهڙي طرح، تازين ترقين تي سعودي موقف کي سمجهڻ لاءِ، اسان کي جنگ جي شروعاتي ڏينهن ۾ جاري ڪيل اصل بيانن ڏانهن واپس وڃڻ جي ضرورت آهي. انهن ۾ پرڏيهي معاملن واري وزارت ۽ 10 مارچ تي ولي عهد محمد بن سلمان جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس جا بيان شامل هئا، جنهن ۾ سعودي عرب جي “پنهنجي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حفاظت ۽ جارحيت کي روڪڻ لاءِ سڀ ضروري قدم کڻڻ جي تصديق ڪئي وئي.ڀلي ان موقف کي ڪجهه ماڻهن رد ڪري ڇڏيو هجي؛پر ڪجهه ماڻهن رياض تي “تمام گهڻو بيوقوف” هجڻ جو الزام لڳايو ۽ دليل ڏنو ته عوامي راءِ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ وڌيڪ بيوقوفي وارو موقف اختيار ڪيو ويو. سعودي حڪمرانن فيصلو ڪيو ته عوامي حفاظت عوامي راءِ کان وڌيڪ آهي انڪري اهڙن بيانن کي نظرانداز ڪرڻ ئي بهتر ٿيندو. پردي پويان جيڪا حقيقت لڪيل هئي ان جي مکيه ترجيح اها هئي ته بادشاهه کي شهرين ۽ رهواسين جي حفاظت لاءِ جيڪو ڪجهه به ڪرڻو پوي، اهو ڪيو وڃي، ان سان گڏوگڏ نار تعاون ڪائونسل جي پاڙيسرين ڏانهن مدد جو هٿ وڌايو وڃي ۽ ضروري قدم کنيا وڃن ته جيئن وڌيڪ جنگ پکڙجڻ کي روڪي سگهجي ۽ هڪ لامحدود ۽ خطرناڪ علاقائي جنگ نه پکڙجي وڃي.

ان کان علاوه، جنگ دوران، ايران سان فوجي حڪمت عملي قائم ڪرڻ جي ضرورت هئي. جڏهن ته ساڳئي وقت ڳالهين جي حل لاءِ دروازو کليل رکڻ به اهم هو، خاص طور تي جڏهن اهو ڏٺو ويو ته فوجي مهم گهڻو ڪري نار وارن ملڪن ۽ عالمي توانائي جي فراهمي تي پنهنجو اثر وجهي رهي آهي. ان جو مطلب اهو هو ته ان ۾ عالمي بحران بڻجڻ جي صلاحيت هئي. ايران اڳ ۾ ئي واضح ڪري چڪو هو ته، نار وارن ملڪن ۾ تيل ۽ گئس جي سهولتن کي سختي سان نشانو بڻائي آبنائي هرمز کي بند ڪري، ته ان جو ارادو جنگ کي باقي دنيا لاءِ ممڪن حد تائين مهانگو بڻائڻ هو. جنگ ۾ شامل نار وارا ملڪ مڪمل طور تي آمريڪا ۽ اسرائيل لاءِ فرق نه ڪن ها، جيڪي اڳ ۾ ئي وڏي طاقت سان گڏ هئا، ڇو ته هڪ عالمي توانائي بحران آمريڪا کي اندروني طور تي ۽ ان جي جنگي ڪوششن ۾ نقصان پهچائيندو، ان جو اثر اسان جي علائقي تي پوندو.عام طور تي، حڪومتون مختلف طريقن سان هڪ ٻئي سان رابطو ڪن ٿيون. جيئن ته ايراني سفير کي رياض ۾ رهڻ جي اجازت ڏيڻ وڏو فيصلو هو ان سان گڏ پاڪستاني ثالثي جي ڪوششن لاءِ واضح ۽ مڪمل حمايت هئي، جيڪو اڃان تائين جاري آهي. سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان ۽ سندس ايراني هم منصب، عباس عراقچي جي وچ ۾ باقاعدي فون تي رابطا رهيا. يقينن سعودي عرب ايران جي ارادن کان واقف آهي ۽ 1979ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين فرقي جي مخالفت باوجود هڪ نظر اچن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪيترن ئي خطرن باوجود منطقي طريقي سان هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ ٻئي اهو سوچين ٿا ته ٻئي هميشه هڪٻئي جا پاڙيسري رهندا ۽ ڪنهن به غلط قدم کڻڻ سان خوفناڪ نتيجا نڪرندا. ان جو هڪ مضبوط دليل اهو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا هڪ ڏهاڪو اڳ جڏهن صدر باراڪ اوباما (ايران ايٽمي معاهدي) تي ڳالهيون ڪري رهيو هو، جيڪڏهن سندس انتظاميا سعودي عرب جي صلاح تي عمل ڪري ها ۽ نه رڳو ايران جي ايٽمي افزودگي، پر پراڪسي مليشيا ۽ ان جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت کي به حل ڪري ها ته موجوده بحران کان بچي سگهجي ها. فنانشل ٽائمز ۾ هڪ تازي رپورٽ شايع ٿي ته بادشاهت ايران سان هڪ علاقائي عدم جارحيت جو معاهدو ڪيو آهي جيڪو شايد جنگ کانپوءِ واري دور کي حل ڪرڻ لاءِ بحث هيٺ اچي، ڇاڪاڻ ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي ڳالهين ۾ انهن مسئلن تي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي آهي. اهو سمجهه ۾ اچي ٿو، ته پرامن ۽ گڏيل بقا سڀني ايجنڊائن جو مرڪز آهي انڪري سڀني اختيارن تي پهريان بحث ڪيو ويندو.