ايڊيٽوريلنئون

سرڪار جي گودامن مان مسلسل ڪڻڪ جي چوريءَ جي واقعن  غريب جي ماني مهانگي ڪري ڇڏي آهي

ايشيائي ملڪن ۾ ڪڻڪ کاڌي جي بنيادي جزن ۾ شامل آهي. ڪڻڪ مان ٺهيل ماني ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون اسان جي زندگي جي بقا، معاشي استحڪام ۽ ثقافت جو بنيادي حصو آهن. اسان وٽ غريب لاءِ صبح جو ڪم تي وڃڻ کان اڳ چانهه جي ڪوپ سان هڪ اپراٺو يا ماني کيس ۽ سندس اسڪول ويندڙ ٻارن کي پروٽين ۽ ڪاروبو هائڊريٽس مهيا ڪري ٿو، جنهن سبب سندس جسم ۾ توانائي پيدا ٿئي ٿي ۽ اها توانائي کيس سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿي. غريب جي کاڌ خوراڪ ۾ نه ته ڦل فروٽ شامل آهي ۽ نه ٻيا وري ڪي طاقتور جزا شامل آهن، ان جي لاءِ اها ڪڻڪ جي ماني هڪ طاقت فراهم ڪرڻ جو ذريعو آهي. هن وقت سنڌ جي اندر غربت ماڻهن جي گهرن مان نه بلڪه انهن جي چهرن تان عيان آهي. سندن گهٽ وزن، چهرن تان ماس جو رُڙي وڃڻ، ٻارن جو قد نه وڌڻ ۽ جسماني ڪمزوري سنڌ جي عوام جي غربت جو داستان بيان ڪري ٿي. اٽي جي قيمت يقينن ڪنهن امير ۽ معاشي طور مستحڪم خاندان لاءِ  اٽي جي مهانگي ٿيڻ واري صورتحال گهڻي ڳڻتيءَ واري ناهي، پر هڪ غريب پورهيت، مزدور جيڪو ڏهاڙي اجرت تي ڪم ڪري پنهنجن ٻارن لاءِ پنجن يا ڏهن ڪلو گرام جو ٿيلهو اٽو وٺي رکي ٿو، ان جي لاءِ ان اٽي جي مٿان وڌندڙ هر رپيو سندس اجرت جي پئسن مان ڌاڙي لڳڻ برابر آهي.

افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جو هاري جڏهن ڪڻڪ پوکي مارڪيٽ ۾ آڻي ٿو ته ان وقت کيس صحيح قيمت نٿي ملي ۽ جڏهن اها ڪڻڪ حڪومت خريد ڪري گودامن ۾ رکي ٿي ته اتان مسلسل چوريءَ جا واقعا اخبارن، ڊجيٽل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اسان جي نظرن جي اڳيان بار بار اچن ٿا، پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به چوريءَ جو ڪلائميڪس اسان کي ٿيندي نظر نه آيو آهي ته گودامن مان ٿيندڙ چوري يا چور پڪڙيا ويا هجن، خبر ناهي ته اهي چور ڪٿان ٿا اچن، اهي ڪير آهن ۽ ڪهڙي طريقي سان انهن گودامن مان ڪروڙين رپين جي چوري ڪري ڪٿي رکن ٿا، ڪٿي کپائين ٿا؟ جنهن جو اثر اسان جي آخر ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ مزدور جي گرهه تي پوي ٿو. اهڙن واقعن جي جڏهن به ايف آءِ آر داخل ٿيندي آهي ته اڪثر فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي، گودامن جي انچارجن ۽ چوڪيدارن کي نامزد ڪيو ويندو آهي، پر جيستائين گودام جي چاٻي رکندڙ آفيسر پاڻ ان سڄي معاملي ۾ شريڪ نه هجي تيسين اهي هزارين ٻوريون جن جي قيمت ڪروڙين رپين ۾ هوندي آهي اهي ڪيئن ٿيون غائب ٿي سگهن. ان کانپوءِ ڪڻڪ جون قيمتون وڌڻ شروع ٿينديون آهن ۽ هر مهيني ڏيڍ کانپوءِ عوام کي هر ڪلو تي وڌيڪ اگهه ڏيڻو پوندو آهي. سول سوسائٽي کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان پنهنجي بنيادي حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ جي بجاءِ خاموش گهرن ۾ ويٺل رهنداسين ته حڪومت اسان سان زيادتي ڪرڻ ۾ ڪڏهن نه ڪيٻائيندي. جڏهن ملڪ ۾ ماني مهانگي ٿي وڃي ته اها صرف مهانگائيءَ ۾ اضافو نه، پر هڪ وڏو سماجي بحران بڻجي ويندي آهي.

جنهن سان سڀ کان وڌيڪ غريب ۽ پورهيت طبقو متاثر ٿيندو آهي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته زراعت جي پيداوار ۾ خرچن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، پر هي مسئلو اصل ۾ حڪومت جي خراب ڪارڪردگي ۽ ڪرپشن جي دائري ۾ اچي ٿو، جتي ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا گودامن ۾ محفوظ هجن جن کي عوام جي پئسن سان خريد ڪري رکيو ويو هجي هاڻي اهي ذخيرا اتان چوري ڪري عوام کي مهانگو اٽو ڏنو پيو وڃي. حڪومت کي هڪدم مارڪيٽ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ پرائس ڪنٽرول ڪميٽين ذريعي مقامي انتظاميه کي هڪدم اٽي جي اگهن ۾ اضافي جو نوٽيس وٺندي منافعي خورن کي گرفتار ڪري انهن خلاف قانوني قدم کڻڻ گهرجي. جيڪڏهن حڪومت وقت تي صحيح پاليسين تي عمل ڪري ۽ گودامن جي نگرانيءَ لاءِ مڪمل ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪري پيل ذخيرن کي محفوظ ڪري ته جيڪر ان قسم جي صورتحال پيدا نٿي ٿي سگهي. اربين رپين جي ڪڻڪ جي ذخيرن جي حفاظت لاءِ نه ڪي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳل آهن، نه ٻورين جي بار ڪوڊنگ ٿيل آهي. اهوئي سبب آهي جو اهڙن واقعن کانپوءِ عام طور تي هڪ روايتي انڪوائري ڪميٽي ٺهندي آهي ۽ پوءِ معاملو دٻجي ويندو آهي. ان سڄي عمل ۾ نقصان هڪ مزدور، هڪ پورهيت، هڪ غريب جي ٻار جو ٿي رهيو آهي، جنهن کي جيڪڏهن کائڻ لاءِ پهرين ٻه مانيون ملي رهيون هيون هاڻي اها کيس گهٽجي يا ته هڪ ماني ملي رهي آهي يا ڏيڍ ملي رهي آهي. اميد آهي ته حڪومت ان سنجيده ۽ ڳنڀير مسئلي تي قدم کڻي غريب عوام جي اڌ ٿيل مانيءَ کي پورو فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. ڇو ته ماني اسان جي کاڌي جو بنيادي حصو آهي، جنهن سان جسم کي ڪاربوهائڊريٽس فراهم ٿين ٿا. جيڪڏهن اسان جي مزدور کي ماني نه ملي سگهندي ته اهو پنهنجو ڪردار معاشري ۾ درست نموني ادا نه ڪري سگهندو.