خاصنئون

چين پاڪستان ۾ فوجي اڏا قائم ڪري سگهي ٿو: آمريڪا

پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي (Agence France-Presse) مطابق آمريڪا جي دفاع واري اداري پينٽاگون پنهنجي ساليانه رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته چين پنهنجي عالمي منصوبي ون بيلٽ ون روڊ جي تحفظ لاءِ پاڪستان اندر فوجي اڏا قائم ڪندو. اها رپورٽ ڪانگريس کي پيش ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته چين نه صرف پاڪستان ۾ پر وچ ايشيا، وچ ايشيا واريون رياستون ۽ اولهه بحر اوقيانوس ۾ به پنهنجا فوجي اڏا ٺاهيندو. هن وقت چين جو صرف هڪ فوجي اڏو جبوٽي ۾ قائم آهي. واضح رهي ته چين سڄي دنيا جي 152 ملڪن سان تجارتي رابطا وڌائڻ لاءِ ون روڊ ون بيلٽ منصوبي جو آغاز ڪيو آهي.