مٺي اندر ڊراءِ لينڊ فارمنگ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ٺاهيو ويندو
سنڌ جي زراعت واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته مٺي اندر ڊراءِ لينڊ فارمنگ ريسرچ انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويندو. جنهن جي مدد سان مٺي ۾ گهٽ پاڻي سان وڌيڪ زرعي پيداوار وارن طريقن تي تجربا ڪيا ويندا. ٿرپارڪر جي ضلعي انتظاميه سان هڪ ميٽنگ دوران ڳالهائيندي هن چيو ته اهو ريسرچ انسٽيٽيوٽ علائقي جي هارين ۽ آبادگارن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندو جتي ٽنل فارمنگ جي سکيا ڏني ويندي، جنهن سان اهي پنهنجي پيداوار ۾ اضافو آڻي سگهندا.

