وفاقي اردو يونيورسٽي پاران سنڌي شعبو بند ڪرڻ جو فيصلو
وفاقي اردو يونيورسٽي جي وي سي الطاف حسين چيو آهي ته شعبي ۾ داخلا تمام گهٽ آهي. يونيورسٽي پاران انٽري ٽيسٽ ڏنل شاگردن کي داخلا کان انڪار ڪندي چيو ته سنڌي شعبي کي ختم ڪري رهيا آهيون. اهڙن شاگردن پاران يونيورسٽي جي هن فيصلي خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان ايم فل ڪرڻ لاءِ انٽري ٽيسٽ پاس ڪئي پر انتظاميه اسان کي داخلا ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته هن شعبي ۾ داخلا گهٽ رهندي آهي ان ڪري ان کي ختم ڪندي ٻئي شعبي ۾ ضم ڪري رهيا آهيون.

