خاصنئون

سنڌ ۾ بجلي ۽ گئس بل معاف ڪرڻ لاءِ رليف آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس ايمرجنسي رليف فنڊ تحت گهٽ يونٽن وارا بجلي ۽ گئس جا بل معاف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس سبب ايمرجنسي رليف آرڊيننس جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي. صوبي جي قانون وارو کاتو آرڊيننس جو مسودو گورنر جي منظوري لاءِ روانو ڪندو. مسودي موجب ايمرجنسي رليف آرڊيننس پهرين اپريل کان سڄي سنڌ ۾ لاڳو هوندو. آرڊيننس تحت ڪورونا وائرس کان متاثرطبقي کي سماجي، معاشي ۽ ڪاروباري رليف ڏنو ويندو، سمورن خانگي اسڪولن تي 20 سيڪڙو في ڪٽوتي لازمي ڪئي وئي آهي، گهٽ ڪيل 20 سيڪڙو مڪمل معاف هوندو ۽ قسطن ۾ به وصول نه ڪئي ويندي. 260 يونٽن تائين بجلي جو بل معاف هوندو، جڏهن ته 261 کان 350 يونٽن تائين بجلي بل ۾ 25 سيڪڙو بل ادا ڪرڻو هوندو. 351 کان 400 يونٽن تائين بجلي جو 50 سيڪڙو بل قابل ادائگي هوندو، جڏهن ته 400 يونٽن کان مٿي وارا صارف مڪمل بل ادا ڪندا. 80 گز وارن گهرن جي سمورن پاڻي جي ڪنيڪشنز وارا بل معاف هوندا. 81 کان 160 گز جي پاڻي ڪنيڪشنز تي 25 سيڪڙو بل قابل ادائگي هوندو. 161 گز کان 240 گز جي پاڻي ڪنيڪشنز تي 50 سيڪڙو بل قابل ادائگي هوندو. مسواڙ جي گهر جا مالڪ ڪرائيدارن کي ادائگي ۾ مڪمل يا جزوي رعايت ڏيڻ جا پابند هوندا. 50 هزار رپين جي مسواڙ مخصوص وقت تائين معطل ڪئي ويندي، جيڪا بعد ۾ ادا ڪئي ويندي. 50 هزار کان هڪ لک تائين 50 سيڪڙو مسواڙ مخصوص وقت تائين ادا ڪرڻي پوندي، جڏهن ته باقي 50 سيڪڙو مسواڙ صورتحال معمول تي اچڻ کانپوءِ ادا ڪئي ويندي. 155 يونٽن تائين گئس جا بل معاف ڪيا ويندا، 200 يونٽن واري گئس بل تي 75 سيڪڙو رعايت هوندي. جڏهن ته 300 يونٽن واري گئس بل تي 50 سيڪڙو رعايت هوندي. 300 يونٽن کان وڌيڪ وارو بل ادا ڪرڻو پوندو