خاص

احساس ڪيش پروگرام ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جي مدي وارو شرط ختم

حڪومت احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جي مدي وارو شرط ختم ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ٻڌايو ته ڪيش پروگرام ۾ ڪئٽيگري- ون 80 سيڪڙو مڪمل ٿي وئي آهي. هاڻ پروگرام جي ڪئٽيگري- ٽو هلي رهي آهي. هن چيو ته هيستائين 69 ارب رپيا 57 لک ڪٽنبن ۾ ورهايا ويا آهن، ڪيش امداد لاءِ 14 ڪروڙ 64 لک 2 هزار 638 ايس ايم ايس مليا آهن. جڏهن ته 48 ملين اهڙا سڃاڻپ ڪارڊ نمبر هئا جيڪي هڪ ڀيري کان وڌيڪ ايس ايم ايس ذريعي آيا. ضلعن طرفان ايس ايم ايس تي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر مليا آهن. 88 لک سڃاڻپ ڪارڊن جي باري ۾ ايس ايم ايس فيملي ڊپليڪيشن تي رد ڪيا، 88 هزار 621 سڃاڻپ ڪارڊ نمبرن جي تصديق نه ٿي سگهي آهي، نئين ڪئٽيگري تي جلد ڪم شروع ٿي ويندو ۽ ڪئٽيگري ۾ صوبن جي آبادي جي لحاظ سان ڪوٽا مقرر آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت فنگر پرنٽس جو به مسئلو آهي. ڪارڊ جو مدو ختم ٿيڻ وارن سان رقم جي ادائگي جو وڏو مسئلو هو پر هاڻ سڃاڻپ ڪارڊ جي مدي واري شرط ختم ڪئي وئي آهي