عيد الفطر تي نوان ڪرنسي نوٽ جاري نه ڪرڻ جو اعلان، اسٽيٽ بئنڪ

اسٽيٽ بئنڪ ھلندڙ سال عيد الفطر تي نوان ڪرنسي نوٽ جاري نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. بئنڪ دولت پاڪستان طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آھي ته ھن عيد تي عوام، اسٽيٽ بئنڪ جي ھاڻوڪن يا اڳوڻن ملازمن کي به نوان ڪرنسي نوٽ جاري نه ڪيا ويندا. اھو فيصلو اسٽيٽ بئنڪ جي ڪووڊ – 19 ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. ذريعن موجب اسٽيٽ بئنڪ نون ڪرنسي نوٽن لاءِ ٿيندڙ رش کي نظر ۾ رکندي عيد تي نوان نوٽ جاري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو
