ريمنڊ ڊيوس، آمريڪي پرڏيهي جاسوس، جنهن 2011ع ۾ لاهور جي ھڪ مصروف روڊ تي سوين ماڻھن جي موجودگي ۾ ٻه پاڪستاني شهري قتل ڪيا، اُن واقعي کانپوءِ عالمي سطح تي پاڪستان جي عدالتي، سياسي ۽ سفارتي نظام تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. سندس لکيل ڪتاب The Contractor نه رڳو اُن واقعي جي تفصيل پيش ڪري ٿو، پر ڪيترن ئي ڳجهن رازن کي به وائکو ڪري ٿو. ڪتاب جو سڀ کان تڪراري حصو اهو آهي، جتي ڊيوس اهو تسليم ڪري ٿو ته کيس ڇڏائڻ لاءِ مقتولن جي وارثن تي شديد دٻاءُ وڌو ويو. ايجنسين پاران ماڻهن کي گرفتار ڪري، گن پوائنٽ تي دستخط وٺڻ ۽ ميڊيا کان پري رکڻ جهڙيون ڪارروايون پاڪستان جي عدالتي خود مختياري تي وڏو سوال اٿارين ٿيون. “ديت” جو اسلامي اصول، جيڪو رضاڪاراڻه معافي تي ٻڌل آهي، اُن کي طاقت جي استعمال سان حاصل ڪرڻ، ان اصول جي توهين آهي!
ڊيوس جي بيانن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان جو قانون طاقتور جي اڳيان بيوس آهي. حڪومت جي پٺڀرائي سان هڪ قاتل کي نه صرف قانوني تحفظ ڏنو ويو، پر کيس اعزاز جيان واپس آمريڪا موڪليو ويو. ڪتاب ۾ ڏيکاريل منظر نامو پاڪستان جي خود مختياريءَ لاءِ تڪليف ڏيندڙ آهي. ان کانسواءِ، ڪتاب ۾ پاڪستان جي اندروني پاليسين ۽ ادارن جي ڪمزورين کي به وائکو ڪيو ويو آھي. هي ڪتاب ريمنڊ ڊيوس جي زندگيءَ جو صرف شخصي داستان نه آهي، بلڪه اها هڪ بي رحم رياستي سازش جي وکريل ڪهاڻي پڻ آهي، جيڪا لاهور جي رستن تان شروع ٿي، ڪوٽ لکپت جيل جي خاموشيءَ تائين وڃي پھتي. ڊيوس پاڻ تسليم ڪري ٿو ته هن ٻن پاڪستانين کي بنا ڪنهن خوف جي قتل ڪيو، پر جيڪا ڳالهه وڌيڪ افسوسناڪ آهي، اها هيءَ آهي ته ان کانپوءِ ٿيندڙ رياستي ۽ عدالتي ڪارروايون انساني وقار، اسلامي قانون ۽ قومي غيرت تي باقاعدي سوديبازي بڻجي ويون. ڪتاب ۾ جنهن بيباڪيءَ سان هن پاڪستان جي قانوني ۽ سياسي ڍانچي کي بي نقاب ڪيو، اها صرف هڪ جاسوس جي جرئت نه آھي، بلڪه هڪ اهڙي مغرور ذهنيت جو عڪس آھي، جيڪا ٽئين دنيا جي ملڪن کي رڳو ٺيڪيداري واري غلاميءَ ڪرڻ جي لائق سمجهي ٿي. ڊيوس لکي ٿو ته ڪيئن مقتولن جي وارثن کي ايجنسين جيلن ۾ قيد ڪري، سندن رضامندي وٺڻ لاءِ گن پوائنٽ تي مجبور ڪيو. اها سچائي نه صرف قانون جي تذليل آهي، پر اها انسانيت جي بنيادي اصولن جي به ڀڃڪڙي آهي.
ريمنڊ ڊيوس پنهنجي ڪتاب “دي ڪنٽريڪٽر” ۾ پنهنجي آزادي بابت انڪشاف ڪندي ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته: “منهنجي آزادي جو هي منصوبو تڏهن ئي ڪامياب ٿي سگهي پيو، جڏهن مقتولن جي خاندان جا 18 فرد دِيَت (خون بها) تي راضي ٿين ها. ان لاءِ حڪومت جي ماڻهن وڪيل جي مدد سان خاندان جي هر فرد تي ضرورت مطابق دٻاءُ وڌو، پر انهن مان ڪيترن ماڻهن مزاحمت ڪئي. انهن مان هڪ مقتول جو ڀاءُ به هو، جنهن تي مذهبي سياسي اڳواڻن انصاف وٺڻ لاءِ زور ڏنو هو. هو ڪيترن هفتن تائين راضي نه ٿيو، پر 14 مارچ تي ايجنسين مداخلت ڪئي ۽ 18 ماڻهن کي جيل ۾ بند ڪيو ويو. انهن کي ان ڏينهن تائين قيد ۾ رکيو ويو، جنهن ڏينهن منهنجي قسمت جو فيصلو ٿيڻ وارو هو. 16 مارچ جي شام کان اڳ مقتول جي خاندان جي انهن فردن کي ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو ۽ کين چيو ويو ته اهي ديت قبول ڪن ۽ کين ان ڳالهه کان به آگاهه ڪيو ويو ته جيڪڏهن اھي ديت قبول ڪندا ته کين وڏي رقم ڏني ويندي، پر ديت قبول نه ڪرڻ جي صورت ۾ اھي پنهنجا ذميوار پاڻ ھوندا! ريمنڊ لکي ٿو ته، انهن ماڻھن کي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين گن پوائنٽ تي رکيو ويو ۽ سختي سان منع ڪيو ويو ته ميڊيا جي سامهون هڪ لفظ به نه ڳالهائين. 16 مارچ تي جڏهن انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته عورتن جي حالت انتهائي خراب هئي ۽ اهي روئي رهيون هيون. سندن نئين وڪيل ارشاد عدالت آڏو دستاويز پيش ڪيا، جن تي مقتولن جي خاندان جي 18 فردن جون صحيحون هيون، جنھن ذريعي انهن ڏوهاري کي معاف ڪرڻ ۽ ديت وٺڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي هئي!”
ريمنڊ ڊيوس جي ڪيس دوران هڪ طرف جتي عدالتن جي دروازي تي انصاف جا نعره هڻندڙ خاموش رهيا، اتي وري ميڊيا، جيڪا پنهنجي پاڻ کي “چوٿون ستون” چوي ٿي، ان تي به پابنديون لاڳو ڪري، سچ کي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو ويو. ڊيوس جو بيان آهي ته کيس ٻڌايو ويو ته هن جي آزادي لاءِ سڀ ڪجهه طئي ٿي چڪو آهي ۽ کيس به صرف رسمي ڪارروائيءَ مان گذرڻو آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ طاقت جي منطق انصاف تي غالب آهي. ادبي طور تي هن ڪتاب جي اهميت ان ۾ آهي ته هي هڪ نئين صنف پيدا ڪري ٿو. سياسي اعتراف تي ٻڌل غير افسانوي تجزياتي ادب، جنهن ۾ ناول جيان ڪردار آهن، اسٽيبلشمينٽ، قانون، ميڊيا ۽ عام ماڻهو. ڪتاب جو مين ڪردار ريمنڊ ڊيوس پاڻ آهي، جيڪو قاتل به آهي، ليکڪ به، ۽ آخرڪار فتح ياب به بڻجي ٿو! هي ڪتاب رڳو آمريڪا جي فتح جو بيان نه آهي، پر پاڪستان جي اخلاقي شڪست جو نوحو آهي. هڪ اهڙو نوحو، جيڪو هر پڙهندڙ کي، خاص ڪري صحافي، وڪيل، حڪمران ۽ عام شهرين کي مجبور ڪري ٿو ته هو پنهنجي آئين، نظام ۽ غيرت تي سوچين! “دي ڪنٽريڪٽر” هڪ اهڙو ڏس آهي، جيڪو واضح ڪري ٿو ته جڏهن قومون پنهنجي اخلاقي جوڙجڪ وڃائي ڇڏين ٿيون، تڏهن غير ملڪي جاسوس به سندن عدالتن تي حڪم هلائي سڄي نظام کي درھم برھم ڪري سگهن ٿا.
ادبي تناظر ۾ “The Contractor” اهڙي صنف سان تعلق رکي ٿو، جنهن کي “سياسي اعتراف نامو” چئي سگهون ٿا. ڪتاب ۾ جتي قاتل، سياست، قانون ۽ اسٽيبلشمينٽ جا ڪردار آهن، اتي عوام جي خاموشي ۽ مجبوري به ڏسڻ وٽان آھي. هي ڪتاب دراصل آمريڪي طاقت جو مظاهرو آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ پاڪستان جي اخلاقي، قانوني ۽ قومي شڪست جو آئينو به آهي. هي هڪ اهڙو نوحو آهي، جيڪو صرف پڙهڻ لاءِ نه، پر پاڪستاني قوم جي سوچڻ، جاڳڻ ۽ سچ سان منهن ڏيڻ لاءِ لکيو ويو آهي. “دي ڪنٽريڪٽر” هڪ اهڙي سچي تحرير آهي، جيڪا ثابت ڪري ٿي ته قومون جڏهن پنهنجي انصاف، غيرت ۽ خود مختياري وڃائين ٿيون، تڏهن قاتل به انهن جي عدالتن تي حڪم هلائين ٿا. هي ڪتاب رڳو اعتراف ناهي، پر جاڳرتا ۽ مزاحمت جو آواز به آهي، جيڪو ادب جي نئين ذميواريءَ جو تعين ڪري ٿو!