بلاگنئون

شاهه ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌي عورت جي سماجي حيثيت جو مطالعو

سنڌ جي سر زمين کي اهو فخر حاصل آهي ته ان مان لطيف سائينءَ جهڙي عظيم ڏاهي مفڪر جنم ورتو. هُو هڪ اهڙو باڪمال شاعر هو جنهن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي چپي چپي جو ذڪر ٿيل آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ هتان جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، ثقافت، ٻولي، تهذيب ۽ تمدن جي اُپٽار ڪئي آهي. پنهنجي شاعريءَ کي عام ڪرڻ لاءِ شاهه صاحب عورت ذات کي مرڪزي ڪردار طور چونڊيو. پاڻ عورت جي عظمت جو قائل هو. سندس نظر ۾ عورت انسان جي پهرين عظيم درسگاهه آهي. ان ڪري جيڪڏهن کيس آدرش بڻائبو ته قوم ۾ آدرش پرچاري جو عمل قيامت تائين هلندو رهندو، انهيءَ ڪري کيس نازڪ ۽ ڪمزور سمجهي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي.

ڏٺو وڃي ته عورت صدين کان اڻ برابري ۽ ناانصافيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهجندي رهي آهي. عورت کي تمثيل بڻائي شاهه لطيف سماج ۾ انقلاب آڻڻ چاهيو. هن ڄاڻو شخص کي چڱيءَ پر خبر هئي ته هن سماج ۾ جيڪڏهن تبديلي آڻڻي آهي ته عورت کي مٿانهون درجو عطا ڪرڻو پوندو.

انسانيت جي علمبردار شاهه لطيف، عورت کي بحيثيت انسان ذات عشق ۽ وندر جو ذريعو نه، پر همت، بهادري، جدوجهد، جستجو ۽ انساني جذبن ۽ احساسن جو ترجمان ڄاڻايو آهي. شاهه صاحب عورت جي نفسيات جو ماهر هو. هن پنهنجي شاعريءَ جي زنانن ڪردارن ذريعي انڪشاف ڪيو آهي ته زندگي طلب جو نالو آهي. زندگي جدوجهد ۽ جستجو جو عُنوان آهي. زندگي جبر ۽ ڏاڍ کان آزادي حاصل ڪرڻ جو پيغام آهي ۽ ان عشق جو نالو آهي، جنهن سان حياتيءَ جا سمورا هاڪاري رخ ظاهر ٿين ٿا. لطيف مارئي بڻجي وطن پرستيءَ جو جذبو ٿو جاڳائي. مومل بڻجي مصلحتن جي مام ٿو پروڙي، سهڻيءَ جي سچي عشق کي مڃتا ڏيندي چوي ٿو ته،

عشق جنين کي آڪرو، ترهو مٿي تِن

جي ساهڙ کي سِڪن، تنين جَرِ جنڊَ ٿئي

سهڻيءَ جي سِڪَ، ڇِڪَ، استقلال، قرباني ۽ سرفروشيءَ جي جذبن جو وستار لطيف سرڪار موجب درياهه شاهه جي تکي وهڪري کان به طاقتور آهي، بهادري، بي ڊپائي، سيني ساهڻ جو هڪ بلڪل منفرد مثال آهي. علامه آءِ آءِ قاضيءَ ته سر سهڻيءَ کي لطيفي فڪر جي ارتقا جي آخري منزل سڏيو آهي ۽ پنهنجي ترتيب ڏنل رسالي  ۾ سر سهڻيءَ کي آخر ۾ رکيو آهي.

شاهه لطيف جو سماجي ٻنڌڻن برخلاف سهڻيءَ جي انوکي ۽ حيران ڪندڙ حد تائين بي باڪ ڪردار کي ساراهڻ تي تنوير عباسيءَ لکيو آهي ته، “شاهه لطيف وٽ محبت ئي هڪ اهڙو جذبو آهي جيڪو انسان کي پاڪ ڪري ٿو.” “ساهڙ ڌاران سهڻي نسوري ناپاڪ آهي کيس ميهار وٽ مرڻ جي تلقين ڪندي چوي ٿو.

مرج وٽ ميهار متان موٽين سهڻي!

ساهڙ جا سينگار، متان ڏم ڏيکارئين،

شاهه لطيف جا عورت ڪردار سنڌي سماج جون مسڪين ۽ غريب طبقي جون عورتون آهن ته چند ڪردار جيئن ليلا، مومل ۽ سورٺ اوچي طبقي سان واسطو رکن ٿيون پر لطيف سرڪار جڏهن انهن جو ذڪر ٿو ڪري تڏهن هُو اهڙي ٻولي استعمال ٿو ڪري جا مڪمل طور هڪ عورتاڻو احساس ۽ جذبو رکندڙ آهي، جنهن مان اها خبر پوي ٿي ته هيءُ هڪ عورت جي دل جو آواز آهي، چاهي اها امير آهي يا غريب، با حيثيت آهي يا بي حيثيت، لطيف ڄڻ انهيءَ عورت جي اندر مان پيهي پنهنجي زباني سندس دِلي ڪيفيت طلب، جستجو، وطن دوستي، نياز نوڙت ۽ رَوشِ بيان ڪري ٿو.

لطيفي ڪلام پڙهندڙ انهيءَ مهل ايئن سمجهي ٿو ته جيئن اها سڄي وارتا سندس سامهون پئي ٿي هلي. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته هر هڪ واقعو الڳ الڳ وقت جو آهي، موضوع، ماحول ۽ واقعا جدا جدا آهن. لطيف سرڪار پنهنجي عورت ڪردارن جي جذبن، دِلي ڪيفيتن، ڏک، سک، صبر، سهپ، سختين سهڻ جي هام ڀرڻ، مردن جو مَٽِ هئڻ، يقين ۽ عزم، پريت نڀائڻ ۽ قول تي قائم رهڻ، حب الوطني ۽ پنهنجي مارن جو مان مٿانهون ڪرائڻ کي ڳايو، سندس سورميون محبوب جي انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ مجسم سِڪَ جون پيڪر، فولادي ارادن واريون، عملي واٽ تي هلڻ واريون سونهن سوڀيا ۽ سچائيءَ جون شاهڪار، عشق جي اُساٽ ۽ وڇوڙي جي ويراڳ سان سِڪَ جو سمونڊ دِل ۾ سموهڻ واريون، اوسيئڙي ۽ آس ۾ نراس نه ٿيڻ واريون، رڻَ ۾ رُلندي ويرين سان مقابلو ڪرڻ واريون اعليٰ صفتن جو اهڃاڻ آهن، هُو ڪٿي سندس ڪوتاهي ٿو ڏسي ته پڻ درگذر ٿو ڪري ليلا کي سندس غلطيءَ تي هلڪي تنبيهه ٿو ڪري

ليلا لُڇ مَ ايترو اُٿي سور ٻُهار،

دِولو اڱڻ پار ڪانڌ ڪميڻيءَ آيو.

هُن وٽ سنڌي سماج جي عورت ذات ڪرداري طور مضبوط آهي، هوءَ صنف نازڪ نه، پر مردن جو مَٽِ آهي، هُو پَٽَ راڻين کي به نهٺائيءَ سان هلڻ جي صلاح ٿو ڏي ڇو جو لطيف سرمائيدارن، اميرن ۽ بادشاهن جو شاعر ڪانهي. هو غريبن، ڏتڙيلن، مجبورن ۽ بيوسن جو ڀرجهلو آهي، غريب ته وٽس فخر لائق ۽ ڳُڻن وارو آهي، مسڪينن جو حمايتي، هادي ۽ رهبر لطيف غريب دوست ۽ انساني اخلاقي قدرن ۽ انساني حقن جو حمايتي آهي، عورت ذات سان انياءُ ۽ سندس بي حيثيتي ۽ بي وقعتي کيس پسند ڪونهي انهيءَ ڪري هُن سمجهي ڪري پنهنجي رسالي ۾ ذڪر ڪيل سورمين توڻي ٻين سنڌي عورتن جي ڪرداري خوبين کي واکاڻيو آهي، سندن ڪرداري خاصيتن جي طاقت کي ايترو ته طاقتور ڪري پيش ڪيو آهي جو اهي امر ٿي ويا آهن، ڪلاسيڪل داستانن جا عورتاڻا ڪردار کانئن اڳ به سنڌي شاعريءَ ۾ پيش ٿيا هئا، پر لطيف سرڪار سندن مرتبي کي مانائتو ڪري ڇڏيو.

سسئيءَ جا ڏک ڏاکڙا سهڻ ۽ منزل مقصود پويان ڪاهي پوڻ جي جدوجهد کي شاهه لطيف امر بڻائي ڇڏيو. شاهه جي رسالي ۾ سسئيءَ جي باري ۾ سڄا سارا پنج سُر آهن. پُنهون لاءِ سندس لوچ پوچ ۽ ڪشالن ڪڍڻ کي همٿائيندي وري به اڳيان وڌڻ جي تلقين ڪندي چوي ٿو ته،

ويٺي وَر نه پُون، سُتي نه ملن سُپرين،

جي مٿي رَندن رون، ساڄن ملي تِنِ کي.

مارئيءَ جي حب الوطني ۽ ساڻيهه جي سڪ کي شاهه لطيف وطن پرستيءَ جو اهڃاڻ ڪري پيش ڪيو آهي تڏهن ته چوي ٿو ته “حيف تنين هوءِ وطن جن وساريو” هُو ليلا جي لالچ کي نندي ٿو ۽ نوريءَ جي نِهٺائيءَ کي واکاڻي ٿو ته سهڻي من موهڻي سورٺ جو پنهنجي وَرَ جي واعدي پاڙڻ ۾ ساهه صدقو ڪرڻ کي ساراهي ٿو. شاهه صاحب عورت جي جذبن جو قدردان آهي، نه فقط ستن سورمين جي معرفت، پر هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻين پڻ عورتن جو ذڪر ڪيو آهي. سُر سارنگ جون سُڪار لاءِ آسائتيون عورتون، سُر سامونڊيءَ جون وڻجاريون، سُر ڪاپائتيءَ جون ڪتڻ واريون، سُر ڪيڏارو جون عظيم بهادر عورتون مطلب ته شاهه لطيف عورت ذات جي احساسن کي اعليٰ درجي تي بيان ڪيو آهي. هُن پنهنجي سُورمين جا سور، درد ۽ سوز اهڙي ته انساني فلسفي سان پيش ڪيا آهن جو ڄڻ ته ڪائنات جو محور ئي عورت ٿي پئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ پيش ڪيل عورتون سادگي، سونهن، سچائي، عشق، جدوجهد ۽ جستجو سان گڏ سنڌي سماج جي شانائتي، اوسر جون امين آهن. اهي طالب نه، پر مطلوب آهن جن جو مقصد عظيم منزل مقصود تي پهچڻ آهي.

هئه ٿو وڃي هوت، آئون ڪي اڳڀري ٿيان،

متان چوي بلوچ، ڪميڻيءَ مان ڪين ٿيو.