بلاگنئون

علي صفدر- بيماريءَ جي بستر تي ثقافت کاتي جي واھر لاءِ واٽ نھاري رھيو آھي

انتھائي افسوس آهي ته علي صفدر لفظن جو جادوگر احساسن جو جذبن جو خوبصورت شاعر اڄُ ھڪ موذي مرض ڪينسر ۾ مبتلا ٿي بستر ڀيڙو آھي ۽ مدد لاءِ واٽون نھاري رھيو آھي. سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد مقام رکندڙ شاعر ناول نگار اديب ڪھاڻيڪار چئن ڪتابن: (1) ھوا کي ننڊ ناهي (شاعري) 2007ع. (2) مڌ جا رھيل رنگ (شاعري) 2010ع. (3) ماڻهو ھڪ جھنگل آ (ناول) 2017ع. (4) اي واءِ اسٽوڊيو (ناول) 2023ع)، ڪجھ گڏيل ڪتابن ۾ پڻ شامل مواد جو مالڪ ۽ ڪجھ اڻ ڇپيل ڪتابن جي مالڪ جيڪي ھن اڃان پنھنجي ھڙ ۾ سانڍي رکيا آھن، تن سمورين تخليقن جو مالڪ ايئن کڻي چئجي ته چار انمول ڪتاب سنڌيءَ ادب کي ارپيندڙ اڄ ڪينسر جهڙي موذي مرض سان وڙهي رهيو آهي. سندس تخليق ۾ جيڪو جذبو ۽ سچائي پڙھندي ھيل تائين ملي آهي، اهو ئي عزم کيس هن موذي مرض سان مقابلو ڪرڻ جي سگهه ڏئي رهيو آهي. ھن جون اکيون واٽ واجھائين ٿيون ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ وسوارن کي اپيل ڪندس ته ھن جي وقت سر سار لھي سندس جيون بچايو ھو اھڙو ته نرالو تخليقڪار ذھن رکندڙ آھي جنھن نثر توڙي نظم ۾ پنھنجو مٽ پاڻ آھي، سندس ڪوبه مت ڀيد ناھي، ھو بلڪل الڳ ٿلڳ منفرد آھي سندس شعر ۽ شاعري مان اندازو لڳايو ته ھو ڇا آهي ھن جا حوصلا سندس لکڻين ۾ واضح چٽي ڇڏيا آھن، سندس ھر درد جي دوا ھن پنھنجي قلم کي سمجھي قلم کي ئي پنھنجو قل سرمايو سمجھي ننڍي وڏي مزدوري ڪري پنج سئو ھزار ڪمائي وقت گذاريو، پر سندس لکڻ ۾ احساسن جذبن کي پوئڻ ۾ ڪوبه گذارو ناھي ڪيو. سندس ھر خيال، غزل، گيت، وائي، بيت، ڪھاڻي تروينو ناول لاجواب کان لاجواب لکيا اٿائين جن کي پڙھندي ڌڙڪندڙ دل ڄڻ ته رڪجي وڃي ھڪ عجب ئي سرور من کي مدھوش ڪري ڇڏي ۽ ماڻھو سندس جي لکڻي يڪ ساھي پڙھي اچرج ۾ اچيو وڃن.

ھن پنھنجي زندگيءَ جي ھر وهنوار کي تلخين، بي رخين، وڇوڙن، خزائن جي عڪس کي پنھنجي غزل ۾ چڱيءَ ريت ظاھر ڪيو آھي:

جئن لکي قسمت- قلم، منظور ٿم

تون ئي ڏين ٿي تنھنجو غم، منظور ٿم

مان نه ھان ابليس وانگر مدعي

تنهنجي آدم جو عدم، منظور ٿم

مان رخي مانيءَ لئه آھيان دربدر

ھي خدا تنھنجو ڪرم، منظور ٿم

آنء پيلا رنگ پائيندس وڃي

ھي جدائي جو نظم، منظور ٿم.

ھو اڄ به وڙھي رھيو آهي زندگيءَ سان ۽ اڳ ھو وڙھندو رھندو ھو پنھنجي بيروزگاريءَ سان زماني جي بيرخي سان مايوسين سان منھن ڏيندي. اسان جي دعا ته مالڪ سائين کيس ھن بيماري مان جان ڇڏائيس ۽ ھو جلدي صحتيابي ماڻي، وري نئين سري سان تخليقون سرجي محبتن احساسن جا ھن انڌيرن ۾ ڪي نوان ديپ ٻاري اونڌارا روح روشن ڪري. علي صفدر سنڌي شاعري جي دنيا جو هڪ نامور نالو، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ سرتي ۽ ڌرتي سان محبت ۽ وابستگي کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو. هن جي شاعري صرف لفظن جو مجموعو نه، پر خوبصورت احساس جذبات مايوسي مفلسي انساني وهنوار ثقافت، روايتن ۽ سنڌي ماڻهن جي جذبات جو آئينو آهي. علي صفدر جو ڪلام سادگي ۽ خلوص سان ڀرپور آهي، جيڪو دلين تائين پهچڻ جي صلاحيت رکي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ سنڌي سماج، ماڻهو، ماحول ۽ روز مره جي زندگيءَ جا رنگ اجاگر ٿين ٿا، جيڪي پڙهندڙ کي پنهنجي زندگي جا عڪس ڀانئجن ٿا ھن جي شاعري ۾ سنڌي شاعريءَ سان محبت جو احساس ڏيارين ٿا.

علي صفدر شاعريءَ سان گڏوگڏ نثر نويس ڪالم مضمون نگار ڪھاڻيڪار ناولسٽ پڻ آھي. سندس خوبصورت ناول ماڻھو ھڪ جھنگل ٻوڏ 2010 جي پسمنظر ۾ لکيل خوبصورت ناول پڻ سنڌي ادب جو حصو آھي جنھن ناول کي پڙھڻ سان پڙھندڙ جي دل ڪتاب بند ڪرڻ نه چاھيندي آھي ۽ يڪ ساھي ڪتاب پڙھڻ تي مجبور ڪندي آھي. ايئن سندس ٻيا ڪتاب شاعريءَ ۾ ھوا کي ننڊ ناھي، رھيل مڌ جا رنگ جي شاعريءَ جا ڪتاب آھن جن ۾ به ھن پڙھندڙن کي خوب متوجهه ڪري رکيو آھي. ھن ڪيترائي ڪالم، مضمون، تحقيقي، تاريخي، فني، فقري موضوعن تي مضمون پڻ لکيا آھن، جيڪي پڻ تاريخ جو حصو آھن. سندس ڪھاڻيون پڻ شاندار آھن جن ۾ محبوب جو ميلاپ ھجي، وڇوڙو ھجي، رنج رسامو ھجي، چڙ، نفرت، قرب، پيار، وشواس ھجي يا بيوفائي ھر ڪردار خوب پنھنجي قلم سان نکاري سينگاري سنواري پڙھندڙ اڳيان پيش ڪيو آهي. علي صفدر پنهنجي شاعريءَ ۾ سرتيءَ (عورت) جي جذبن، احساسن ۽ ان جي زندگيءَ سان جڙيل مشڪلاتن کي خوبصورتيءَ سان بيان ڪري ٿو. هن عورت کي صرف محبت جي علامت طور نه، پر هڪ مضبوط، باوقار ۽ قربانيءَ جي نشان طور پيش ڪيو آهي. علي صفدر جي شعرن ۾ عورت جي زندگيءَ جا سمورا پهلو، سندس خوشيون، غم ۽ قربانيون ڏسي سگهجن ٿيون. هن جي شاعريءَ ۾ سرتيءَ کي عزت ۽ احترام ڏنو ويو آهي ۽ ان جي اڻ کٽ قربانين کي امر ڪري ڇڏيو آهي. ھو پنهنجي ڌرتيءَ سان ڀرپور محبت رکندڙ آھي ۽ ان محبت کي پنهنجي شعرن ۾ وسعت سان بيان ڪري ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو، واهن جي رواني ۽ ماڻهن جي خلوص جو اظهار ملي ٿو. علي صفدر جي لفظن ۾ ڌرتيءَ سان عشق جو جذبو واضح طور نظر اچي ٿو ۽ هن پنهنجي ڪلام ذريعي پنهنجي پڙهندڙن ۾ پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جو جذبو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ھو زماني جي پر سوز لمحن، مايوسي، مفلسي ۾، نراسائي جي ڪن ۾ جڏھن گھوتا کائيندو ھو ۽ جڏھن ڪا آس نراس ٿيندي ڀائيندو ھو تڏھن ھن جو قلم جوش ۾ اچي لکندو ھو:

اڳيان اسان جا لاشا، پٺ تي سماج آهي

سگريٽ جيئن سڙي ٿو، مٺ تي سماج آهي

ته وري ڪنھن وقت جڏھن لوڪ ھڪ ٻئي کي عيد مبارڪ چوڻ ۾ مصروف ھجي تڏھن صفدر جو قلم ھھڙو شاھڪار نظم سرجي وٺي:

سيدو سود ته ڪونهي گھر ۾

ڪجھ موجود ته ڪونهي گھر ۾

بک جو پيٽ يا، ڏک جو پاڇو

اڄ محدود ته ڪونهي گھر ۾

تنھنجو ھاڻ، پکي پرڏيھي!

ڪوبه وجود ته ڪونهي گھر ۾

آئون کڻي ويندو ھان اڪثر

پيڙائن جي روز پٺارڪ

ڏاڏا! توکي عيد مبارڪ!

علي صفدر پنھنجي اک سان ڏٺل ھر منظر درد اندر جو اونو اھڙو ته پنھنجي شاعري ۾ اوڙيو آهي جو ھر سٽَ پڙھندڙ کي مھو ڪري ڇڏي ٿي پڙھندڙ ھن جي شاعريءَ جي سحر مان آجو ئي نه ٿئي ھن پنهنجي شاعريءَ ۾ سماج جي مختلف معاملن تي به روشني وڌي آهي. هن پنهنجي ڪلام ذريعي سماجي ناانصافين، طبقاتي فرق ۽ ٻين اهم مسئلن کي بيان ڪيو آهي. سندس شاعريءَ ۾ سماجي شعور جو نمايان نقشو موجود آهي، جيڪو ماڻهن کي پنهنجي حقن لاءِ اٿڻ، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿو. سندس شاعريءَ جي خوبصورتي، اسلوب، پيغام، امن ۽ اولين صنف انسان جي لاءِ جھالت، جھيڙي ۽ ڪتاب جي درس کي ڪھڙي طرح بيان ڪري ٿو ھڪ نظر ھي نظم جو بند پڙهي ڏسو:

نانيءَ پڙھايو جيڪو

سو آ نصاب ھٿ ۾

ماڻهن کنيون ڪھاڙيون

مون کي ڪتاب ھٿ ۾

ور ور ورائي بيھان

اٿلي ورق پوي ٿو

توتي نه ٿو پوي پر

مون تي فرق پوي ٿو

علي صفدر جي شاعري ۾ سادگي ۽ خلوص جو عجيب ميلاپ آهي. هن پنهنجي لفظن ۾ نه صرف جمالياتي حسن پيدا ڪيو آهي، پر سلاست تسلسل ۽ رواني به آهي، جيڪا سندس شاعريءَ کي هر پڙھندڙ لاءِ قابل فهم ۽ دلپذير بڻائي ٿي. سندس شاعريءَ جو اسلوب منفرد ۽ مؤثر آهي، جيڪو پڙهندڙ جي دل کي ڇهي ٿو. علي صفدر جو ڪلام سنڌي ادب ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. سندس شاعري سنڌ جي ماڻهن جي احساسن ۽ جذباتن جو ترجمان آهي، جيڪا پڙهندڙن کي پنهنجي ثقافت ۽ روايتن سان جوڙي ٿي. علي صفدر نئين نسل لاءِ هڪ تحفو آهي، جنهن جي ذريعي هو پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت محبوب سان محبت ٻولي سان پيار سبق سيکاري ٿي، ھو ھميشه کان مٿ ڀريو انسان رھيو آھي يارن جو يار دوستن لاءِ ھمت بڻجي سندن ساٿ نڀائيندو رھيو اڄ ھن کي بيماري بستر ڀيڙو ڪيو آھي جيڪو سدائين پنھنجي من پسند محبوب دوستن جي ٻاري جوڙي ويٺو دل جي حسرتن، ارمانن، امنگن تي لکندو رھندو ھو اڄُ ھو سنڌ ڪلچر ڊپارٽمينٽ کان ويندي سنڌ سرڪار جي راھ ڏسي رھيو آهي. اسان پڻ اھو مطالبو ٿا ڪريون سنڌ ثقافت کاتي کان ته مھرباني ڪري جلد کان جلد ھن سھڻي ڪوي جو علاج ڪرائي سندس جان سان گڏ ھڪ انمول تخليقڪار بچائي. علي صفدر هڪ اهڙو شاعر آهي جنهن پنهنجي شاعريءَ ذريعي ھر احساس کي نرالي انداز ۾ خوبصورت عام فهم تشبيھن سان بيان ڪيو آھي جو هو سدائين پنهنجي ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جو عاشق رهندو. سندس شاعري سنڌي ثقافت جي هڪ اهم عڪاسي آهي ۽ سندس لفظن ۾ سادگي، خلوص ۽ انسانيت جو پيغام آهي. ان ڪري وسوارن کي سندس جي مدد لاءِ اپيل ڪجي ٿي.

***