جديد دور کي جيڪڏهن انساني تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته دور سڏجي ته شايد غلط نه هوندو. سائنس، ٽيڪنالاجي، معاشيات ۽ ڄاڻ جا در کليل آهن. انسان ڪائنات جي رازن کي سمجهڻ جي دعويٰ ڪري ٿو، پر انهن سڀني ڪاميابين جي باوجود جديد انسان جي اندر هڪ اهڙو خلا موجود آهي جيڪو هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ گهرو ٿيندو وڃي ٿو. هي خلائي ويڳاڻپ آهي. هڪ اهڙي داخلي حالت آھي جنهن ۾ انسان پاڻ سان، سماج ۽ پنهنجي خالق سان ڪٽيل محسوس ڪري ٿو. فلسفياڻي نقطهءِ نگاهه سان ڏٺو وڃي ته ويڳاڻپ ڪا عارضي ذهني ڪيفيت نه آهي. جڏھن ته اها جديد انسان جي مجموعي وجودي بيماري آهي. اهو الميو صرف غريبن ۽ اميرن جو نه، پر اهو الميو سڄي جديد تهذيب جو گڏيل الميو آهي. ويڳاڻپ رڳو اڪيلائيءَ جو ٻيو نالو ناهي. اڪيلائي انسان جي جسماني حالت ٿي سگهي ٿي، پر ويڳاڻپ سندس روحاني حالت آهي. ماڻهو ميڙ ۾ هوندي به ويڳاڻو ٿي سگهي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن مڪمل اڪيلائيءَ ۾ به پاڻ کي ڀرپور محسوس ڪري سگهي ٿو. ويڳاڻپ دراصل انسان جي پنهنجي وجود کان پري ٿيڻ جو نالو آهي. اهو احساس ته “مان هتي آهيان، پر مون کي خبر ناهي ڇو.” وجودي فلسفين جهڙوڪ سارتر ۽ ڪاميو انسان جي هن داخلي تڪليف کي بي معنويت سان جوڙي بيان ڪيو. جديد انسان وٽ سڀ ڪجهه آهي سواءِ ڪنهن يقين، ڪنهن آخري سچ ۽ ڪنهن ابدي مقصد جي. قديم سماجن ۾ انسان کي سڃاڻپ مذهب، خاندان، قبيلي ۽ ثقافت مان ملندي هئي. انهن قدرن انسان کي ٻڌي رکيو ٿي. هو ڪنهن وڏي ڪهاڻي جو حصو هو. جديد دور ۾ اهي سڀ قدر آهستي آهستي ڪمزور ٿي ويا آهن. فرد آزاديءَ جي نالي ۾ هر ٻنڌڻ ٽوڙي ڇڏيو، پر ساڳئي وقت هو پاڻ کي بي روح آزاديءَ جي صحرا ۾ اڪيلو بيٺل ڏسي رهيو آهي. جديد تهذيب انسان کي اهو سيکاري ٿي ته ڪاميابي دولت، حيثيت ۽ طاقت ۾ آهي. انسان پنهنجو سمورو وقت ڪمائڻ، گڏ ڪرڻ ۽ ڏيکارڻ ۾ لڳائي ڇڏي ٿو، پر جڏهن رات جو هو اڪيلو پنهنجي ڪمري ۾ ويهي ٿو تڏهن اهي سڀ شيون کيس اهو جواب نٿيون ڏئي سگهن ته هو ڪير آهي؟ ٽيڪنالاجي انسان کي دنيا سان ڳنڍڻ جو دعويٰ ڪندي آهي، پر حقيقت ۾ هن انسان کي حقيقي جذبن کان پري ڪري ڇڏيو آهي. اسڪرينن تي ڳالهين جو گوڙ آهي، پر دل سان ڳالهائڻ جي خاموشي غائب آهي. آن لائين موجودگي وڌي آهي، پر انساني موجودگي گهٽجي وئي آهي. جديد انسان کي هر وقت پاڻ کي ثابت ڪرڻو پوي ٿو. هو پاڻ کي ٻين سان ڀيٽي ٿو مقابلي ۾ پاڻ کي گهٽ يا وڌ سمجهي ٿو. اهڙي زندگيءَ ۾ انسان پنهنجي اصل فطرت وڃائي ويهي ٿو ۽ هڪ مشيني وجود ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. معاشي خوشحالي انسان کي آسائش، تحفظ ۽ طاقت ڏئي سگهي ٿي، پر اها روحاني خلا کي نٿي ڀري سگهي. جيڪڏهن دولت ئي ڪافي هجي ها ته امير سماجن ۾ ذهني بيماريون ايتريون عام نه هجن ها. دولت سوالن کي دٻائي ٿي، پر انهن جا جواب نٿي ڏئي. ذهني آسودگي انسان کي پاڻ سان ڳالهائڻ سيکاري ٿي. نفسيات، مراقبو ۽ فڪري سڪون انسان کي تڪليف سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿا، پر جيڪڏهن ذهن کي ڪا آخري معنويت نه ملي ته اها آسودگي به عارضي ٿي وڃي ٿي. مذھبي عقيدو انسان کي فقط عبادت تائين محدود نٿو ڪري، پر اهو انسان کي ڪائنات جي وڏي ترتيب سان جوڙي ٿو. خدا سان تعلق انسان کي ٻڌائي ٿو ته هو اڪيلو ناهي سندس درد ڏسڻ وارو ڪو آهي ۽ سندس زندگي بي مقصد ناهي. مذهب انسان کي اميد ڏئي ٿو، صبر سيکاري ٿو ۽ ٻين انسانن سان همدردي پيدا ڪري ٿو. اهو فرد کي سماج سان جوڙي ٿو ۽ ويڳاڻپ جي ڀت کي آهستي آهستي ڊاهي ڇڏي ٿو. جديد انسان جي ويڳاڻپ جو ڪو هڪڙو سادو حل ناهي. هي هڪ گهرو وجودي مسئلو آهي. جنهن جو حل به گهرو هجڻ گهرجي. معاشي خوشحالي جسم لاءِ ضروري آهي، ذهني آسودگي ذهن لاءِ اهم آهي ۽ مذھبي عقيدو روح لاءِ لازمي آهي، پر جيڪڏهن روح خالي آهي ته جسم ۽ ذهن ٻئي ٿڪجي پون ٿا. ان ڪري چئجي ته جديد انسان جي ويڳاڻپ جو سڀ کان مضبوط علاج معنويت آهي ۽ معنويت جو سڀ کان سگهارو سرچشمو مذھبي عقيدو آهي. جڏهن انسان پنهنجي خالق سان پنهنجي وجود سان ۽ ٻين انسانن سان ٻيهر جُڙڻ سکي ٿو تڏهن ئي جديد دور جو هي ويڳاڻو انسان وري انسان بڻجي سگهي ٿو.