يوم تڪبير هر سال 28 مئي تي ملهايو ويندو آهي ۽ هي اهو يادگار ڏهاڙو آهي، جڏهن پاڪستان دنيا جي سامهون پهرين اسلامي ايٽمي طاقت بڻجي اڳيان آيو هو. ڀارت جي ايٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي دور حڪومت ۾ پاڪستان 28 مئي 1998ع تي بلوچستان جي علائقي چاغي جي مقام تي 5 ڪامياب ايٽمي ڌماڪا ڪيا، جنهن کانپوءِ هن ڏينهن کي يوم تڪبير جي نالي سان ياد رکيو ويندو آهي. هنن ائٽمي ڌماڪن دشمن ملڪ هندستان جي برتري جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، ان سان گڏ، پاڪستان ائٽمي طاقت ۾ دنيا جو ستون نمبر ۽ اسلامي دنيا جو پهريون ائٽمي ملڪ جو اعزاز حاصل ڪيو. ان ائٽم جي طاقت هندستان جي 43 ڪلو ٽن جي مقابلي ۾ پاڪستان 50 ڪلو ٽن ائٽم بم جو ڪامياب تجربو ڪيو. هندستان 11 مئي 1998 تي هڪ Nuclear Fission (ايٽم بم) ٿرمونيو ڪليئر ڊيوائس جو تجربو ڪيو هو، انهن تجربن بعد ايٽمي (هائيڊروجن) ۽ نيوٽران بمن جا ڌماڪا ڪيا جنهن پاڪستان جي سلامتي ۽ آزادي لاءِ خطرا پيدا ڪيا هئا ۽ علائقي ۾ طاقت جي بدلجندڙ توازن هندستان ڏانهن وڌي ويو ائين سندس جارحاڻي خواهشن جي تڪميل جو رستو هموار ٿي چڪو هو. ان جارحيت کي روڪڻ لاءِ، نه رڳو پاڪستاني عوام، پر اسلامي دنيا پڻ مايوس ٿي چڪي هئي، پر پاڪستان همت نه هاري، ڇو ته سڀ کان وڌيڪ دٻاءُ پاڪستان نواز حلقن طرفان هو ته پاڪستان کي به ايٽمي تجربو ڪرڻ گهرجي ۽ هندستان کي مناسب جواب ڏيڻ گهرجي. پاڪستان جي هن قدم کي آمريڪا ۽ يورپ جي حمايت حاصل نه هئي. اهوئي سبب هو جو ان وقت جي آمريڪي صدر ڪلنٽن، برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر ۽ جاپاني وزيراعظم موٽو پاڪستان تي دٻاءُ وڌو ته هو ايٽمي ڌماڪو نه ڪري، ٻي صورت ۾ ان تي سخت ترين پابنديون لاڳو ڪيون وينديون. ٻئي طرف، هندستان جي دشمن سرگرمين جي صورتحال اهڙي هئي جو ايٽمي ڌماڪو ڪرڻ کان علاوه، هندستان ڪشمير ۾ ڪنٽرول لائين تي فوجون به مقرر ڪيون هيون. انهيءَ ڪري، پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ جنگ جو حقيقي خطرو پيدا ٿي ويو.