ڪهاڻي: تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟
ليکڪ: اشرف شاد
”حفيظ تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟“
”ڇو؟“
”دوستن جي عمر جو حساب ڪتاب رکڻ گهرجي“.
”عمر چاليهن کان مٿي ٿي وڃي ته پڇڻ بدتميزي آهي“.
”عورتن جي لاءِ!“
”ايڪيهين صديءَ ۾ عورتون ۽ مرد سڀ برابر آهن، مرڳو مرد عورتن کان به چٽ ٿي ويا آهن. عمر کي لڪائڻ لاءِ ڪي ته هاڻي ميڪ اپ پڻ ڪرڻ لڳا آهن“.
”ڇا تون به ؟“
”آئون؟ ها ها ها….. منهنجي لاءِ ته زال جي ميڪ اپ جو خرچ ئي ڪافي آهي“.
”پوءِ ٻڌاءِ!“
”عمر ٻڌائي نه محسوس ڪئي ويندي آهي، جڏهن هڏيون ٺڪاءُ ڏيڻ ۽ ڀرُڻ لڳن ۽ بدن جي کَلَ ٿيلهي جيان ڪريل هجي ته پوءِ سمجهه زوال جو موسم اچي ويو آهي“.
”پوءِ به!“
”مئٽرڪ جي سرٽيفڪيٽ ۾ 1949ع لکيل آهي، پر بابا ٻه سال وڌيڪ لکرايا سمجهه 48 سال“.
”اهي ته گذريل سال آهن.“
” ته پوءِ عمر ٻيو ڇا ٿيندي؟“
”زندگيءَ جا ڪيترا سال باقي آهن عمر انهيءَ کي چوندا آهن“
”تون شايد نئين ڳالهه ڪري ڇرڪائڻ چاهين ٿو!“
”ڳالهه نئين ڪانهي، جيڪا عمر تون ڪٽي آيو آهين اها ته توکي ڄاڻ آهي ۽ ٻين کي به خبر آهي، ڪيترا سال اڃان باقي بچيل آهن، اصل عمر اها آهي“.
”اها خبر ڪنهن کي آهي فقط خدا کي يا توکي به؟“
”ڏينهن ۽ مهينن جي ته ڄاڻ ڪونه اٿم، پر سالن جو ٻڌائي سگهان ٿو“
”نجومت سان؟“
”نه !! سراسري عمر جو حساب ڪڍي فقط ماڻهوءَ جو حساب (ارٿميٽڪ) سٺو هئڻ گهرجي“
”اڙي! آرڪميڊز جا پيءُ لڳائي منهنجي عمر جو حساب“.
”تون پاڪستان کان جڏهن آسٽريليا آيو هئين تڏهن تنهنجي عمر ڪيتري هئي“
”پنجويهه ورهيه“
”مطلب ته پاڪستان ۾ تون پنجويهن سالن تائين رهيو هئين جتي مَردن جي سراسري عمر گهڻي ۾ گهڻي ته ٽيهٺ سال آهي تقريبن ايترائي پنجويهه سال تون آسٽريليا ۾ رهيو آهين، جتي جي مردن جي سراسري عمر اسي سال آهي، ان حساب سان هاڻي تنهنجي سراسري عمر ٻاهتر سال بيهي ٿي“.
”بهترين!! واهه ڇا ته تجزيو ڪيو اٿيئي!“
”نه بيهه!“
”ڇو ڇا ٿيو؟“
”تنهنجي ڏاڏاڻڪي ۾ مردن جي سراسري عمر ڪيتري رهي آهي، مطلب تنهنجو پيءُ، ڏاڏو، چاچو انهن جي ڪيتريءَ عمر ۾ وفات ٿي؟“
”بابا اٺهٺ سالن جي عمر ۾ ويو، هڪ چاچو ڇاهٺ ٻيو ٻاهٺ سالن جي عمر ۾ فوت ٿيو، پر اها اُن جي طبعي موت ڪونه هئي، زمينداريءَ جي جهڳڙي ۾ قتل ٿيو هو، ان وقت ان جي عمر …..“
”انهيءَ چاچي جي عمر جي ضرورت ڪونهي“
ڏاڏي جي وفات وقت ستهٺ سال عمر هئي ۽ پڙ ڏاڏو اٺونجاهه سالن جي عمر ۾ الله وٽ هليو ويو. ان کان پويان جو شجرو مون کي خبر ڪونهي“.
”ايترو گنج آهي، هاڻي مون کي سراسري عمر ڪڍڻ ڏئي“ اٺهٺ، ڇاهٺ، ستهٺ، ۽ اٺونجاهه تقريبن سراسري عمر ٿي چوهٺ سال“
”مطلب منهنجي عمر اٺ سال گهٽ ٿي وئي؟“
”جلدي نه ڪر! حساب اڃان ڪرڻو آهي، جتي تون رهين ٿو. اتي جي رهائش جي حساب سان تون سراسري طور ٻاهتر سال حيات رهي سگهين ٿو، پر خانداني يعني جينز جي حساب سان سراسري چوهٺ سال ڪل ملائي وري به سراسري عمر اٺهٺ سال بيهي ٿي“.
”يار ڳالهه ٻڌ! منهنجي لاءِ اهو گنج آهي رب ڪريم اٺهٺ سال حيات رکي ته به ان جي وڏي مهرباني خوش ڪري ڇڏيئي!“
”نه بيهه!“
”وري ڇا ٿيو؟“
”دراصل تنهنجو زندگي گذارڻ جو ڍنگ ۽ چال چلن سٺو آهي، سگريٽ تون ڪونه ٿو پيئينءِ نه شراب کي هٿ ٿو لڳائين جيستائين مون کي خبر آهي ته زال به توکي هڪڙي آهي، وڌيڪ هِتي هُتي نٿو رُلين شهر کان ٻاهر رهڻ جي ڪري ماحولياتي مسئلن ۾ پڻ ڦاٿل ڪونه آهين!، ڇا ورزش ڪندو آهين؟“
”هفتي ۾ ٽي ڏينهن ٽريڊ مل تي، اڌ ڪلاڪ!“
”ڊگهيءَ عمر جي قانون مطابق انهيءَ ريت تنهنجي عمر ۾ ڏهه سال واڌارو ممڪن آهي مطلب ڪل ملائي اڻهتر سال“.
”زندهه باد واهه ڙي منهنجا چيتا دِل خوش ڪري ڇڏيئي!“
پر تنهنجو کاڌو صحت بخش ڪونهي ڀُڳل ۽ چرٻيءَ وارا گوشت، پلاءُ، مکڻ، ملايون اُڦراٽا، ان حساب سان وري پنج سال گهٽ ٿيڻ گهرجن تنهنڪري هاڻي ڪٿي پهچنداسين“
حفيظ منهن ڀِيلو ڪري چيو، ”ٽيهتر سال!“
”پروري ٻڌ! جيڪڏهن وطن جي محبت ۾ رٽائر ٿي، پاڪستان هليو وئين ته پوءِ اُتي جي ڊاڪٽرن جو علاج تنهنجي عمر کي ٽي سال گهٽ ڪري ڇڏيندو وري ستر سالن تي هليو ويندين، جيڪڏهن پيري آسٽريليا ۾ گذاريئي ته پوءِ هتان جو ميڊيڪل سسٽم توکي ٽي چار سال وڌيڪ ڇڪي ويندو. ڪنهن اولڊ ايج هوم ۾ رهڻ هليو وئين ته پوءِ اُتي جو لائف اسٽائيل ٻيا به ٻه ٽي سال تو ۾ ساهه وجهندو. سمجهه ته پيريءَ ۾ آسٽريليا ۾ رهڻ سان تون اٺهتر سال جِي سگهين ٿو، بس هڪ يا ٻه هيٺ مٿي ٿي سگهن ٿا.
”مون کي وطن جي محبت ۾ عمر جا ڏهه سال ڪونهن وڃائڻا. آئون هتي ئي ٺيڪ آهيان باقي اولڊ ايج هوم ۾ ڪونه ويندس، ڀلي ٻه سال گهٽ ٿين گهر جو اهو کاڌو پيتو ڪونه ڇڏيندس“.
”مهرباني ڪريم ڀاءُ تو مونکي سٺي آٿٿ ڏني، هڪڙو فڪر ضرور هئم ته ٻن سالن ۾ پنجاهه جو ٿي ويندس ان کانپوءِ بونس جا اٺ سال مَسَ آهن. بس، پر هاڻي ته خوش ٿي ويس،
”هن کان اڳ آئون ڊاڪٽر جي هڪ مذاقي ڪردار وانگر هئس جنهن وڏيءَ عمر جي هڪ مريض کي کِلَ ۾ چيو ته ”تون سگريٽ ڪونه ٿو پيئين شراب نٿو واپرائين، محبوبه نٿو رکين پوءِ زنده ڇو آهين؟“
”منهنجو خيال آهي ته مون کي شراب شروع ڪرڻ گهرجي شايد مئخاني ۾ ڪا محبوبه به ملي وڃي“. حفيظ چوڻ لڳو.
”پر پوءِ زندگيءَ جي سراسري هڪدم گهٽجي ويندئي“
”مقدر هوندو ته! چڱو آئون هلان ٿو“.
”عيش ڪرڻ؟“ ڪريم سواليه نموني پڇيس
”نه زال کي اها بُري خبر ٻڌائڻ ته هُن جي جلد بيواهه ٿيڻ جو ڪو به امڪان ڪونهي! هاهاها….“
ڪريم نصيحت ڪندي چَيس ”اڙي ايئن نه چئو، آئون ڀاڀيءَ کي سڃاڻان ٿو، جيڪڏهن هوءَ هندو مذهب جي هجي ها ته تنهنجي ڊگهيءَ عمر لاءِ روز روزا رکي ها!“
”تون به هل، رستي ۾ توکي ڊراپ ڪري ڇڏيندس“.
نه حفيظ اڄ نه! اڄ ٽرين ۾ ويندس آرام سان هڪ ٻيو ڪافيءَ جو ڪوپ پي، مون کي پنهنجيءَ عمر جو پڻ سراسري حساب لڳائڻو آهي.
”پنهنجي عمر جي وڌڻ جي خوشيءَ ۾ بل اڄ آئون ڏيندس. حفيظ بيري ڏينهن منهن ڪري سڏڻ لڳو،
بيرا!….“
بيري کي ڪريم جي ڪافيءَ جا پئسا ڏيئي هن موڪلايو،
”خدا حافظ“
”الله حافظ!“
ٻئي ڏينهن سُريش جيئن ئي ڪافي شاپ ۾ داخل ٿيو، ڪريم اڳ ۾ ئي اتي موجود هو. کيس ڏسي چوڻ لڳو،
”ڪريم! اڄ اڪيلو ڪافي پي رهيو آهين؟“
”اچ! سريش اچ ويهه، آئون حفيظ جو انتظار پيو ڪريان، اڄ هُو شايد دير تائين ڪم ڪري رهيو آهي“
”حفيظ؟ توهان جو دوست جيڪو ويسٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندو آهي؟“
”هاها اهوئي! ڇو ڇا ٿيو؟“
”توهان کي ڪونهي خبر؟“
”ڪهڙي خبر؟ ڇا ٿيو؟“
”هو ڪلهه شام جو ٽريفڪ حادثي ۾ وفات ڪري ويو، مون هاڻي هاڻي خبرن ۾ ڏٺو آهي“
”ڇا؟“
”سامهون کان ايندڙ ٽرالر ڪنٽرول مان نڪري سندس گاڏيءَ سان لڳو گاڏي سڄي تباهه ٿي وئي ۽ حفيظ انهيءَ مهل ئي موقعي تي پورو ٿي ويو“
”او منهنجا خدا!!“
”آئي ايم ساري! توهان هميشه ان کان لفٽ وٺندا هئا، ڀڳوان جي ڪِرپا سان اوهين انهيءَ گاڏيءَ ۾ ڪالهه ڪونه هئا“
”منهنجي عمر جو حساب اڃا تائين ٺيڪ آهي“
ڪريم چپن ۾ ڀُڻڪيو
”عمر جو ڪوبه حساب ڪونهي ڀاءُ ڪريم ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڀڳوان ڪڏهن ۽ ڪٿي کيس مٿي کڻي وٺي.
ڪريم وري چپن ۾ چوڻ لڳو
”ها شايد! بس ڪڏهن ڪڏهن ڪا فائيل جلدي بند ٿي ويندي آهي.
هڪدم سُريش ڏانهن متوجهه ٿيندي چيائين،
”ٻڌ، سريش! تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟“
***

