نئون

نيرو هيرو زمين جي گهراين ۾ دفن رازن تان پردو هٽائيندو

آمريڪا اندر سائنسدانن جي هڪ ٽيم پاران نيري هيري تي ڪيل پنهنجي تحقيق پيش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو نيرو هيرو زمين اندر 410 ميل جي اونهائي ۾ ملندو آهي ان جڳهه کي مينٽل چيو ويندو آهي ۽ ان جاءِ تي معدنيات جا ڪجهه ٽڪرا ڦاسي پوندا آهن. انهن معدنيات ۾ هڪ خاص دٻاءُ ڪري هيرا پيدا ٿي پوندا آهن جنهن ۾ ڪارون جي قلمن جو هڪ خاص ڪردار هوندو آهي. هن هيري جي خاص ڳالهه اها به آهي ته هي زمين اندر 410 ميلن جي اونهائي ۾ هوندو آهي. جڏهن ته ٻيا هيرا جنهن تي هيستائين تحقيق ڪئي وئي آهي اهي صرف 125 ميل جي اونهائي تي ملندا آهن. ان ڪري هي نيرو هيرو وڏا راز کولي سگهي ٿو. هن هيري ۾ بورون نالي هڪ خاص عنصر به ملندو آهي جيڪو لکين سال اڳ سمنڊ جي پاڻي ۾ ملندو هو. ان تي تحقيق مان زمين جي بحري ۽ بري حصي تي تحقيق ۾ مدد ملندي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هن هيري کي عام شيءِ نه سمجهيو وڃي هي زمين جي بناوٽ جي باري ۾ هڪ وڏي معلومات ڏيئي سگهي ٿو.