ٽريفڪ جي گوڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ بيريئر تيار
هاءِ وي، جي آسپاس موجود گهرن ۾ ٽريفڪ جو تمام گهڻو آواز ايندو رهندو آهي. هاڻي سائنسدانن اهڙو بيريئر تيار ڪيو آهي جنهن سان ان آواز کي 90 سيڪڙو تائين گهٽائي سگهجي ٿو. هن کان اڳ ۾ به اهڙا تجربا ڪيا ويا آهن جن ۾ ڪانڪريٽ جون ڀتيون تيار ڪيون وينديون هيون. ان کان علاوه اهڙا بيريئر ٺاهيا ويندا هئا جن ۾ سوراخ ڪري آواز کي روڪيو ويندو هو پر هاڻي اهڙا بيريئر تيار ڪيا ويا آهن جن جي مدد سان آواز کي 90 سيڪڙو گهٽائي سگهجي ٿو. هن طريقي ۾ 3 قطارن ۾ پليٽن کي اهڙي نموني لڳايو ويندو جو اهي آواز کي گهٽ ڪري ڇڏيندا.