ڪنور رام محبت، امن، ڀائيچاري ۽ خدمت جو اهڙو استعارو هو، جنهن کي نه رڳو سنڌ، پر سڄي هندستان ۾ عزت ۽ تقدس سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سندس آواز، سندس ڪافيون ۽ سندس خدمت خلق واري زندگي اڄ به ماڻهن لاءِ الهام بڻيل آهي. ڪنور رام بابت اڳ ۾ ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون لکيا ويا آهن، پر گهڻو ڪري اهي لکڻيون ٻڌل ڳالهين، لائبريرين ۾ موجود مواد ۽ اڳين حوالن تي ٻڌل هيون. نتيجي طور ڪنور رام جي شخصيت ۽ سندس وفات بابت ڪيترائي مونجهارا به پيدا ٿيا. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي نامياري ليکڪ ۽ محقق مولائي ملاح جو نئون ڪتاب “ڀڳت ڪنور رام: فن ۽ فڪر جو سنگم” هڪ نئين دري کولڻ جي برابر آهي. هي ڪتاب تحقيق، نواڻ ۽ ميداني ڪم جي ڪري ٻين سڀني ڪتابن کان نمايان آهي.
ڪنور رام، پنهنجي دور ۾ محبت جو علمبردار هو. هو نه فقط ڀڳت طور راڳ ۽ ڪافيون ڳائيندو هو، پر سندس فن ۾ انسانيت سان بي لوث محبت سمايل هئي. سندس آواز ۾ اهڙو سوز ۽ اثر هو، جيڪو مذهبي ۽ سماجي فرق مٽائي ڇڏيندو هو. مسلمان هجن، هندو يا سِک، ڪنور رام سڀني لاءِ هڪ جهڙو محبوب هو. سندس لاءِ انسانيت ئي وڏي عبادت هئي ۽ خدمت ئي سندس اصل سچائيءَ ۽ سڃاڻپ هئي. هو هر غريب، مسڪين ۽ ڏکن سان جهيڙيندڙ انسان جو ساٿي هوندو هو. ڪنهن جي بُک لاهڻ جو سبب بڻبو هو ته ڪنهن جي دل جي اڪيلائيءَ جو ڀرجهلو بڻبو هو. سندس زندگيءَ جو پيغام ئي اهو هو ته پيار ۽ اخلاص ذريعي دنيا ۾ امن قائم ٿي سگهي ٿو. اڄ جڏهن سماج نفرتن ۽ ورهاستن ۾ ورهايل آهي، تڏهن ڪنور رام جو پيغام وڌيڪ اهم ۽ وقتائتو لڳي ٿو.
مولائي ملاح جو هي ڪتاب ٻين کان ان ڪري به منفرد آهي، جو ليکڪ محض اڳين حوالن تي ڀاڙڻ بدران ميدان ۾ لهي تحقيق ڪئي آهي. هو ميرپورماٿيلو، حيات پتافي، جروار، ڏهرڪي ۽ رهڙڪي جهڙن ماڳن تي وڃي ماڻهن سان مليو آهي، جتي ڪنور رام بابت سينا به سينا ڳالهيون زنده آهن. ان ميداني تحقيق جي ڪري ڪتاب ۾ اهڙا حوالا ۽ حقيقتون سامهون آيون آهن، جيڪي اڳين ڪتابن ۾ يا ته موجود نه هيون يا غلط نموني بيان ڪيون ويون هيون.
تاريخي مونجهارن جو حل ڪڍڻ لاءِ مولائي لڪير جو فقير بڻجڻ بجاءِ انهن ماڳن مڪانن جو به سير ڪيو آهي، جتي ڪنور رام ڄائو، پليو، نپنو ۽ پڙهيو. مطلب ته مولائي ملاح تحقيقي انداز ۾ ڪتاب جي ڪم لاءِ سسئي وارا پنڌ به ڪيا آهن، ڪنور رام جي وفات ۽ سندس آخري رسمن بابت ڪيترن ئي ليکڪن مختلف تاريخون ۽ هنڌ لکيا آهن. ڪي 2 نومبر ٻڌائين ٿا، ڪي 3 نومبر ۽ ڪي 5 نومبر. ساڳيءَ طرح آخري رسمن لاءِ ڪڏهن جروار جو نالو ملي ٿو ته ڪڏهن رهڙڪي جو. هن تضاد سبب پڙهندڙ مونجهاري ۾ مبتلا ٿي ويندا هئا.
مولائي ملاح پنهنجي تحقيق ۾ واضح ڪري ٿو ته ڪنور رام جي وفات 1 نومبر جي رات جو 10 وڳي رُڪ ريلوي اسٽيشن تي ريل ۾ ٿيل حملي سبب ٿي. سندس تدفين 2 نومبر تي ۽ آخري رسمون رهڙڪي درگاهه تي ٿيون. سندس خاڪ پڻ رهڙڪي ۾ دفن آهي. اڄ به هر سال 10 کان 13 اپريل تائين رهڙڪي ۾ ڪنور رام جي جنم ڏينهن جي مناسبت سان ميلو لڳي ٿو. ساڳيءَ طرح هڪ مشهور واقعو، جنهن ۾ چيو ويندو آهي ته ڪنور رام مير علي مراد خان ٽالپر وٽ پورهيت جو پٽ آزاد ڪرائڻ لاءِ ويو، ان بابت به ليکڪ وضاحت ڪري ٿو ته اها ڳالهه صحيح ناهي. ڇو ته ٽالپر مير علي مراد جي وفات 1894ع ۾ ٿي ۽ ان وقت ڪنور رام جي عمر صرف 9 سال هئي. اهو واقعو دراصل فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ سان منسوب آهي. اهڙيءَ ريت ملاح صاحب تحقيق سان ڪيترن ئي تاريخي غلطين ۽ مونجهارن کي درست ڪيو آهي.
ڪنور رام جي ڳايل ڪافين بابت به گهڻي وقت کان تڪرار رهيو آهي. ڪي چون ٿا ته هن فلاڻي شاعر جون ڪافيون ڳايون، ڪي وري ٻين شاعرن سان نسبت ڏيندا رهيا. نتيجي طور ڪيترن ئي ڪافين جي نسبت اصل شاعر بدران ڪنهن ٻئي جي نالي سان مشهور ٿي وئي. مولائي ملاح هن بحث کي به تحقيق سان واضح ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ڪنور رام جي ڳايل اصل ڪافين جا شاعر بيان ڪيا ويا آهن، جنهن سان پڙهندڙن کي صحيح ڄاڻ ملي ٿي. ڪتاب ۾ جتي جتي هندي ٻوليءَ جا لفظ آيا آهن، اتي سنڌي ۾ معنيٰ به ڏني وئي آهي ته جيئن پڙهندڙ آسانيءَ سان سمجهي سگهي.
“ڀڳت ڪنور رام: فن ۽ فڪر جو سنگم” 94 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل مهراڻ سهتو ۽ لي آئوٽ ظفر آفتاب ابڙو جو ٺاهيل آهي. ڪتاب جي ٻولي سادي، روان ۽ عام پڙهندڙ لاءِ سمجهڻ لائق آهي. ليکڪ ڪٿي به ڳرا لفظ يا غير ضروري پيچيدگيون پيدا نه ڪيون آهن، جنهن ڪري ڪتاب هڪ ساهي ۾ پڙهڻ جهڙو آهي. قيمت 300 رپيا رکي وئي آهي، هن مختصر، پر جامع ڪتاب ۾ جيڪا ڄاڻ ڏني وئي آهي، اها پڙهندڙ لاءِ انمول آهي.
مولائي ملاح جو هي ڪم ڪنور رام بابت هڪ نئون باب کولڻ جي برابر آهي. اڳين ليکڪن جا ڪم به اهم آهن، پر گهڻو ڪري ورجاءُ ۽ ٻڌل ڳالهين تي ٻڌل هجڻ ڪري تحقيق جي ڪمي محسوس ٿيندي هئي. هي ڪتاب ان خال کي ڀري ٿو. ملاح صاحب نه رڳو ڪنور رام جي حياتيءَ بابت درست تاريخون ڏئي ٿو، پر سندس فن ۽ فڪر جي حوالي سان به نڪور مواد پيش ڪري ٿو. هي ڪتاب ڪنور رام کي هڪ صوفي، راڳي، شاعر ۽ انسان دوست جي حيثيت سان سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ان سان گڏوگڏ پڙهندڙ کي سنڌ جي صوفيانه ورثي ۽ بين المذهبي ڀائيچاري جي روايت بابت به اهم ڄاڻ ملي ٿي.
“ڀڳت ڪنور رام: فن ۽ فڪر جو سنگم” هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو نه رڳو ڪنور رام جي شخصيت کي نئين تحقيق جي روشنيءَ ۾ پيش ڪري ٿو، پر گڏوگڏ پڙهندڙن کي محبت، امن ۽ انسان دوستيءَ جي صوفياڻي پيغام سان به روشناس ڪرائي ٿو. اڄ جي ورهايل سماج لاءِ ڪنور رام جو پيغام انتهائي اهميت رکي ٿو. مولائي ملاح جو هي ڪم يقينن سنڌ جي ادبي، تحقيقي ۽ روحاني ورثي ۾ هڪ قيمتي اضافو آهي. هي ڪتاب پيڪاڪ پبلشر ڪراچي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.