بلاگنئون

ڀٽائي هڪ مفڪر، محقق ۽ جديد دور جو فلسفي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي هن جديد دور جي فلسفياڻي علم جو پروفيسر اعظم، فلڪيات جو زبردست ڄاڻون، سائنسي دور جو نقاد، مشاهداتي علم جو عظيم محقق، فرقا پرستي جو سخت مخالف، انسانيت جي پيروڪار ۽ علمبردار سان گڏوگڏ هن جديد دور جو زبردست سياستدان به آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن مان جيڪا ڄاڻ ملي ٿي، جيڪڏھن انهن شعرن تي تحقيق ڪجي ته دنيا جو تمام علم انهن شعرن ۽ بيتن ۾ سمايل نظر ايندو، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ تعصبي بنياد پرست علمي، ادبي اڪابرين شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڏنل علم تي تحقيق بجاءِ کين مسلسل نظر انداز ڪندا پيا اچن. هن دنيا جي عظيم ڏاهي پروفيسر جي علمي خزاني کي مزار تي چادرون چاڙھي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ٻئي طرف دنيا جا محقق شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڪائناتي يونيورسٽي جي عظيم پروفيسر جي خطاب سان نوازي رهيا آهن پر بدقسمتي سان اسان شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي پير چئي چادرون چاڙھي ان جي علم ۽ شعور کي سمجهڻ کان هميشه قاصر آهيون. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن مان ڪل ڪائنات جي لاءِ فڪرمندي جو درس ملي ٿو، آئون يقين سان چئي سگهان ٿو ته شاهه صاحب انسانيت جو علمبردار ۽ روحاني حڪيم سان گڏوگڏ اعليٰ درجي جو عاشق يڪتا پرست نظر اچي ٿو.
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
هي روحاني دعائون شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي انسانيت سان محبت جو چٽو ثبوت آهن، تعصب کان پاڪ روحاني وجد سان سرشار هن عظيم مفڪر اعظم کي چادر ۾ ويڙھي ان جي علمي خزاني کان بي خبر سنڌ جا داناءَ ۽ اڪابر شاهه صاحب جي شعرن تي تحقيق شروع ڪن، مان دعويٰ سان چوان ٿو ته اسان کي علم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن جي يونيورسٽين ۾ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي، پر ٻاهرين ملڪن جا ماڻھو اسان وٽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ ضرور ايندا.
هلو هلو ڪورين نازڪ جنهين جو نينھ،
ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.
هي سٽون انسانيت سان محبت جو چٽو درس ڏين ٿيون، اسان سنڌي تمام گهڻا سست طبيعت ۽ مرده پرست رهيا آهيون، هاڻي انهن روايتن کي دفن ڪرڻو پوندو سجاڳ ٿي شعور کان ڪم وٺڻو پوندو نه ته اسان جا ايندڙ نسل اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندا، شاهه عبداللطيف ڀٽائي پير نه پر علم جو خزانو آهي، جيڪڏھن ان جي شعرن تي تحقيق ڪبي ته ڪل ڪائنات جو علم ان جي چيل بيتن ۾ سمايل نظر ايندو، شاهه عبداللطيف پنهنجي سڄي ڄمار پنهنجي عقيدتمندن سان گڏ سفر ۾ ڪائنات جو مشاهدو ڪندي گذاري ڇڏي، شاهه صاحب جنهن جنهن خطي جو سفر ڪندو هو ان علائقي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ريتون رسمون پنهنجي هم سفر عقيدتمندن کان قلمبند ڪرائيندو هو انهيءَ ڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي مشاهداتي شاعر ۽ روحاني حڪيم چيو وڃي ٿو، هن هميشه انسانيت سان پيار، پاٻوھ، پريت ۽ انسان جي اندر جي ڪيفيت کي محسوس ڪرڻ جي جستجو ۾ زندگي جو سفر جاري رکيو. شاهه عبداللطيف روحاني وجديت ۽ عاشق مزاج طبيعت جو مالڪ هو، هن جو عشق تخليقي ۽ مزاج معصوم هوندو هو جڏهن به شاهه عبداللطيف قدرت جي خوبصورت تخليق ۽ نظارن کي پسندو هو ته هن جي روحاني ڪيفيت ۽ وجد مان جيڪي لفظ شاهه صاحب جي اندر مان نڪرندا هئا، ان جا هم سفر عقيدتمند اهي لفظ قلمبند ڪندا رهندا هئا، اهي شعر، فلسفا، ڪائنات جي ڪل علم پروفيسر شاهه صاحب جي تخليقي روپ ۾ اڄ به دنيا جي يونيورسٽين ۾ پڙهايا وڃن ٿا.
اک پرين جي اک ۾ اهو ڪٺلن آ جو ڪم.
لاهي ڏينس لطيف چئي سسيءَ سوڌو چم.
توڙي نڪري دم ته به اک پرين جي اک ۾.
شاهه صاحب جي هنن سٽن مان عشق جو چٽو اهڃاڻ ملي ٿو. اهو انسانيت سان سچي محبت ۽ عاشق يڪتا پرست طرف چٽو پٽو اشارو آهي. موجوده دور جي شاعرن، دانشورن، اديبن ۽ محققن کي شاھ صاحب تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي چادرون چاڙهڻ بجاءِ ان جي علمي ادبي خزاني کي غور ۽ فڪر سان پڙهو، ان ۾ تمام گهڻو علمي فڪر ۽ ڪائنات کي سمجهڻ جا فارمولا موجود آهن. شاهه عبداللطيف جي دور ۾ فارسي، علمي، ادبي توڙي سرڪاري زبان هئي، ان دور جا ماڻهو فارسي ٻوليءَ جا قائل هئا، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ان وقت جي رائج قدرن خلاف آواز اٿاريو ۽ ان دور ۾ به سنڌي شاعري ۽ سنڌي ٻوليءَ جون پاڙون پختيون ڪيون.
جي تون بيت ڀائين سي آيتون آهين،
نيو من لائين پريان سندي پار ڏي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سوچ ۽ فڪر ۽ علمي، ادبي خيال پيش نظر آهي، توهان دوستن جي رهنمائي جو منتظر آهيان.