نئون

روس جي ماهرن بم پروف لباس تيار ڪري ورتو

روسي ماهرن حيرت انگيز بم پروف لباس تيار ڪري ورتو آهي جيڪو نه صرف گولين کان محفوظ رکي سگهي ٿو پر پائڻ واري کي بم جي حملي کان به محفوظ رکي سگهي ٿو. سوٽ تيار ڪندڙ ڪمپني جو چوڻ آهي ته اهو نه صرف پائڻ واري کي محفوظ رکي سگهي ٿو پر اهو آسپاس جي ماحول کان به با خبر رکي سگهي ٿو. هي لباس هر قسم جي موسم لاءِ به ڪارآمد هوندو. هن قسم جي لباس خاص طور تي فوجين جي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو انهن کي جنگي ميدان ۾ بمن جي حملن کان محفوظ رکندو آهي. هن لباس کي پائي اهي فوجي لينڊ مائين جهڙن علائقن ۾ به گهمي سگهندا.