ايڊيٽوريلنئون

آبناءِ هرمز جو تڪرار: عارضي جنگبندي کان اڳتي مستقل امن جي ڳولا

موجوده عالمي حالتن ۾ آبناءِ هرمز هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سياست جو مرڪز بڻجي ويو آهي. ايران پاران عارضي جنگبندي جي بدلي هن اهم سامونڊي رستي کي کولڻ کان انڪار نه رڳو هڪ سفارتي بيان آهي، پر اهو عالمي طاقت جي توازن، بي اعتمادي ۽ مفادن جي ٽڪراءَ جو واضح اظهار پڻ آهي. هي صورتحال صرف وچ اوڀر تائين محدود ناهي، پر ان جا اثر سڌو سنئون عالمي معيشت ۽ توانائي جي مارڪيٽن تي پون ٿا. آبناءِ هرمز کي دنيا جي توانائي فراهمي جي “شهه رڳ” سڏيو وڃي ٿو، جتان روزانو لکين بيرل تيل دنيا جي مختلف ملڪن ڏانهن منتقل ٿئي ٿو. اهڙي اهم رستي بابت ڪنهن به قسم جي غيريقيني صورتحال عالمي سطح تي تيل جي اگهن ۾ واڌ، مهانگائي ۽ معاشي بيچيني جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ايران جو اهو موقف ته هو عارضي قدمن جي بدلي پنهنجي اسٽرٽيجڪ فيصلا تبديل نه ڪندو، ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته هو ڊگهي مدي واري ضمانتن جو طلبگار آهي. تهران ۽ واشنگٽن جي وچ ۾ موجود بي اعتمادي هن بحران جو بنيادي سبب بڻيل آهي. ايران جو خيال آهي ته آمريڪا مستقل جنگبندي بابت سنجيده ناهي، جڏهن ته آمريڪا پنهنجي سياسي ۽ فوجي دٻاءُ ذريعي ايران کي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اهڙي ماحول ۾ عارضي جنگبنديون گهڻو ڪري مسئلي جو حل نه، پر رڳو وقتي وقفو ثابت ٿينديون آهن. هن نازڪ صورتحال ۾ پاڪستان جو ڪردار خاص اهميت اختيار ڪري ويو آهي. پاڪستان پاران پيش ڪيل جنگبندي فريم ورڪ، جنهن ۾ فوري جنگبندي ۽ بعد ۾ جامع معاهدي جي تجويز شامل آهي، هڪ مثبت ۽ تعميري ڪوشش آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان سرڪاري طور تي ڪنهن خاص تجويز جي تصديق يا ترديد کان پاسو ڪري رهيو آهي، پر سفارتي سطح تي سندس سرگرميون واضح ڪن ٿيون ته اسلام آباد خطي ۾ امن لاءِ سنجيده آهي. ساڳئي وقت چين به هن بحران ۾ اهم اسٽيڪ هولڊر طور سامهون اچي رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا پنهنجي عالمي اثر رسوخ کي برقرار رکڻ لاءِ سرگرم آهي، پر مسئلو اهو آهي ته هر ڌر پنهنجي مفادن کي ترجيح ڏئي رهي آهي، جنهن ڪري گڏيل حل تائين پهچڻ مشڪل ٿي پيو آهي. ايران جو ڪنهن به قسم جي ڊيڊ لائن يا دٻاءُ کي رد ڪرڻ، هن ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته صورتحال اڃا وڌيڪ ڇڪتاڻ ڏانهن وڃي سگهي ٿي.

ڊونلڊ ٽرمپ پاران ڏنل الٽي ميٽم ۽ ڊيڊ لائن ۾ واڌ به هن بحران کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي. اهڙا قدم سفارتي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ هوندا آهن، پر جڏهن سامهون واري ڌر اڳ ئي سخت موقف اختيار ڪري چڪي هجي ته نتيجي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي ٿي. ايران طرفان ممڪن جوابي ڪارروائين جون ڌمڪيون پڻ خطي ۾ وڏي پيماني تي تڪرار جو خطرو وڌائين ٿيون. هي بحران رڳو ٻن ملڪن جي وچ ۾ تڪرار ناهي، پر ان جا اثر سڄي خطي تي پئجي سگهن ٿا. خاص طور تي پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ جيڪي هڪ طرف ايران جا پاڙيسري آهن ۽ ٻئي طرف آمريڪا سان به لاڳاپا رکن ٿا، اهڙي صورتحال ۾ توازن برقرار رکڻ انتهائي اهم آهي. پاڪستان کي گهرجي ته هو پنهنجي غيرجانبدار حيثيت برقرار رکندي، سفارتي سطح تي امن لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکي.

آخرڪار، آبناءِ هرمز جو مسئلو دنيا کي اهو سبق ڏئي ٿو ته عارضي حلن بدران مستقل ۽ پائيدار امن جي ضرورت آهي. جيڪڏهن عالمي قوتون پنهنجي مفادن کان مٿي اٿي ڪري گڏيل حڪمت عملي اختيار نه ڪنديون ته اهڙا بحران بار بار جنم وٺندا رهندا. دنيا کي اڄ ڳالهه ٻولهه، اعتماد ۽ تعاون جي ضرورت آهي، نه ڪي دٻاءُ ۽ ڌمڪين جي. جيڪڏهن هن بحران کي سنجيدگي سان حل نه ڪيو ويو ته اهو نه صرف توانائي جي مارڪيٽن کي متاثر ڪندو، پر عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ به هڪ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو. تنهنڪري وقت جي اهم تقاضا اها آهي ته سڀ ڌريون گڏجي هڪ اهڙو حل ڳولين، جيڪو نه رڳو عارضي، پر مستقل امن جي ضمانت ڏئي.