جيڪي ماڻھو ھر معاملي کي برادرين جو معاملو بڻائي بيان ڪن ٿا، انھن تي افسوس ٿئي ٿو، ذات جي ھڪ جھڙائي جي بنياد تي سڏجندڙ سنڌ جي ڪا برادري، برادري طور تي ڪٿي به متحد نه ڏٺي وئي آھي، نه ئي ذات جي بنياد تي سنڌ ۾ ڪو متحد قبيلو ٿي سگھيو آھي. برادري ماڻھن جي ھڪٻئي سان تعلق کي ظاھر ڪري ٿي. مثال طور: منھنجي انھن سان برادري آھي جن سان منھنجو مرڻي پرڻي يا ڏُک سُک ۾ گڏ رھڻ جو سماجي تعلق آھي، ان جي ابتڙ جيڪڏهن ڪو منھنجي ئي شھر ۾ منھنجي ذات وارو رھي ٿو، آئون اُن کي نٿو سڃاڻان ۽ ھو مون کي نٿو سڃاڻي سو منھنجي برادري جو ڪيئن ٿيو؟؟ برادري جو لفظ صحافي برادري، استاد برادري، واپاري برادري، مزدور برادري، زميندار برادري ۽ ٻين برادرين لاءِ به استعمال ٿئي ٿو جتي ھڪٻئي سان ان برادري ۾ جڙيل ماڻھن جي ذات جي ڪا به ھڪ جھڙائي نه ھوندي آھي، بلڪِه انھن جي وچ ۾ ڪمن ۽ مسئلن جون ھڪ جھڙايون ھڪٻئي کي پاڻ ۾ جوڙين ٿيون. سنڌي ميڊيا شروع کان اڄ تائين برادرين جي لفظن کي تمام گھڻو ايڪسپولائيڊ ڪندي اچي، ھاڻ ته سوشل ميڊيا وڌيڪ معاملا بگاڙيا آھن، شھرن کان ايندڙ خبرن ۾ به عطائي صحافين جون لکيل اھڙيون خبرون به پڙھون ٿا جن ۾ لکيل ملي ٿو ته “ملاحن جي منشيات” “ميمڻن جي منشيات” يا “چانڊين يا لاشارين جي منشيات” ڇا منشيات به ڪنھن پوري برادري جي ٿيندي آھي ڇا؟ ھڪ ڪُتي ھڪ ٻَڪري کي ھڪ پاڙي ۾ چڪ ھنيو ته ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو، جھيڙي کي وري ميگھواڙ ۽ خاصخيلي برادرين جو تڪرار قرار ڏئي رپورٽ ڪيو ويو. ڇا ڪُتو ميگھواڙ برادري جو ھو يا ٻڪري خاصخيلي برادري جي ھئي؟ ٻئي برادريون سنڌ جي ھر ضلعي ۾ رھن ٿيون، اھي ايئن اھڙي تڪرار ۾ نالن سان ملوث ڇو ڏيکارجن جيڪو تڪرار ٻن گھرن يا ٻن ماڻھن جو ھڪ نجي معاملو بڻجي سگھي ٿو. شڪارپور ۾ ٻن ڌرين جي خوني تڪرار جو تازو راڄوڻي نبيرو ٿيو آھي، جنھن ۾ 46 خون ۽ 57 زخمي ثابت ٿيا آھن ۽ تقريبن 15 ڪروڙ جو مجموعي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آھي. لکيو ويو آھي ته ڪلھوڙن تي ھيترا خون ثابت ۽ ھيترو ڏنڊ ۽ جوڻيجن تي ھيترا خون ثابت ۽ ھيترو ڏنڊ، ان خوني تڪرار کي ڪلھوڙن ۽ جوڻيجن جي تڪرار جو عنوان ڏئي انتھائي غلط ۽ غير معروضي انداز ۾ رپورٽ ڪيو ويو آھي. اھڙو خوني تڪرار جنھن جون خوني حدون شڪارپور تائين محدود ھجن ان کي اھڙين ٻن ذاتين جو تڪرار جو نالو ڏجي جيڪي ذاتيون پوري سنڌ ۾ وسندڙ ھجن ڇا اھو صحافتي عمل مناسب ۽ معروضي آھي؟ شڪر ڪريون جو ذاتين جي ھڪجھڙائي جي بنياد تي ماڻھو قبيلن جي مخصوص صورتن ۾ متحد نه آھن نه ته اھڙي انداز واريون خبرون پوري سنڌ ۾ خانه جنگي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي ٿي سگھن ھا، جن کي روڪڻ لاءِ فورس جا ادارا ناڪافي ٿي سگھيا ٿي. ڊگھي عرصي کان ان انداز واري صحافت ھلي پئي. اُھي نظرياتي ماڻھو جيڪي “سنڌي” قوم جي اتحاد جي ڳالھه ڪن ٿا سي به ان معاملي بابت خاموش رھيا آھن. سنڌي ميڊيا جي اھڙي منفي رويي تي تنقيد نٿا ڪن ۽ اھڙيون مناسب تجويزون به نٿا ڏين جنھن سان صوبي جي ھڪ ڪنڊ جا نجي نوعيت جا تڪرار ٻين علائقن ۾ پکڙجڻ جي امڪانن کان رڪجي سگھن. اسان جڏھن ڪنھن انساني جان جي ناحق نقصان کي ڪنھن برادري سان منسوب ڪري بيان ڪريون ٿا ته اھو معاملو سوشل معاملو ٿيڻ جي بدران برادري جي کاتي ۾ وڃي ھڪ ذات جي ماڻھن جو ھيٺين سطح جو معاملو ٿي پوي ٿو. پوءِ به اسان اِن رينگھٽ کي نٿا ڇڏيون ۽ جاري رکيو اچون. گھٽ ۾ گھٽ ذميدار ميڊيا رپورٽر، ايڊيٽر، نيوز ڊائريڪٽر ته اِن ڳالھه جو خيال ڪن ته خبرن جا اھڙا غير معروضي انداز ڪيترا خطرناڪ ٿي سگھن ٿا؟ ھڪڙي ضلعي جا ٻن ڌرين جا تڪرار ايئن ڪڏھن نه ڪڏھن ٻئي ضلعي ۾ به شروع ٿي سگھن ٿا، جن نجي تڪرارن کي سنڌي ميڊيا ٻن برادرين جي تڪرار جو عنوان ڏئي تن تڪرارن کي اردو ميڊيا وري “دو قبائيل” لکي ٿي. جيڪڏهن سڀ ھڪ ذات وارا سنڌ ۾ ڌار ڌار قبيلا ھجن ھا ته ڪٿي به ھڪڙو خون پوري سنڌ جو امن بگاڙڻ لاءِ ڪافي ھجي ھا، پر ايئن بلڪل به نه آھي. جيڪڏهن ھڪ ذات جي بنياد تي ماڻھو قبيلي واري شڪل ۾ متحد ھجن ھا ته پوءِ ڪا اخبار اھو ڪڏھن به نه لکي سگھي ھا ته فيصلي ۾ “چانڊين تي 10 لک رپيا ڏنڊ”، ان طرح ڪنھن ذات جي اسم تي وار ڪنھن اخبار يا ٽي وي جي مالڪ جا رستا به بند ڪري، انھن عطائي صحافين سان به سنڌ ۾ روز مسئلا پيدا ٿين ھا جيڪي ذات جو ڪامن اسم ايئن استعمال ڪري رھيا ھوندا آھن، اھي شاعر به ڪٿي سڪون سان نه رھي سگھن ھا جن پنھنجي شاعريءَ ۾ ذات مونث استعمال ڪيا آھن. پوري ذات جي عزت کي للڪاريو آھي. سچ اھو آھي ته جيترا تڪرار ذات جي ھڪجھڙائي رکندڙ ماڻھن جي وچ ۾ سنگين نوعيت جا آھن اوترا تڪرار ٻن ذاتين جي ماڻھن جي وچ ۾ نه آھن، ھي ھڪ اھڙو يونڪ موضوع آھي، جنھن تي مون ھن کان اڳ به ڪئي ڀيرا تفصيلن، مثالن ۽ دليلن لکيو آھي، وڌيڪ دوست ھن معاملي ۾ رھنمائي ڪن ۽ پنھنجا رايا ڏين ته جيئن سنڌ کي سنڌي قومي بنيادن تي متحد رکڻ لاءِ راھون ھموار ٿي سگھن. سنڌ جي ماڻھن کي برادرين ۾ ورھايل ڏيکارڻ وارا رويا اصل ۾ سرداري نظام کي مضبوط ڪرڻ جي ھڪ غير دانسته ڪوشش آھي، جيڪا ھڪ اھڙي روايت بڻجي وئي آھي جنھن کي ھڪ نسل جاري رکي ٿو، ٻيو نسل ان کي اختيار ڪندو اچي ٿو. سنڌ جي مڙني دانشورن، گھڻ گھرن، سنڌي قوم جي ڳالھه ڪندڙن کي گھرجي ته سنڌ جي ھن اھم مسئلي تي غور ڪن ۽ ان بابت تجويزون ڏين ۽ ھن موضوع کي اڳتي وڌائين.