بلاگنئون

ماحولياتي گدلاڻ ۽ عالمي برادري

مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ 27 هون “موسمياتي بدلجندڙ صورتحال” تي اجلاس ٿي گذريو، ان گڏجاڻيءَ ۾ 134 ملڪن سان گڏ پاڪستان به شامل هو، جيڪو موسمياتي ڏمرن جو شڪار رهندو ٿو اچي، ان ڪري ته دنيا جا جيڪي وڏا صنعتي ملڪ يا گهڻو دونهون ڇڏيندڙ ملڪ آهن، انهن جي صنعتن يا گهڻي دونهين يا گھڻي ٽريفڪ جي پيهه سبب پيدا ٿيندڙ دونهين جو شڪار وري اهي ملڪ ٿين ٿا، جيڪي پنهنجي چلھه ٻاري دونهون به نه ڪري سگهندا هوندا، مشڪل سان اهي ملڪ ڪنهن ٻني ٻاري يا مال جي واڙن ۾ مڇرن جي عذاب کان دونهون ڪري سگهندا هوندا، پر موسمياتي ڏمرن ۾ اهو آهي ته “ڪري ڪوئي ۽ ڀري ڪوئي” ان ڪري غريب ملڪ جتي معاشرتي اڻبرابرين جو شڪار رهن ٿا اتي فطرت به پنهنجي حصي جي ناانصافي ڪري ٿي. جتي هٿراڌو مينهن وسائي سگهجن ٿا اتي اهي مينهن وري گھٽائي نٿا سگهجن. انهن 134 ملڪن مان رڳو اهي 20 غريب ترين ايشيائي ۽ 46 آفريڪي ملڪ ان موسمياتي ڏمر جو شڪار رهن ٿا، جيڪي صعنتي ترقي ۾ شمار ئي ناهن، جيڪي ڪنهن طرح ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي فضا ۾ ڇڏڻ جا ڏوهي به ناهن، کڻي اهي 20 ايشيائي ۽ 46 آفريڪي ملڪ جيڪي اڃان تائين ”سسٽينبل گلوبل گولز“ ۾ ساهي پٽي سگهڻ جهڙا به ناهن. انهن وٽ بنيادي تعليم کان وٺي، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ تائين يا صحت جي ويجهن مرڪزن کان وٺي کاڌي ۽ طبي سهولتن جي کوٽ کان وٺي زندگي جي بنيادي سهولتن جو فقدان رهي ٿو.

پر ٻيو الميو اهو به آهي ته اسان وٽ ريجنل تعاون نالي ماتر به ناهي، ڪو ملڪ ڪنهن به پاڙيسري ملڪ سان ٺهي ئي نٿو مثال افغانستان جي طالبان واري ڏمر جي ڪري اهي ملڪ ڪڏهن به هڪ ميز تي ويهي ڪا ڳالھه نبيرڻ لاءِ تيار ناهن، ڀارت سان ته اسان جي ڄائي ڄم کان ئي دشمني آهي، بنگلاديش کان وٺي جيڪي به عرب ملڪ آهن يا ايران سميت جيڪي به بالٽڪ رياستون آهن، اهي هڪٻئي سان ٺهن ئي ڪو نه ٿيون ته دک درد ڪنهن سان ويهي ونڊجن. اسان جا ادارا ايترا مضبوط ۽ سگهارا ناهن، جيڪي انهن شين ۽ مسئلن تي مٿو ٻڌي ويهن، هڪٻئي جو درد به سمجهن يا سمجهائي سگهن. ان ڪري علاقائي تعاون به ان معاملي ۾ وڏي اهميت جو حامل هجي ٿو. جيتري تيزيءَ سان “ايئر پليوشن” ۽ ماحولياتي آلودگي يا دونهين جي گھڻِ ٿئي ٿي، ان طرح سان ڪير به اپاءُ وٺڻ يا ڳالھه سمجهڻ لاءِ تيار ناهي. غريب ملڪن سان اها به ويڌن آهي ته اتي جيڪي شيون کُلي يا رَيزِڪي طرح استعمال ٿين ٿيون اهي ڪنهن طرح ڪنهن ترتيب يا نموني سان پيڪنگ ۾ دستياب نه ٿيون هجن ته ڳالھه سمجھه ۾ به اچي، پر ان جي ابتڙ اها ڳالهھ وڏي هوشياري جي ذمري ۾ ٿي اچي ته اسان جي خطي جو ڪنزيومر (شيون واپرائيندڙ) جڏهن به ڪو اٽو ٻاٽ ۽ يا ڪو کير کنڊ ڪنهن سيڌي سامان جي دڪان تان وٺي ٿو ته ان کان پوليٿين بيگس (پلاسٽڪ جون ٿيلهيون) ٻٽيون ڪرائي ٿو وٺي، جو مٿان واٽَ تي اها کير جي ٿيلهي يا اٽي جي ڪَلِي يا بُجڪي ڦاٽي نه پوي، پر ان ڪنزيومر يا دڪاندار کي اهو احساس ناهي ته ان پلاسٽڪ جي ٿيلهي (ڪَلِي) سان ماحول کي ڪيترو نقصان رسندو يا ڪيتري گدلاڻ ڦهلبي يا ان جي ابتڙ ماحول ۾ جي اهي ٿيلهيون ڪنهن گٽر يا روڊ رستي تي پيون جمع ٿينديون يا ڪچرو گھڻو ٿي ويندو يا گهٽي يا رستي تي جي ڪن ڪچري جا ڍير ٿي ويندا ته ڪيتريون بيماريون اٿلنديون يا پوءِ انهن بيمارين جي علاج جي لاءِ اسان جهڙا غريب ملڪ “ڊبليو ايڇ او” کي ويٺا ايلاز منٿون ڪندا. ان ڪري ضروري آهي ته انهن صنعتي ترقين کان علاوه به غريب ملڪ ڳتيل شهرن ۾ ماحولياتي گدلاڻ جي سببن تي به ڪو ضابطو آڻين.

”پوسٽ ڪووڊ سچوئيشن” جي ڳالھه پنهنجي جاءِ تي جيئن زلزلي جا “آفٽر شاڪس” هوندا آهن ائين اسان وٽ به يا کڻي سڀني غريب ملڪن ۾ جيڪي به ٻوڏون اچن ٿيون انهن جا به ڪي “آفٽر شاڪس” ٿين ٿا، جيئن ٻوڏون کڻي هٿراڌو يا “فليش فلڊس” هجن، پر انهن جي اچڻ ۽ وڃڻ به غريب ملڪن جي لاءِ وڏي ڏمر جو سبب هجي ٿو “هائيپير ڪلائوڊ ٽيڪنالوجيءَ” وارو بحث پنهنجي جاءِ تي، پر غريب ملڪن جي ڪچي وارن علائقن ۾ اڃان تائين “ريهيبيليٽيشن” جو عمل درآمد ناهي ٿي سگهيو. اهي غريب جن کان بارشن اجهو ۽ اٽو (معنيٰ بيٺل فصل) به کسي ڇڏيا هئا، اهي اڃان تائين ان مشڪل جو شڪار آهن، جنهن ۾ انهن غريبن جي لاءِ پنهنجن اجهن ۾ موٽي وڃڻ مسئلو آهي يا انهن وٽ ايتري ڌَراوتَ ناهي پئي جو اهي پنهنجا اجها وري ٺاهي سگهن، ان ڪري ڪلائيميٽ چينج واري ڳالهھ رڳو انهن جي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آهي، جو مينهن جي سٽَ نه سهي سگهندڙ جڏهن پَٽِ پيا تڏهن کان غريبن جو حال ويتر برو ٿي ويو. ان ڪري امير ملڪن جو ڪِيِتو لوڙن رڳو غريب ملڪن ٿا، جن وٽ نه ٽريفڪ جام آهي، نه ٽريفڪ جي ڪا بي سبب ڀيڙ آهي، نه ٽريفڪ جي ڪا دونهين واري ڳالھه آهي، انهن وٽ آسمان سدائين صاف ٿو رهي، جو ڏينهن جا به تارا ڳڻي سگهجن (يا پَرُسال وارين بارشن ۾ انهن غريبن ڏينهن جو تارا به ڏٺا) يا انهن وٽ صنعتن جي گھڻائي به ناهي جنهن ۾ اهو دعويٰ سان چئي سگهجي ته اهي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي اميشن يا اخراج ۾ ڪو ڀاڱي ڀائيوار به هوندا، ان ڪري ڪلائيميٽ چينج جا دعويدار اها ڳالھه به ڳڻن ته شيون ۽ تحقيقون ڪيئن اٿلائي پٿلائي غريب ملڪن جي جهوليءَ ۾ وڌيون وڃن ٿيون.

پاڪستان ته فرانس جي “اِي پي اي” جي جاڳرتا تحت 1992 کان وٺي ماحولياتي گدلاڻ تي پنهنجي حصي جي جاڳرتا ته ڪندو ٿو اچي، پر ڳالھه اها به آهي اسان وٽ علاقائي يا ريجنل ڪوآپريشن ٽڪي جو ناهي هوندو، اهو مڙئي اخبارن ۽ گڏجاڻين ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي، ان ڪري جو اسان وٽ شيون لسانيت ۽ مذهبيت جي رنگ ۾ اڃان تائين رنڱيل آهن، ان ڪري ملڪ به ان انتشار جو شڪار رهندا آيا آهن جنهن جي ڪري ڳالھه واضح ناهي رهي يا نٿي ٿي سگهي، ان ڪري ملڪن جي مابين ڳالهيون هجڻ ۽ ائين ڳالهيون ٿيڻ به ڪنهن ممڪنات جا پيغام کڻي پڄڻ هجي ٿو يا ملڪ جڏهن ڪنهن به طرح يا ڪنهن به فورم تي ڀائيچارو نٿا هلائين ته پوءِ شيون به ائين ئي هلنديون ٿيون رهن، ان ڪري بدلجندڙ آبهوا ۽ ان جا اثر به ان ڳالھه جا متقاضي آهن ته ملڪ پهرين پاڻ ۾ اهي ناتا بحال ڪن ان ڪري اسان جي ريجن ۾ جيڪي غريب ترين ملڪ آهن جن ۾ افغانستان ۽ نيپال کان وٺي 46 آفريڪي ملڪ جن ۾ ايٿوپيا يا صوماليا ۽ ڪينيا وغيره انهن ملڪن ۾ به اهو ئي آهي ته “جيڪو ڏاڍو سو گابو” ان ڪري انهن ملڪن سان به اها ئي ويڌن آهي ته انهن جي ڪچي آبادي سدائين يا هر سال مون سون جي بارشن ۾ لڙهي ٿي وڃي، گھٽ بارشن جي ڪري سُڪي ٿي وڃي يا جن هنڌن تي بارشن جي زيادتي آهي اتي هجڻ نه گهرجي يا جتي گهرجي اتي ٿئي نٿي يا جتي سوڪهڙي جي ڪري جاندار متاثر ٿين ٿا، جتي گھڻي پاڻيءَ يا بارشن جي گھڻائي جي ڪري انساني جانيون ۽ جيوت به اجل جو شڪار ٿي ٿا وڃن، ان ڪري بارشن ڪٿي رحمت ته ڪٿي زحمت ٿي ٿي پئي ۽ شيون متوازن نٿيون ٿين يا نٿيون ٿي سگهن.

ڳالھه وري به علاقائي تعاون يا تعصب پرستي جي ڪيون ته اسان جي خطي ۾ زندگي جا ڪارونهوار ته تعصب، لسانيت ۽ مذهبي ٺڳيءَ جي نظر ٿي ٿا وڃن يا جتي 75 سال رڳو ان ڳالهھ جي پِٽڪي ۾ گذري ويا آهن ته ڪشمير ڪنهن جو آهي، پاڻيءَ تي ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙا، ٻيلن جي واڍي، وڻن جي اڻهوند، جهنگن جي ڪٽائي واڌي، انهن ٻيلائي زمينن جو زرعي زمينن طور استعمال ٿيڻ يا آبي حيات جي نقصان جهڙا ظلم به ان علاقائي عدم تعاون جا مثال آهن، جن ۾ ڪجھه به نه ٿئي، پر ماحولياتي گدلاڻ جا اثر نمايان هجن ٿا يا ٿي پون ٿا. ان ڪري پوءِ ٻيون شيون به ممڪن يا آسان ٿي ٿيون پون. سڄي ملڪ ۾ زميني ورڇ ۽ زرعي زمينن جي وٺ وٺان يا جاگيرداري نظام جي ڪينسر ۾ انساني زندگي اجل جو شڪار ٿي ٿي وڃي. جڏهن بارشن جي گھڻائي ٿي پئي ٿي، جڏهن “فليش فلڊ” ان ڪري به ٿي ٿا پون جو جڏهن سرڪار وٽ اهو آپشن ۽ اختيار بچي نٿو ته ڪنهن کي جيارڻو آهي يا ڪنهن کي مارڻو آهي، ڪنهن کي ٻوڙي مارڻو آهي، ڪنهن کي بخش ڪري ڏيڻو آهي، ڪنهن جون زرعي زمينون بچائڻيون آهن، ڪهڙي ندي نالي يا ڪينال کي وَڍَ ٽُڪَ ۾ وري پنهنجي سياست ڪرڻي آهي. ان ڪري ڳالھه ساڳي ٿي بيهي ته اسان وٽ علاقائي تعاون ۽ عدم اعتماد جي فضا ۽ گھڻائيءَ جي ڪري فيصلا به غلط ٿي ٿا پون، جن جو اثر وري به اهو ئي ٿو بيهي ته ڪلائيميٽ چينج جي ڪري ماڻهن جي زندگي متاثر ٿي ٿئي يا ڪيتري بچاءُ واري ڪري سگهجي ٿي. عالمي ادارا به ان ڳالھه جي ڳڻتي ۾ آهن ته غريب ملڪن جا سسٽم سڌارجن، سياست سڌارجي، سماجي بڻاوٽ کي اپڊيٽ ڪجي يا ماڻهن جي اڻبڻت يا علاقائي بدمعاشي کي سڌو ڪجي، جن جي ڪري ڪلائيميٽ چينج ۽ ماحولياتي گدلاڻ جهڙا مسئلا ڪرُ کڻي بيهي ٿا رهن.