پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ميرپورخاص ۾ سيف هائوس موڪليل ناري کي عدالت وارثن حوالي ڪري ڇڏيو

ميرپورخاص ۾ 2 ڏينهن اڳ سيف هائوس موڪليل دمبالو واسڻ ناري رجيتا ڪولهي کي عدالت وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ناري جي بيان مطابق کيس زوري زبردستي اغوا ڪيو ويو هو ۽ هوءَ وجهه وٺي قيد مان نڪتي هئي، جڏهن ته عاشق احمداڻي جي دعويٰ آهي ته هن ساڻس شادي ڪئي هئي. عدالت ناري جي بيان بعد کيس وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ناري جي وارثن موجب نياڻي سان ظلم ڪيو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي.